آڊيو ليڪ ڪيس جسٽس بابر کان جسٽس اعظم جي عدالت منتقل

آڊيو ليڪ ڪيس جسٽس بابر کان جسٽس اعظم جي عدالت منتقل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. آڊيو ليڪس ڪيس کي جسٽس بابر ستار جي عدالت کان جسٽس اعظم خان جي عدالت منتقل ڪيو ويو آهي. جسٽس اعظم خان سڀاڻي آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا. ڪيس جي منتقلي جسٽس بابر ستار جي سنگل بينچ جي خاتمي سبب ٿي. ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب ۽ بشريٰ بي بي پاران آڊيو ليڪس خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو