ڪوروناجا ڪلور ۽ حڪومتي لاپرواهي، ڪريم بخش ملڪ

اڄ جتي پوري دنيا کي ڪورونا وائرس پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳڙڪائي ۽ ڪيترائي انسان مرض ۾ مبتلا ڪري سموري دنيا کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آھي. دنيا ۾ پنهنجي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تي غرور ڪرڻ وارا ملڪ به هن وقت پنهنجي ملڪ جي عوام کي موذي مرض ڪورونا وائرس کان آجو نه ڪري سگهيا آھن ۽ نه وري ان مرض تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪا ويڪسين تيار ڪري  سگهيا آھن. ٻيو ته ٺهيو پر پوئين سال نومبر کان ڦهليل هن وبا جي تڪڙي چڪاس لاءِ ڪا ٽيسٽ مشين ب متعارف نه ٿي سگهي آهي. جيڪڏھن جائزو ورتو وڃي ٿو ته پنهنجي پياري وطن پاڪستان ۾ به روز بروز ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي.توڙي جو گورنمنٽ طرفان ملڪ کي 8 ڏينهن کان لاڪ ڊائون پڻ ڪيو ويو آھي پر ماڻھن طرفان گورنمنٽ جي حڪم کي ٿڏڻ سبب ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا آھن.جيڪڏھن اسان صرف سنڌ صوبي  تي نظر ڊوڙايون ته سنڌ ۾ پڻ روزانو ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ واڌارو نظر اچي رهيو آھي.هي مرض تمام خراب آھي جنهن کان وڌ ۾ وڌ بچاءُ صرف احتياط ۾ ئي آھي.جيترو ٿي سگهي عوام پنهنجي گهرن تائين محدود رهي. جتي ڳالهه عوام جي گهرن ۾ رهڻ جي اچي ٿي اتي روز ڪمائي کائڻ وارو غريب طبقو سخت پريشاني واري عالم ۾ مبتلا آھي.هن وقت پرنٽ ميڊيا،اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا به ڳالهه گهڻي دير تائين نٿي لڪي سگهي.اها ڳالهه پڌري آھي ته مسڪين ماڻھو هفتي کان جيڪي گهرن تائين محدود آھن انهن وٽ کائڻ پيئڻ جون شيون کٽي ويون آھن هو ڪنهن مسيحا جا منتظر آھن.پر اڃان تائين گورنمنٽ جي طرفان ماڻھن ۾ کاڌ خوراڪ پهچائڻ جا ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا ۽ نه ئي وري ڪي مخير حضرات 2010 واري مها ٻوڏ جيان مسڪين متاثرين کي کاڌ خوراڪ جون شيون پهچائڻ لاءِ ميدان تي آيا آھن. مها ٻوڏ کان به هي وقت تمام ڳنڀير آھي ڇاڪاڻ ته ان وقت سڀ شھر کليل هئا،هر ماڻھو گهرن کان ٻاهر هو پر هن وقت صورتحال ان جي برعڪس آھي.هينئر گورنمنٽ لاڪ ڊائون ڪرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو آھي روز ماڻھن جون دانهون آھن ته کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ٻار بک تي پاهه ٿين ٿا پر افسوس سان چوڻو  ٿو پئي ته جيڪي چونڊيل عوامي نمائندا گهر گهر وڃي ووٽ وٺڻ آيا هئا اهي هن ڏکي مهل مشڪل گهڙي ۾ عوام کان ائين پري آھن جيئن ڪانو ڪمان کان. ڪافي چونڊيل نمائندا صرف وڊيو ڪال تي هدايتون جاري ڪن ٿا ته گهرن کان نه نڪرو گهرن ۾ ئي رهو.ڪاش! اهڙي ئي غيرت چونڊيل عوامي نمائندا ايندڙ اليڪشن ۾ به ائين ئي وڊيو ڪال تي ووٽ وٺن. سوال اهو آهي ته اليڪشن ۾ ووٽنگ کان اڳ هر گهر تي ووٽ جو پرچي نمبر جيڪڏهن پهچي سگهي ٿو ته هن مشڪل گهڙي ۾ اٽي جو ٿيلهو ڇو نٿو پهچي؟ اهو سوال اسان ووٽرن لاءِ به عور طلب آهي . اڄ جتي سڄي سنڌ لاڪ ڊائون آھي اتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مخير حضرات مسڪين ماڻھن جي سار لهڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا جيڪي اٽي ۾ لوڻ برابر آھن. ٻيو صرف ۽ صرف گورنمنٽ طرفان يوسي چيئرمينن کي ڏنل صرف صابڻ ئي ظاهر ٿيا آھن سي به 20 روپين جي صابڻ تي يا هڪ ڪلو اٽو ڏيئي ست ست ڄڻا بيهي سيلفيون ڪڍائڻ تي کين ڪا به ندامت نٿي ٿئي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته گورنمنٽ سنجيدگي سان سوچي ملڪ کان ٻاهران ايندڙ ماڻھن جي چڱي ريت اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائي ايندڙ ويندڙ رستا بلڪل بند ڪرڻ سان گڏوگڏ بهترين نموني سان رجسٽريشن ڪري مسڪين ماڻھن کي راشن پاڻي ڏئي. هي جديد ٽيڪنالوجي جو دور آهي نادرا وٽ سڄي ڊيٽا پئي آهي ته ڪير غريب آهي ڪير يتيم يا بيواهه ۽ بي آسرا آهي، بينظير انڪم سپورٽ، اِي او ب آءِ، سنڌ سوشل سيڪورٽي سميت ڪافي کاتن وٽ ديٽا موجود آهي ۽ حڪومت چاهي ته حقدارن جي مدد ڪري سگهجي ٿي پر هتي رواج آهي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ذريعي مال هڙپ ڪرڻ جو جن وٽ پنهنجي منشين ۽ واٺن جون لسٽون تيار هونديون آهن. حڪومت کين جيز ڪيش ۽ ايزي پيس ذريعي غريبن جي شناختي ڪارڊن تي منٽن ۾ رقم منتقل ڪري سگهي ٿي. ان سان ڪرپشن به نه ٿيندي عوام ۽ ضرورتمندن جي امداد به ٿيندي ۽ وقت به بچندو. حڪومت صرف پوليس جو ڏنڊو نه ڦيرائي گهر ۾ بند رکڻ جو بندوبست به ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو