آئيني اداري جي درخواست تي فواد چوڌري کي گرفتار ڪيو: پوليس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري تي اسلام آباد پوليس جو بيان سامهون اچي ويو آهي.فواد چوڌري کي رات دير سان ٿڪر نياز بيگ وٽان گرفتار ڪيو ويو ۽ رپورٽون آهن ته اسلام آباد پوليس کيس گرفتار ڪري وفاقي گادي واري هنڌ وٺي وئي.هاڻي ان حوالي سان اسلام آباد پوليس جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي آهي.اسلام آباد پوليس سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري خلاف آئيني اداري جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست تي داخل ڪيو ويو.اسلام آباد پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي ڌمڪيون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏين. وفاقي راڄڌاني پوليس وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري آئيني ادارن خلاف بدامني پيدا ڪري عوام جا جذبا مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪيس جي ڪارروائي قانون موجب ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو