آمريڪي حسينه مس يو ايس اي جي اعزاز تان دستبردار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مس يو ايس اي 2023 جو ٽائيٽل کٽيندڙ نوليا ووگٽ اوچتو ئي پنهنجو ٽائيٽل ڇڏي ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ورهين جي نوليا ووگٽ گذريل سال مس يو ايس اي جو اعزاز حاصل ڪيو هو.آمريڪي ماڊل سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪندي چيو ته مان سمجهان ٿو ته اهو فيصلو ڪيترن لاءِ حيران ڪندڙ ٿي سگهي ٿو، پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪريو، اسان جي صحت اسان جي دولت آهي.پنهنجي پيغام ۾ نوليا ووئگٽ لکيو ته مس يو ايس اي طور منهنجو سفر بامعنيٰ رهيو، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مون مس يو ايس اي 2023 جي ٽائيٽل تان استعيفيٰ ڏيڻ جو تمام ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.هن لکيو ته مون کي خبر آهي ته هي منهنجي لاءِ نئين سفر جي شروعات آهي. مون کي اميد آهي ته ٻيا به صبر ڪندا ۽ مان ذهني صحت کي ترجيح ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو