واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل آمريڪي شهري طور پاڻ کي پي ٽي آءِ جو پرڏيهي ايجنٽ طور رجسٽرڊ ڪرايو.شهباز گل پاڻ کي آمريڪي پرڏيهي ايجنٽ رجسٽريشن ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪرايو، جنهن کانپوءِ آمريڪي انصاف واري کاتي شهباز گل کي رجسٽريشن نمبر جاري ڪيو.شهباز گل انصاف واري کاتي کي پي ٽي آءِ جي آمريڪا ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ فنڊ ريزنگ جي تفصيل کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن هلندڙ سال 19 اپريل کان 9 مئي تائين آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جي 9 ملاقاتن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن. آمريڪي رجسٽريشن دستاويزن ۾ ڏنل بيان ۾ شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ جمهوري قدرن جي ڀڃڪڙين بابت آمريڪي ادارن کي آگاهه ڪندس، آمريڪي پاڪستانين ۽ آمريڪي سينٽرن سان ملاقاتون ڪندس. آئون آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ انصاف واري کاتي سان به ملاقاتون ڪندس.
