ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتاري جي 12 ڏينھن بعد آريان خان کي پھريون ڀيرو والدين سان واٽس ايپ تي وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب قيدين کي جيل مان وارثن ۽ وڪيلن سان وڊيو ڪال تي ڳالھائڻ جي سھولت ڀارت ۾ ڪورونا پابندين جي دوران متعارف ڪرائي وئي ھئي تھ جيئن قيدين کي ڪورونا وائرس جي امڪاني اثرن کان بچائي سگھجي. ڀارتي ميڊيا موجب آريان کي ٻڌڻي بعد عدالت مان جيل منتقل ڪيو ويو، جتي آريان جيل انتظاميا سان ڳالھائڻ جي لاءِ پنھنجي والده جو نمبر ڏنو ھو، جيل عملدارن گوري ۽ شاھ رخ خان سان ان جي پٽ جي وڊيو ڪال تي ڳالھ ٻولھ ڪرائي. رپورٽس موجب جيل عملدارن ٻڌايو تھ آريان والدين سان 10 منٽن تائين وڊيو ڪال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. جيل جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ آندل جوابدار تحويل دوران مھيني ۾ 2 کان 3 ڀيرا وارثن ۽ وڪيل سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگھن ٿا، ڳالھ ٻولھ دوران آريان خان روئي ويٺو ۽ هن والدين کي سوري به ڪئي. والدين کيس آٿت ڏيندا رهيا ته خير آهي حوصلو نه هاريو.










