ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي هارين جو علامتي جنازو

ساقي ارشاد لورڙ
هاريء جي زمين ۾ ،جيتري تائين سندس نظر ويندي اٿس جتي اکين تائين زمينون پکڙيل هونديون اٿس اتي ڄڻ ته سندس فصل نه هن جي زندگيءَ جي هر حصرت خواهش پنهنجي ڪهول جي هر خوشي ڄڻ ته ان زمين ۾ پوکيل هوندي اٿس , ۽ هو پنهنجون سموريون خواهشون ان فصل سان گڏ ٻنيء ۾ پوکيندو رهندو آهي اوتري تائين جيسي تائين سندس فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ نه اچي ، ۽ اتي ئي (مارڪيٽ) ۾ وڏي خاموشيء سان سندس جنازي جو جلوس ڪڍيو ويندو آهي. جو وري هو سڄي سال لئي نئين سري سان قرضي بڻجي ويندو آ هو ٻج ڀاڻ ٽيڪٽر جا هر ڳاھ ٿريشر مزدوري ڪڍڻ کان پو جڏهن هن جي کيسي ۾ رهجي وينديون آهن صرف اڻپوريون حصرتون ٽٽل خواب جيڪي تعبيرن کان محرومين جو موت مري ويندا آهن بارحال، هي جنازو ڪنهن هڪ روح جو نه آهي، هڪ جسم جو نه هوندو آهي پر سڄي ڪهول جي زندگين جو هوندو آهي- هاريءَ جي روزي جو. هن علامتي جنازي جو سبب؟ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي، جيڪو خنجر حڪومت وقت سندس سيني ۾ گهوپي ڇڏيو ان زخم جي سور سان گڏ سندس فيملي ۽ انهن جي ننڍڙي ارمانن خواهشون پڻ آهستي آهستي مري وينديون آهن .
هاري ڪڙمي نسلن کان اڄُ تائين، دنيا کي کارائڻ لاء تتل سج جي هيٺان محنت ڪندا آهن. انهن جا هٿ سڙيل هوندا آهن، انهن جي پٺيون ذميواري جي وزن سان جھڪيل هونديون آهن، اهي ڏڪار، ٻوڏ ۽ موذي مرضن ۾ صبر ڪندي سسڪي بلڪي تڙپي مرندا رهيا آهن. هو ازل کان محنتن باوجود پنهنجي منزل ماڻي نه سگهيا آهن هو پاڻ کي سدائين نراسائي جي کوھ ۾ گهوتا کائيندي محسوس ڪندا رهيا آهن هو پاڻ کي مايوسي جي چوٽي تي بيٺي ڏسندا آهن جيئن فصل (ڪڻڪ) جي قيمتن ۾ ڪمي آئي ڄڻ ته سندن دل جي ڌڙڪن ئي رڪجي وئي هجين ۽ هو هڏڪيون ڏيڻ لڳا سندن خواب ٽٽي پيا خواهشون مري ويون جذبا ٿڌا ٿي ويا فصل (ڪڻڪ) جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪڙمين ۽ هارين لئي رڳو معاشي بحران نه آهي. اهو هڪ اخلاقي بحران آهي جيڪو اسان جي انسانيت جي بنيادي بنياد تي حملو ڪري ٿو. اهو هارين ۾ رکيل اعتماد جي خيانت جي نمائندگي ڪري ٿو، انهن جي محنت جي قيمت جو خاتمو، ۽ هڪ معزز معيشت جي بنيادي حق کي نظرانداز ڪري ٿو.
هڪ پل لئي ته مونکي ڏاڍي حيرانگي ٿيندي آهي هڪ طرف حڪومت وقت بند پيل ادارن کي اربين رپيا سبسڊي ڏيندي آهي ته اوهان پنهنجي ورڪرن کي تنخائون ڏيو ٻئي طرف غريب مسڪين حلال رزق ڪائيندڙ هاري کان سندس سڄي سال جي پورهيي جي قيمت اهي ايئن لڳائن ٿا ڄڻ ته ڪڙمي هاري پنهنجي ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪيو ئي نه هجي هو ڪڏهن زمين تي رات جي گهگه اونداه ۾ جيت ڻي جان کي نقصان ڏيندڙ هزارين جانورن سان منهن ڏئي پنهنجي اولاد جيئن پنهنجي فصل کي فصل جي بک اڃ کي محسوس ڪري پنهنجي بک اڃُ ترڪ ڪندڙ هاري ڄڻ سندن دسترس هجن جو هر حڪم عام عوام تي مڙهي هنن کي نراسا ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن حڪومت وقت عوام کي ڪو اٽو سستو ڏيڻ چاهي ٿي ته پو سبسڊي ڏئي باقي هن مسڪين غريب هاري جيڪو ٻن وقت جي ماني به پيٽ ڀري نه کائي تن کي نراسائي جي ڪن ۾ ڇو ٿو اڇلايو وڃي .
مونکي ته هن مسئلي دل تي اهڙو فڪر ۽ پيچيده روڳ ويهاريو آهي، جو جنهن جو ازالو مشڪل لڳي ٿو هاڻ عالمي مارڪيٽ عالمي قوتن کان حڪومتي پاليسين ۽ ڪارپوريٽ مفادن تائين. واپاري معاهدا جيڪي وڏين زرعي ڪاروباري جماعتن جي حق ۾ آهن، سبسڊيز جيڪي مارڪيٽ جي متحرڪ کي بگاڙين ٿيون، ۽ کاڌي (ڪڻڪ) جي قيمتن جي هيٺاهين حصو ورتو آهي. نتيجي طور، ننڍي پئماني تي هاري، اڳ ۾ ئي گهٽ نفعي جي مارجن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ڏيوالپڻي جي ڪناري تي ٽنگيل رهجي ويا آهن.
هاريءَ جو روڳ ڳوٺاڻي حدن تائين محدود ناهي. ان جي گونج سڄي سماج ۾ گونجڻ لڳي آهي . جڏهن هاريءَ کي تڪليف ٿيندي ، ته اسان جي کاڌي پيتي جو معيار بگڙي ويندو جڏهن هاريءَ کي پنهنجي زمين ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو ، ته سڄو ماحولياتي نظام متاثر ٿيندو ۽ اسان جي ڌرتيءَ جو نازڪ توازن بگڙجي ويندو .
اڄُ جڏهن فصل تيار ٿي ويو آ ته قيمتن ۾ ڪمي ڪئي وئي آ افسوس آ سندن حڪومت وقت جي حال تي جنهن اڄ قيمتون گهٽائي نه صرف هڪ هاري ڪڙمي مذدور جو علامتي جنازو ڪڍيو آهي هنن ڪڻڪ جي خريد فروخت جي قيمت طع ڇا طع ڪئي ڄڻ ته لڳي ٿو هو هارين تي ڪو احسان ڪندا هجن پر حقيقت ته هو هارين کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن . دنيا جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل گلوبلائيزيشن ورلڊ سڏجندڙ دنيا اندر هارين ڪڙمين جو اڄُ به ٿيندڙ معاشي قتل عام جام ٿئي ٿو عجب جبر بي حسي وارو عمل آهي هن دور ۾، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا نتيجا انهن شعبن کان پري محسوس ڪيا ويا آهن جن مان ڪڻڪ جي ٻج ڀاڻ هر پاڻي تيل تي هاري ويچاري ڪيتري ئي لاڳت ڪرڻ بعد فصل اپايو آهي مگر مافيا جنهن کي سپلائي چين پڻ سڏجي ٿو زخيره اندوزن جو ٽولو جن جو هڪ طع شدع پروگرام پلان هوندو آهي ته شروعات ۾ گهٽ ريٽ ۾ فصل جي خريد ڪري ان کي زخيره ڪري پوء ڪجھ ڏينهن کان بعد جڏهن هاري جي هڙ خالي ٿي ويندي هاريء جي گندي خالي رهجي ويندي تڏهن ساڳيو فصل (ڪڻڪ) جي قيمت آسمان سان ڳالهائيندي ان وقت سڀ غريب مزدور هاري مسڪين ڏهاڙيدار جاگيردار يا کڻي چوان عالم انسان جيڪو زنده آ جيڪو ان کائي ٿو تن جي بک کي ڇو نه ڏٺو وڃي ٿو سندن بک ڏسي اٽو سستو ڇو نه ڪيو وڃي ٿو ته پو ان مان صاف واضع آهي ته هي ڍونگ صرف ۽ صرف هڪ مزدور جي مزدوري ڇنڻ خاطر آ مسڪين مظلوم کي مرڻ حاب ڪري ڇڏڻ آ هو خوراڪ جون شيون اسٽاڪ ڪري مارڪيٽن ۾ ريٽ گهٽ وڌڪرائي عام مسڪين هاري سان ناانصافي ڪري هن کي محرومين ۽ مجبورين جو شڪار ڪري هنجي زندگي تنگ بڻائي هن کي نفسياتي مريض بڻائيو پيو وڃي ۽ سماجي اڻ برابري کي وڌايو، پيو وڃي.
اڄُ به جيڪڏهن ماحول ۾ فزائي آلودگي کان ويندي اسان جي خوراڪ کي برڪرار رکي اسان کي جيون دان طور ڏيندڙ ڪو آهي ته اهو هڪ هاري آ جنهن پنهنجي پرواه نه ڪندي صرف فصل پوکي ٿو هزارين ڀيرا نقصان رسڻ بعد به ان اپائي ٿو ۽ اسان ۽ اوهان جو بکيو پيٽ ڀرڻ ڪارڻ ڏينهن را هڪ ڪري ٿو مگر اسان ڇا پيا ڪريون اسان ته سندس ظلم ٿيندي ڏسي خاموش تماشائي ٿي تاڙيو وڄائي رهيا آهيون نه هن جي ڪا تڪليف نظر اچي رهي آ نه هن جي ڪا ضرورت محسوس ڪري پئي سگهياسي بس جي نظر اچي رهي آ سا پنجيتاليھ سو واري ڪڻڪ ٽي هزار ۾ ملندي پندرهن سئو مهينو بچندو اهڙا فرسوده خيال دماغ ۾ رکي پاڻ کي هن کان ڪٽي ڇڏيو آهي . هاريءَ ڳوٺاڻا ماحول جا معتبر اهنڄاڻ آهن انمول هيرا آهن آءُ سوچان ٿو ته هاڻ ته وڪيل گروپن ۽ سماجي سياسي پاليسي سازن کي سندن سار لهڻ گهرجي هاڻ ته هنن جي حقن ڪارڻ آواز سر بلند ڪرڻ گهرجي هنن لاء ڪا قانون سازي ڪرڻ گهرجي سندن ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز اٿارڻ گهرجي منصفاڻي واپار جي عمل کي فروغ ڏيڻ جي شروعاتن کان وٺي زرعي سڌارن جي حمايت ڪندڙ تحريڪن کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي ، زراعت جي پيشي کي عزت ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ گهرجي . ته جيئن هي ساوا کيت سدائين هرا ڀرا رهن هوائن ۾ هڳاھ رهن ماحول معتر ڪندا رهن . اچو ته گڏجي آواز اٿاريون، اقتدار سنڀاليندڙن کان احتساب جو مطالبو ڪريون، ۽ هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪريون، جتي هاريءَ کي پاسيرو نه ڪيو وڃي، پر اسان جي روزي جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان سندس هر طرح جو انصاف ڪيو وڃي . ڇاڪاڻ ته هاريءَ جي محنت سان ئي زمين ۽ انسانيت جي رشتي جي تقدير مظبوط آهي، ۽ انهن جي محبت ۾ هڪ روشن مستقبل جي ضمانت پڻ آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو