آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو،مڪمل ڳڻپ ناهي ٿي:راهو

آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو،مڪمل ڳڻپ ناهي ٿي:راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو وفاق کان سنڌ ۾ آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته سموري سنڌ جي ڳڻپ اڃا مڪمل نه ٿي آهي، تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي,ملڪ جي مخصوص شهرن جي تاريخ وڌائڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي گھٽ ڳڻڻ واري عمل کي برداشت نه ڪنداسين,سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي. ھن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته نتيجا قبول نه ڪنداسين,سنڌ جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تائين آدمشماري جو عمل جاري رکيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو