ڪٽيل آڱريون ۽ احساس ڪفالت سينٽر

تحرير حسين آزاد ميمڻ

وزير اعظم احساس ڪفالت پروگرام  تحت ملندڙ رقم جي ڳالھ ڪندي چوندو آھي ته ان ۾ سنڌ کي سڀني کان وڌيڪ حصو  ڏنو ٿو وڃي ۽  احساس ڪفالت پروگرام  جي لسٽ ۾ نالا سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا آھن۔ جنهن جو سڌو سئون مطلت ته سنڌ ۾ ٻين صوبن کان غربت گهڻي آھي ۔۽ جنهن اسڪور تحت غربت جو ريشو ڪڍيو ويو آھي  ان ريشي ۾ سنڌ جو ماڻھو سڀ کان زياده آھي ۔ ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي ته سنڌ ۾ سڀني صوبن کان  وسيلا زياده هئڻ باوجود حڪمران ٽولي  سڀني صوبن کان وڌيڪ سنڌ کي ڦريو لٽيو ۽ ڪنگال ڪيو  آھي ۔  جنهنڪري احساس ڪفالت واري پروگرام ۾ سنڌ کي سڀني کان وڌيڪ پئيسا ملن ٿا ۔ هي اهو پروگرام آھي جيڪو اڳوڻي وزير اعظم  بينظير ڀٽو شهيد شروع ڪيو هو جنهن جو مقصد غريب عورتن جي سڌي طرح  مدد ڪرڻ ھو۔ ڇاڪاڻ هن پدرسري معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت ويچاري ڀوڳي ٿي جيڪا مظلوم عورت هارپو ۽ مزدوري به ڪري ٿي پر سندس زندگي گذارڻ جو معيار اهيو آھي جو نه سگهو ڪو ڪپڙن جو جوڙي پائي سگهي ٿي نه ڪو پيرن ۾ چمپل پاتل هوندي اٿس ۔ سندن چھرا  ڏٻرا ڪمزور ڪارا   ڏتڙيل ۽ سڪل هوندا آھن جن کي ڏسي انساني درد رکندڙ ماڻھوء جو هائو ڏري پوندو آھي ۔ پر انهي غربت جو  مزاق جڏهن حڪمرانن طرفان اڏايو ويندو آھي ته ويتر ماڻھو مايوسي جي ڪن ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ته آخر هن مظلوم ۽ پيڙھيل ماڻھو جي بي وسي ۽ بي حسي واري زندگي ڪيستائين رهندي ۔ نسل در نسل غربت  ڪاٽيندڙ ماڻھن جي ٻچن ڪڏهن سکيو ماني جو ٽڪر نه کاڌو آھي ۽ ٻئي پاسي مالدار ماڻھو ايترو ته شاهوڪار ٿيندو پيو وڃي جنهن جي انتها نه آھي سندن کاڌي جي ٽيبل جڏهن سجائيبي آھي ته سوين طعام رکيل هجن ٿا جيڪي هڪ ئي ايٽم مان مختلف فليور يا ٽيسٽن تي مشتمل هوندا آھن ۽ ايتري وافر مقتدار ۾ هوندو آھي جيڪو ڊسٽبن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو  جي اهو  غريب ماڻھن ۾ ورهائجي ته سوين غريب خاندانن جو پيٽ ڀري سگهجي ٿو پر افسوس جو دولت مند ماڻھو سندس اوبر کي ضايع ڪرڻ کان بچائي اهي پئيسا ڪنهن غريب جي بک  اجهائڻ لاء ڪڏهن سوچيو به نه آھي هو  وڏ ماڻھپ جو تڪبر  عام ماڻھو تي ڇڏڻ لاء اهو سڀ ڪجھ ڪندو رهي ٿو ۔اسان جي سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرن تي جيڪا رش لڳي پئي آھي ۽ هن سخت گرمي ۽ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سنڌ جي عورتن جون قطارون, ماڻھن جي پيھ , ۽ ان پيھ دوران عورتن جي معصوم ٻچن جون بک اڃ ۾  ڪيهون, رڙيون ايئن ٿيون محسوس ڪرائين ته سنڌ جي عورتن جي هن تذليل ۾ ڪنهن خاص منصوبا بندي ڪئي آھي ته جيئن غريب ماڻھو پنهنجي عورتن سان گڏ سينٽرن تي ڪجھ پئيسن عيوض ڌڪا کائيندا رهن ۽ سندن سوچ کي خيرات وٺڻ تائين محدود ڪيو وڃي ۔  سنڌ جي ٽالهي واري احساس ڪفالت سينٽر تي سنڌ جي هڪ معصوم نياڻي جي هٿ جون آڱريون هڪ بي رحم پوليس واري رش سبب ڪاوڙ ۾ دروازو بند ڪرڻ دوران ڪٽي ڇڏيو ۔ ان نياڻي جي آڱرين جا ڪٽيل بل ڌرتي تي تڙپندي  آسمان واري کان سوال ۽ شڪايت ڪندا رهيا ته ڇا هڪ غربت جي ماريل عورت ڪجھ ڏوڪڙن خاطر ۽ پنهنجي پيٽ جي  بک اجهائڻ لاء ھن پيھ ۾ دروازي کي جهلي ڀيندڙ عورت جو  ڪفالت سينٽر تي ڇڪي آڻڻ ۾ ڪنهنجو هٿ آھي ؟ ۽ انهي دروازي تي بيٺل پوليس واري جي گارگند ۽ تذليل ڪرائڻ ۾ ڪير ڏوهاري آھي؟ ۽  هنن ڪٽيل آڱرين جو ذميوار ڪير آھي۔۔۔ ؟ ڇا  هڪ عورت جي غربت جو  مزاق اڏائيندڙ حڪمران  آھي قسمت ۔ جيئن قدرت جي طرفان قسمت جي کاتي ۾ اهيو لکيو ۽ چيو وڃي ٿو ته” لکيو جو نراڙ سو قلم ڪياڙي ڪين وهي “ جيان آھي ۔۔۔ ها اهو  ڦريندڙ ۽ لٽيندڙ ٽولي جي حڪمرانن ,ملن , پنڊتن ته  اڃ تائين ايئن پي ٻڌايو آھي ته غربت جي شڪايت آسمان واري سان ڪريون جو هن ڪائنات ۾ قدرت جي طرفان ايئن ٿيندو پيو اچي پر ساڳئي وقت جڏهن اهو غريب پنهنجي حقن خاطر اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ قدرت جي زمين تي سڀني بندن جو برابر جو حق گهرڻ لاء ويڙھ ڪري ٿو  ۽ ڦرجندڙ مال کي واپس ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري ٿو ته ان کي قسمت تي ڀاڻيندڙ سرماميدار دولت مند  هٿرادو انتشار ڦھلائيندڙ سمجهي  ان کي  سندس جوڙيل رياستي  قانون کي حرڪت ۾ اڻي قبضي خور خاموش ڪرايو ڇڏي اها نا انصافي آھي ۔  بهرحال احساس ڪفالت سينٽرن تي ڊوائيس مالڪن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي ۔ هن گرمي جي موسم ۾ قطار ۾ بيهندڙ ڪمزور عورتن جو ناجائز فائيدو وٺندي في ڪارڊ تي 500 کان 1500 روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آھن هنن پنهنجا دلال ماڻھن جي ميڙ ۾ ڇڏي ڏنا آھن جيڪي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪندي اهيو ٻڌائيندي پئيسا وٺندا رهن ٿا ته  پئسا نه ڏيندا ته توهان کي  قطار  ۾ بيهندي ٻه ڏينهن به گذري ويندا پر  ٿيندو ڪجه به نه ۔ جي 1500 روپيا ڏيندا ته آئون اجهو ٿو توهان جو ڪم ڪرايان , پوء اهي دلال ماڻھن کان ڪارڊ وصول ڪندي ٻئي پاسي کان ڦري انهن ماڻھن جا نالا پڪاري دري تي قطار ۾ بيٺل ماڻهن کان اڳ نمبر وٺي ڏين ٿا ۽  انهن کي پئيسا به اڳ ڏيو ڇڏين ٿا جڏهن ته دري تي نمبر جي انتظار ۾ بيٺل ماڻھو جي ڪو به اعتراض  ڪري ٿو ته ان کي پوليس جي بيٺل سپاهي جي هٿان ماٺ ڪرائي وڃي ٿي ۔ ۽ جيڪي عورتون قطار تحت نمبر تي پهچن ٿيون ته انهن جا 500 کان 1000 رپيا سندس 12000 مان  ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جنهن تي ڪو به سرڪاري عملدار ايڪشن نٿو کڻي ۔ جڏهن ته ڪفالت سينٽر انهي لاء کوليا ويا هئا ته ڪنهن به غريب جي ڪٽوتي ڪو نه ڪئي ويندي پهرين ان تي سختي سان عمل ڏسڻ ۾ آيو پر پوء اهو سلسلو ختم ڪري سڀ ڪميشن خور بڻجي پيا ۽ احساس ڪفالت سينٽر تي هر هڪ ڊوائيس مالڪ  پنهنجي دلالن جي گينگ ٺاهي ڇڏي آھي جنهن تحت غريب مسڪين عورتون ڦرجنديو رهن ٿيون ۔ هن کان پوء ته پهرين طريقي سان پئيسا عورتن کي عزت ۽ احترام سان گهر ويٺي ملي ويندا  هئا جنهن تحت ڊوائيس مالڪ ڳوٺن ۾ وڃي پئيسا ڏيندو هو ۽ صرف 200 کان 500 روپيا وٺندو هو جنهن ۾ حقدار عورتن کي عزت سان پئيسا به ملي ويندا هئا ۽ ڪفالت سينٽر تي پهچڻ لاء ڪرائي کان به بچي ويندا هئا ته ذلالت ۽ بي عزتي جو منهن به ڏسڻون ڪو نه پوندو هو ۔ هاڻ جڏهن سينٽر کوليا آھن ان کان وٺي هڪ غريب عورت سان جا سينٽرن تي  ويڌن ٿئي ٿي اها سينٽر تان چڪر لڳائي بخوبي ڏسي ۽ سجهي سگهجي ٿي ۔ ھن ظلم تي جيڪڏهن  ڪو سماجي ورڪر يا ڪا عورت يا مرد آواز اٿاري ٿو ته ڊوائيس مالڪ پنهنجن ڇاڙتن ۽ پوليس معرفت انهي تي تشدد ڪرائي ڊجاري ماڻهن کي خاموش ٿي ڦرجڻ تي ماٺ ڪرايو ڇڏي ۔اهڙي صوتحال به ڏٺي ويئي آھي ته ڪٿي ڪٿي صحافي برادري تي به ڊوائيس مالڪن حملا ڪرايا آھن کين بليڪ ميلر چئي لٺيون هنيون ويون آھن جنهن مان لڳي ٿو ته صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي پر نه مرڪزي حڪومت طرفان ڪو مظلوم ماڻھن جي دانهن ٻڌي ڪو تدارڪ ڪيو ٿو وڃي نه سنڌ حڪومت طرفان ڪو مسئلو حل ڪيو ٿو وڃي نه ئي ڪا چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي غريب ماڻھن جي دانهن تي ڪن ڏنو آھي ۔ هوڏانهن سنڌ جو باغيور ماڻھون مطالبا ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھن ته سنڌ جي  نياڻي کي روڊن رستن تي تذليل نه ڪريو غربت ۽ احساس ڪفالت جي نالي ۾  عورتن سان ظلم بند ڪريون پر واڳ ڌڻي ڄڻ ته نشي جو گوريون کائي ستل هجن جن کي اڃا تائين انهي شي جو احساس ئي ڪو نه ٿيو آھي ۔جيڪا سنڌ جي عورت کي ذلت جو منهن ڏسڻو ٿو پوي اهو ڪر حڪمرانن کي اکيون هجن ها ته هيستائين انهي کي آسان ڪرڻ لاء ڪو قدم کڻي چڪا هجن ها پر لڳي ٿو ته ڄاڻي واڻي حڪمران سنڌ جي ماڻھن کي پنڻ جو عادي بنائي سندن بنيادي حقن گهرڻ کان محروم رکڻ چاهين ٿا ۽ سندن آواز غربت جي طوق ۾ ڏٻائي پنهنجي ڦرلٽ جا رستا آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن۔ پر حڪمرانن کي ياد رکڻ کپي ته سنڌ جو باشعور ماڻھو غربت جي پيڙھيل ماڻھن جو آواز بنجي رهيو آھي جيڪو توهان کي هرگز ايئن ڦٻڻ ڪو نه ڏيندو جيئن توهان هٿرادو مڪر ۽ کيل رچائي رکيو آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو