لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اڳوڻي صدر آصف زرداري تي تنقيد ڪئي آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آصف علي زرداري ڪالهه جيڪا راند کيڏي آئين ۽ جمهوريت سان پاڪستان جي جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر جي رول ڪال کي جمهوري روايتن سان کيڏڻ قرار ڏنو ويو آهي.آئين ۽ جمهوريت سان کيڏڻ تي هن چيو ته پ پ پنجاب ۾ دفن ٿي چڪي آهي، هاڻي پيپلز پارٽي صرف ن ليگ جي ماتحت تنظيم بڻجي وئي آهي.










