ڪنڌ ڪوٽ جي جوڙي جو سکر جي عدالت ۾ پرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ امداد بنگوار) عمران علي نصيراڻي ۽ نوجوان ناري گل جان نصيراڻي سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. عيد گاھ محله ڪنڌڪوٽ جو رهواسي نوجوان عمران علي نصيراڻي ۽ خانپور جي رهائشي 25 سالا ناري مسمات گل جان نصيراڻي سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي  پريمي جوڙي جو چوڻ هو ته پيار ڪرڻ ڪو ڏوھ ناهي اسان پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي پر مائٽ اسانجي جانين جا ويري بڻجي ويا آھن، ٻنهي پريمين مطالبو ڪيو ته اسان جي جانين کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو