راولپندي(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف جي ماءُ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته الله تعالٰي مرحوم جي روح کي ابدي سڪون عطا فرمائي ، الله تعالٰي مرحوم جي خاندان کي صبرجي توفيق عطا فرمائي. ياد رهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي والده زرين مشرف وفات ڪري وئي آهي. گهرڀاتين موجب ، بيگم زرين مشرف وڏي عرصي کان بيمار هئي ۽ فوت ٿي وئي.پرويز مشرف جي والده دبئي ۾ هن سان گڏ رهندي هئي. بيگم زرينه مشرف 1920 ع ۾ لکنؤ ۾ پيدا ٿي.










