واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪارا آريانا گرانڊي جا انسٽا گرام تي فالوئرز جو تعداد 20 ڪروڙ کان وڌي ويا. 27 سالن جي گلوڪارا دنيا جي پهرين عورت آهي جنهن ج ايتري وڏي تعداد ۾ فالوئرز آهن. يعني پاڪستان جي ڪل آبادي جيترا سندس فالوئرز آهن. ياد رهي ته دنيا ۾ هن وقت سڀني کان وڌيڪ فالوئرز پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جا آهن. جن جو تعداد پاڪستان جي ڪل آبادي کان به وڌيڪ يعني 23 ڪروڙ 70 لک آهن.










