اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف جو ملڪ جي معيشت بابت بيان سٺو آهي اسٽيبلشمينت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي سياست ۾ ڪيترو حصو وٺڻو آهي نيب ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت جي ترميم سان پاڪستان ۾ احتساب جو نظام ختم ٿي ويو آهي هن چيو ته شهبازشريف، مريم نواز، آصف زرداري جي ڪيسن جا فيصلا ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهن ته پاڪستان ۾ احتساب جو نظام ختم ٿي ويو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته رجيم چينج جو بنيادي مقصد احتساب جو نظام ختم ڪرڻ هو مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ سائفر اچڻ بند ٿي ويندا فواد چوڌري چيو ته هر ايم بي سي ۾ سائفر ڊپارٽمينٽ آهن هر ايمبيسڊر پنهنجي ملڪ ڏانهن سائفر اماڻي ٿو مريم نواز طارق فاطمي کان پڇا ڪري سائفر چا ٿيندو آهي پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ کي عمران خان جي اڪائونٽس بابت لکيو آهي اليڪشن ڪميشن قانون ناهي پڙهيو ڪيس جو فيصلو محفوط ٿيڻ کان پوءِ ايئن نٿو ٿي سگهي هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جا فنڊنگ ڪيس ڪيڏانهن ويا، نوازشريف، زرداري، گيلاني جا توشه خانه ڪيس ڪيڏانهن ويا حڪومت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ماتحت ادارو بڻائي ورتو آهي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سب جنرل پراسس مان گذري ايندا آهن اسان کي نون لڳندڙن تي اعتراض نه آهي لڳائيندڙن تي اعتراض آهي هن چيو ته سمورن مسئلن جو حل حقيقي آزادي مارچ آهي. هن دعويٰ ڪئي ته سڄي پاڪستان مان 20 کان 25 لک ماڻهو اسلام آباد پڄندا.










