آءِ ايم ايف اجلاس سڀاڻ طلب، 1.2 ارب ڊالر جي منظوري جو امڪان

آءِ ايم ايف اجلاس سڀاڻ طلب، 1.2 ارب ڊالر جي منظوري جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ڏني ويندي، شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 14 آڪٽوبر تي اسٽاف ليول جو معاهدو ٿيو هو، ۽ پاڪستان 1.2 ارب ڊالر جي قرض جي قسط لاءِ سڀئي شرطون پوريون ڪيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف قرض پروگرام تحت 1 ارب ڊالر ملندا، ۽ 200 ملين ڊالر پاڪستان کي موسمياتي فنانسنگ جي صورت ۾ جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جي شرط هئي ته بورڊ اجلاس کان اڳ ڪرپشن ۽ گورننس جي تشخيصي رپورٽ جاري ڪري، ۽ پاڪستان ڪرپشن ۽ گورننس جي تشخيصي رپورٽ جاري ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو