گڏ غيرن سان ڪن وار سنڌ تي پنھنجا ٿي غدار

عابد مھيسر
اسلامي جھموريا پاڪستان جو سنڌ ئي واحد صوبو آھي، جنھن سڀ کان پھرين پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي ۽ نئين اسلامي جھموري رياست پاڪستان جي کلي حمايت ڪئي ۽ پنھنجو سڀ ڪجھ پاڪستان مٿان واري ڇڏيو ، موٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين تي ھر قسم جو ظلم ۽ جبر ٿيڻ شروع ٿيو ، جيڪو اڃا تائين جيئن جو تيئن جاري آھي، پر سنڌين اف به نه ڪئي ۽ صبر سان سڀ ڪجھ سھندي پاڪستان جي بقاء لاءِ تن من ڌن قربان ڪري ڇڏيو ۽ دنيا اڳيان پاڪستان جو وقار قائم ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو ۽ جانين جا نذرانا به پيش ڪندا رھيا آھن۔ مولانا ڊاڪٽر اسرار احمد تڏھن ئي ته ھڪ خطاب م واضع ۽ چٽن لفظن ۾ اظھار ڪيو ته ”دنيا جي سنڌي ئي ھڪ واحد قوم آھي جيڪا پنھنجي ڌرتيءَ سان بيپناھ پيار ڪري ٿي جنھن ۾ سورھيه سرويچ پيدا ٿيندا رھيا ۽ سنڌ تان سر ڏيندا سرھا ٿيندا رھيا آھن ۽ سنڌي قوم پنھنجي ڌرتيءَ تان جانيون قربان ڪرڻ کان ڪين مڙندي آھي“۔ سنڌ جي سورھين ۽ سرويچن جو تاريخ ۾ وڏي شان ۽ مان سان ذڪر ڪيل آھي ، جن پاڪستان جي خاطر سرڌڙ جي بازي لڳائي ۽ سر ڏئي سرھا ٿيا۔
قائدِ عوام شھيد ذوالفقار جي شھادت سان پاڪستان کي شديد نقصان پھتو ۽ پوري دنيا ۾ عزت و وقار جي نظر سان ڏسجندڙ ملڪ پاڪستان يڪا يڪ تباھيءَ ۽ تنھائيءَ جي ڪِناري تي اچي بيٺو ۔ وڏي مشڪل ۽ سخت محنت سان پاڪستان کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو تمام گھڻي جفاڪشي ۽ جسارت ڪئي ، ڇو ته پاڪستان وجود وٺڻ کان پوء جلدي ئي سازشن جو شڪار ٿيندو رھيو . پھريون ڌَڪَ پاڪستان کي جنرل ايوب ھنئيو ۽ 1958ع ۾ نئين جنم وٺندڙ رياست اسلامي جھموريا پاڪستان کي اوائلي دور ۾ ئي لولھو لنگڙو بنائي وڌو ۽ اسلامي جھموريا پاڪستان جي جھمويت کي قتل ڪري مارشل لا لڳائي اقتدار تي قابض ٿيو ۽ پاڪستان جا ٻه وڏا درياء ڀارت کي ڀُڳڙن مٺ ۾ وڪڻي ڏنا ۽ سنڌو درياء جي پٺيءَ تي پھريون وار ڪيو ۽ گڏوگڏ سنڌ جون دريائي ڪنارن واريون سرسبز زمينون پنجاب ۽ سرحد جي فوجي جرنيلن کي سوکڙيءَ طور عنايت ڪيون ۽ سنڌ جي چند وڏن شھرن جي تاريخي ماڳن کي مسمار ڪرڻ خاطر ڀارت کان آيل نئين مسلم قوم کي انھن اھم تاريخي ماڳن قابض ڪيو ويو ، جنھن جو مثال پڪو قلعو حيدرآباد سنڌ وغيره سامھون موجود آھي ، جڏھن ته اھا به کلي حقيقت آھي ته ننڍي کَنڊَ جي ورھاست مھل ھتان جو تھذيب يافته پڙھيل لکيل ۽ سکيو ستابو سنڌي ھندو طبقو پنھنجا محل نما گھر ۽ ذرعي زمينون جاگيرون ھتي ئي ڇڏي ڀارت ھليا ويا ، جيڪي ڀارت کان آيل مسلم اردو قوم کي ئي ڏنا ويا ، حالانڪ جڏھن ڀارت مان مسلم اردو قوم نئين اسلامي ياست پاڪستان ۾ آيا ته رڳو سنڌ نه پر پوري پاڪستان ۾ انھن کي آباد ٿيئڻو ھو ، پر اھي سڀ جو سڀ سنڌ ۾ ئي آندا ويا ۽ ھڪ ننڍڙي صوبي تي وڏو بوج وڌو ويو ، جنھن سبب سنڌ صوبو سخت ڌُٻڻ ۾ ڦاسجي ويو ۽ نتيجتن سنڌ واسين جي دلين تي ڪو سٺو ۽ مثبت اثر نه پيو . مطلب ته منظم رٿاءَ سان پاڪستان تي ئي وار ڪيو ويو ۽ پاڪستان جو بنياد ئي ڌُڏي ويو ۽ 1965ع جي ڀارت کان سرحدن تان کٽيل جنگ تاشقند ۾ بين الاقوامي ڳالھ ٻولھ واري ٽيبل تي يعني ٽِياڪڙي واري گڏجاڻيءَ ۾ ايوب خان ھارائي ڇڏي ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو جو تڏھوڪي وزير خارجا واري منصب تي مقرر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ٽياڪڙي واري گجاڻيءَ ۾ عالمي اڳواڻن اڳيان ڪاغذ ڦاڙيندي غصي جو اظھار ڪيو ۽ اٿيو ھليو ويو . پاڪستان پھچندي ئي عھدي تان استعيفا ڏني ۽ حڪومت کان ڌار ٿي ۽ ھڪ نئين سياسي عوامي پارٽي جو بنياد وڌو ۽ پارٽيءَ جو نالو ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ رکيو ۽ ملڪ اندر عوامي سجاڳي آندائين ، سندس مقبوليت ڏسي مٿس ايوب حڪومت طرح طرح جا ظلم ڪرڻ لڳي .
نتيجتن مجبور ٿي ذوالفقار علي ڀٽو برطانيا ھليو ويو ۽ اتي ئي بطور قانون (LAW) جو ليڪچر طور ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ايوب خان جي ٻين ساٿين پاڪستان ۾ اقتدار تي قبضو ڪري پاڪستان ٽوڙي ڇڏيو ۽ بنگلاديش آزاد ملڪ بنجي ويو ۽ ڀارت کان 1971ع جي جنگ ۾ زلت آميز شڪست کاڌي ۽ نوي ھزار فوجي ڀارت وٺ قيد ٿي ويا ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي رُسوائي ۽ خواري ٿي ، پوءِ وري ھمراه برطانيا مان وڃي ڀُٽي صاحب کي ميڙ منٿ ڪري وٺي آيا ۽ ڀُٽي صاحب وڏي ھوشياري ۽ عقل کان ڪم وٺندي نه صرف ڀارت کان پاڪستاني فوج آزاد ڪرائي ، پر قبضو ڪيل علائقا به آزاد ڪرايا ۽ دنيا ۾ رسوا ٿيندڙ ملڪ کي اھو مان مرتبو واپس ڏياريو ۽ 24 سالن کان بغير آئين ۽ قانون جي ھلندڙ ملڪ کي اتفاق راءِ سان پھريون آئين ڏنو ۽ ملڪ کي مضبوط بنائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ 1974ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان ملي ائٽم بم جي تياريءَ جو بنياد وِڌو ڪيو ، جيڪا ڳالھ آمريڪا کي زھر جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي ۽ تڏھوڪي امريڪي وزير خارجا ھينري ڪئسينجر ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڌمڪيون ڏنيون ، جنھن تي ڀُٽي صاحب به کيس منھن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ پنھنجي ان مؤقف تي ۽ پروگرام تي قائم رھيو . ڀُٽي صاحب پنھنجي حڪومت دوران قاديانين کي آئيني ۽ قانوني طور غير مسلم قرار ڏنو ۽ مسلم دنيا کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻي گڏ ڪيو ۽ آمريڪا سميت يورپي ملڪن جون ننڊون حرام ڪيون . مطلب ته ڀُٽي صاحب ملڪ جي بقاءُ ۽ عزت و وقار جي لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ نتيجي ۾ کيس گھڻو ڪجھ سھڻو ۽ برداشت ڪرڻو پيو ۽ آمريڪا ضياء الحق نامي منحوس آمر ڊڪٽيٽر ذريعي ڀُٽي صاحب کان عوامي جھموري حڪومت کسي ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڦاسي ڏياري ۽ ان طرح پاڪستان جي بنياد تي ٻيھر وار ڪيو ۽ بظاھر قائم پاڪستان کي ٽوڙيو ويو . ضياء الحق سنڌ سان ته ھر طرح جي جبلت ۽ بربريت ڪئي ۽ سنڌين طرفان جڏھن ايم۔آر۔ڊي تحريڪ پليٽ فارم تان مزاحمت ۽ بغاوت جي تحريڪ برپا ٿي ته ضيائي ٽولي کي به زليل ٿيئڻو پيو ۽ سنڌين نڪري سنڌ تان سر ڏيئڻ شروع ڪيا ته مٿن بمباري ڪئي وئي ۽ ڪيترائي سنڌي سنڌ تان قربان ٿيا ۽ گھڻن ئي گرفتاريون پيش ڪيون ۽ جيلن ۾ اذيتون برداشت ڪيون ۽ جھموريت جي بحالي ٿي ته فائدا وري به پنجابين ۽ پٺاڻن کي مليا . بھرحال سنڌ ۽ سنڌين سعوبتون سَٺيون ۽ اڄ به سَھن پيا ۽ ان طرح ضيائي جابر ماٺ ڪري نه ويٺا ۽ ٻين ظلمن سان گڏ ڪالا باغ ڊئم ٺاھڻ جي ڀؤنڪ ڀؤنڪي ، پر ھرحال ۾ مُنھن ڀر ڪِرِيا ۽ اھڙيءَ ريت ضيائي ٽولي سنڌ ۽ سنڌين تي ارغونن ۽ ترخانن وانگر ھر طرح جا ظلم جاري رکيا ، جيئن ھڪ طرف افغانين کي سنڌ ۾ آڻي بد امني جو بنياد وڌو يعني منشيات ۽ اسلحو غير قانوني طور عام جام ٿيو ته سنڌ ۾ افغاني لکن جي تعدا ۾ غير قانوي طور آباد ٿيا ۽ وري ايم۔ڪيو۔ايم ٺاھي سنڌ کي شديد نقصان ڏنو ۽ سنڌ مان فيڪٽريون ۽ ڪارخانا ڪڍي کڻي پنجاب پھچايا ويا ۔ بھرحال سنڌ سورن ھيٺ اچي وئي ۔ شھيد سنڌ راڻي محترمه بينظير ڀٽو سنڌ سميت پوري ملڪ پاڪستان جي وارثي ڪئي ، پر پاڻ به خود مانگر مڇھ جي ور چڙھي وئي ، يعني سندس شادي آصف زردايءَ سان ٿي جيڪو آرام ۽ آسانيء سان خفيه ڌرين جو مُھرو ٿيو ۔ محترمه بينظير ڀُٽو وڏي جدوجھد ڪرڻ لڳي ، کيس به تڪليفن مان گذرڻو پيو ، ان دؤران ضياء الحق ظالم بابت قدرت جو فيصلو اچي ويو ۽ 17 آگسٽ 1988ع ۾ بھاولپور ويجھو فوجي جھاز جي فضائي حادثي سان آمريڪي سفير ۽ ورڪرن سميت ٽڪرا ٽڪرا ٿي مُئو ۽ ھڪ دفعو وري سنڌين ۽ پاڪستانين کي اميد جو ڪرڻو نظر آيو ۽ پ۔پ۔پ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ محترمه بينظير ڀٽو پھرين مسلمان عورت وزيراعظم بني ۽ ملڪ جون واڳون سنڀاليون پر ملڪ پاڪستان خاص طور صوبو سنڌ ٿرقيءَ بجاء تنزليءَ جو شڪار ٿي ۽ صوبي سنڌ ۾ بدامنيءَ سنڌواسي وڌيڪ تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ لڳا حالتون نھايت خطرناڪ ٿي ويون ۽ لڪل ھٿن پنھنجو مال ٺاھيو ۽ ارڙھن مھينن کان پوء وري قومي اسيمبلي ٽوڙي محترمه بينظير ڀٽو جي خاتمو ڪيو ويو ۽ سنڌ سنڌين کي تڙپائڻ جي رٿ تي عمل وڌيڪ تيزيءَ سان بحال ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ نواز شريف ٽولي جي اقتدار ارپيو ويو ۽ نوازشريف وزيراعظم ٿيندي ئي ضياءالحق جي پاليسين تي عمل پئرا رھيو ۽ پھريان سنڌو درياء جو پاڻي پنجاب جي حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ صوبي جي آمدني جو وڏو حصو وفاق جي نالي پنجاب حوالي ڪيو ۽ پي۔آءِ۔اي کي اڌمئو ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ پاڪسٽان اسٽيل جي خاتمي جو بنياد رکيو ويو ۽ سنڌ صوبي مان نڪرندڙ گئس کي خفيه رستن تان زيرِزمين پنجاب پھچايو ويو ۽ سنڌ مان نڪرندڙ پئٽرول غيرملڪي ڪمپنين جي زريعي ٻاھر وڪڻيو ويو ۽ حڪمران طبقي پنھنجي ڪميشن زريعي مال ٺاھڻ لڳي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ سنڌين سان ان جُٺُ ۽ ويڌن تي خاموش رھي ۽ ڪنھن به اڳواڻ سنڌ جي حق ۾ آواز نه اٿاريو ۽ سنڌ نشاني آندي وئي ۽ سنڌ صوبي عوامي ضرورتن کي نظراندار ڪندي صرف پنجاب جو ئي ڀلو سوچيو ويو ۽ ان طرح نوازشريف کي اقتدار ھٺائي وري پاڪستان پيپلز پارٽيء کي اقتدار تي آڻي ڪجھ لڪل سنڌ سنڌي دشمن سازشن تي عمل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ وري محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻي سندس (ڀاء تنھن وقت جي) سنڌ اسيمبليء جي ميمبر مرتضا ڀٽو حوالي ڪرڻ خاطر ساڻس 22 سيپٽمبر 1996ع تي ملاقات طيء ڪئي ، جيڪا ڳالھ ڪجھ سياسي ڌرين کي ھرگز پسند نه آئي ، ڇو ته مرتضا ڀٽو ھڪ ايماندار ۽ سچو بھادر انسان ھو ، جيڪو ڪڏھن به ظالمن کي معاف نه ڪري ھا ۽ سنڌ سنڌين سميت پوري پاڪستان جي عوام جي لاء ڀلو سوچي ۽ ڪري ھا جيڪا ڳالھ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز شريف گروپ سميت پوري پاڪستان جا سياستدان نه پسند ڪندڙ آھن ، تڏھن ته گذريل 35 سالن کان سنڌ سنڌين سميت پورو پاڪستان لوڙي رھيو آھي ، بھرحال 21 سيپٽمبر 1996ع جي ھڪ رات مرتضا ڀٽو کي سنڌ پوليس ھٿان بيدرديءَ سان شھيد ڪيو ويو ، تنھن وقت پاڪستان جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي جڏھن خبر پئي ته پاڻ ڀاء جي بيوقتي وڇوڙي جو غم نه سَھَي سَگھي ۽ پيرين اگھاڙي ڪراچي پھتي ، وري مھيني اندر ئي پاڪستان پيپلز پارٽيء کي اقتدار کان ھٽائي نوازشريف کي اقتدار تي آندو جنھن وري سنڌ دشمن پاليسين تي عمل شروع ڪيو ۽ پھريان پاڪستان اسٽيل ملز ڪراچيء کي مڪمل طور مسمار ڪرڻ جي اھم رٿ تي عمل ڪندي روسي انجنيئرن کي ڪراچيء ۾ بم ڌماڪي ۾ مارايو ۽ پي۔آء۔اي کي به ھلايو ۽ سندس ويجھي عزيز شاھد خاقان عباسيء جي نالي سندن خانگي جھاز ڪمپني کي سرعام آندو ۽ گڏوگڏ سئي گئس جون ڪجھ لڪل زخيرو پنجاب تائين زيرزمين پھچايو ۽ ھر قسم جي سنڌ مان ملندڙ معدنيات پنجاپ کي پھچائي ، اھڙيءَ مھنگائيءَ جو به چڱو خاصو بنياد رکيو ان دؤران کيس وري اقتدار تان ھٽايو ويو ۽ جنرل مشرف ملڪ جو اقتدار سنڀاليو ۽ سنڌ جي وزيراعلا جي ڪرسي سنڌ دشمن سنڌيءَ جي حوالي ڪئي ، جنھن به ساڻس گڏجي سنڌ جي پُٺيءَ تي ڀري ڀري وار ڪيا ۽ سنڌ سنڌين کي وڏو نقصان پھچايو ايتريقدر سنڌراڻي محترمه بينظير ڀٽو به شھيد ڪرايو ويو پر پاڪستان پيپلز پارٽي ھن دفعي خاموش رھي ، جڏھن ته عام سنڌي تمام وڏي احتجاج تي ٻاھر نڪتو ۽ تاريخ شاھد آھي پوري دنيا ۾ ڪئين عوامي خيرخاوھ ليڊر ماريا ويا پر احتجاج به ٿيا پر ايترا وڏا احتجاج دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ نه ٿيا ۽ شايد ڪڏھن ٿيندا به نه!
محترمه جي شھادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي لڳاتار گذريل 15 سالن کان صوبي سنڌ ۾ ته اقتدر ۾ رھي آھي پر الله گواھ آھي سنڌ ڏرتي لاڳيتو تباھيءَ جو شڪار ٿي رھي آھي ، حالانڪ 2008ع کان 2013ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان جي وفاقي حڪومت به سنڀالي پر جيڪو ڪجھ سنڌ سان ٿيو ، اھو سڀ جو سڀ سامھون آھي ، ڪجھ ڪم چڱا به ٿيا ، پر وقت اچڻ تي سنڌ جا ٻيٽ به وڪيا ۽ ڪراچيء سنڌ جي سنڌي ڳوٺن کي وڪيو ۽ بحريا ٽائون جو بنياد رکيو ۽ گڏوگڏ حيدرآباد سنڌ جي گنجو ٽڪر وڪيو ۽ ڪارنجھر جبل جو اھم فطري قيمتي پٿر وڪڻي ڇڏيو ۽ ڪاروڪوئلو به وڪيو باقي ٿر م بجلي جو ڪم ڪيو سو به صرف سياسي فائدي خاطر ، جڏھن سنڌ ۽ سنڌي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل رھيا وري نوازليگ اقتدار ۾ آئي ته وري سنڌ سنڌي وڏي تڪليف ۾ پيا ۽ ان کان پوءِ پاڪستان کي تباھ ڪرڻ جي پروگرام سان پاڪستان تحريڪ انصاف کي اقتدار پاڪستان ۾ آندو ويو جنھن ته بلڪل پوري ملڪ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اسلام جي توھين ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي ۽ اڄ پورو پاڪستان خاص ڪري سنڌ سورن ۾ آھي ۽ عمران خان پاڪستان ڪجھ حالتن ۾ ھجڻ جي باوجود آءِ۔ايم۔ايف وٺ گرويءَ ۾ رکي پنھنجو مال ٺاھيو ۽ پھريان ته ڀاشاڊئم جي نالي تي 20 ارب روپيا گڏ ڪيا . وري ھڪ بھاني تحت اقتدار پاڻ کي الڳ ڪري معتبر ۽ معزز ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف ٿيو جنھن ته اڃا به وڏي تباھي آندي ۽ اڄ عام پاڪستاني روزه ڪشي ۽ فاقه ڪشيء جو شڪار آھي ۽ ھيسيتائين سنڌ صوبي ۾ ھزارين ماڻھو خودڪشيون ڪري چڪا آھن ۽ اھو عمل جاري آھي ۽ صوبو سنڌ يتيم ۽ لاوارثيءَ واري دؤر مان گذري رھيو آھي سواء چند سياسي قومپرست ۽ عوامي احتجاجن جي باقي سڀ خاموش ننڊ ۾ ستل آھن باقي وري جڏھن چونڊن جا ڏينھن ايندا ته اصل سنڌ سنڌين لاء مرڻ پيا محسوس ڪرائيندا ، ڏکئي وقت ۾ سنڌ سميت پاڪستان کي نظر ڪيو ويندو رھيو آھي ، مثال طور جيئن 2010 ۔ 2011ع ۾ آيل ٻوڏن دوران سنڌ سنڌي ٻڏندا ۽ مرندا رھيا ۽ سندن تقريبن گھڻو ڪجھ ختم ٿيو ، حڪمرانن رڳو ٺلا اعلان ڪيا ۽ پوري دنيا کان امداد وصول ڪئي پر سنڌ سنڌي تڙپندي تڙپندي اھو وقت ڪڍي آيا گھڻا ٻڏي مئا ۽ گھڻا ايئن ئي ختم ٿي ويا پر حڪمرانن کي ذري ڀر به قياس نه آيو ڪنھن غريب عوام تي ۽ ايئن ئي 2022ع واري خطرناڪ ٻوڏ ۾ پاڪستان جا اھم صوبا سنڌ ۽ بلوچستان تمام گھڻو ٻوڏ جي نقصان ۾ پئجي ويا ۽ ھر فصل تقريبن ختم ٿي ويو پر حڪمرانن رڳو اعلان ئي ڪيا پر اڄ ڏينھن تائين رڳو پنجاب پاڪستان کي سنڀاليو ، جتي ڪا به ٻوڏ نه آئي ، پر سنڌ صوبي ۾ اعلان ڪيا ويا ، سواء خطرناڪ مھنگائيءَ جي ڪجھ به نه مليو ۽ وزيراعظم پاڪستان ، وزيراعلا سنڌ جا ڪيل اعلان صرف اعلان ئي رھجي ويا باقي ڪنھن ٻوڏستايل غريب مسڪين سنڌيءَ کي ڪجھ به نه مليو ۽ سنڌ لڳ ڀڳ برباد ٿي وئي ، سنڌ ۽ بلوچستان صوبي حالتون خراب ئي آھن ، بس!!! ۔ سنڌ سنڌين سميت پوري پاڪستان جو الله واھي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو