آءِ ايم سان ڳالهين بابت ٽائم فريم نٿا ڏئي سگهون، ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جي حوالي سان ڪو به ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگھجي. آءِ ايم ايف جي ڪنٽري نمائندي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين جي پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي قدمن جو جائزو ورتو پيو وڃي. آءِ ايم ايف عهديدارن جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ٻي پاسي ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان ڪو به ٽائم فريم نٿو ڏئي سگھجي. واضح رهي ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جو چوڻ هو ته جلد آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان خوشخبري ملندي. ناڻي وارو صلاحڪار جيڪو ڳالهيون اڌ ۾ ڇڏي لنڊن ويو هو ۽ خوشخبري جو ٻڌي وري واپس آمريڪا آيو پر عين وقت تي خميس تي رٿيل پريس ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ بعد آمريڪا مان روانو ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي سعودي عرب وزيراعظم عمران خان کي جوائن ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو