ڪاپي ڪلچر نوجوانن جو مستقبل تباه ڪري ڇڏيو

ساقي ارشاد لورڙ
ڪجھ سالن ۾ ڪاپي ڪلچر ايترو ته وڌي ويو آ جنهن جو ڪو ڪاٿو لڳائڻ ڀي ڏکيو ٿي ويو آ هاڻ ته ڪاپي ڪلچر اسان جي نوجوان نسل جي رڳن ۾ زهر ڀرجي ڊڪي رهيو آ هت ته ننڍي وڏي امتحان ۾ هڪ جوهري هٿيار طور ڪاپي کي استعمال ڪري فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو افسوس جو وري ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ تي رزلٽ اچڻ تي خوشيءَ مان مٺايون ورهايون وڃن ٿيون .
اسڪول ڪاليج يونيورسٽي نوڪري جي امتحانن جي حوالي سان ڪاپي ڪلچر عام جام ٿيندي پڙهيو ٻڌو ۽ ڏٺو ويو آهي جيڪو اسان جي معاشري لئي هڪ اهم تشويش ناڪ ڳڻتي جوڳي عمل طور سامهون وڌي رهيو آهي . ڪاپي ڪلچر، امتحاني پيپرن جي غير مجاز نقل، ٺڳي، ۽ دوکو، امتحاني عمل جي سالميت کي خراب ڪري ٿو ۽ تعليمي قابليت جي اعتبار کي ختم ڪري ٿو.

اعليٰ امتحانن تي ڪاپي ڪلچر جو اثر تعليمي سالميت جو خاتمو آهي ڪاپي ڪلچر شاگردن ۾ بي ايماني ۽ ٺڳيءَ کي فروغ ڏئي تعليمي سالميت جي اصولن کي خراب ڪري ٿو. غير مجاز مطالعي جي مواد جي وسيع دستيابي، ليڪ ٿيل امتحاني پيپرز، ۽ ساٿين جي وچ ۾ ميلاپ، تعليمي قابليت جي اهميت کي گھٽائي ٿو ۽ تعليمي نظام تي اعتماد کي ختم ڪري ٿو.
اڄ ڪلھ شاگردن ڪاپي ڪرڻ لئي ڪيترن ئي جديد سهولتن جو استعمال ڪرڻ پڻ شروع ڪيو آهي جن ۾ سمارٽ موبائيل فون اينڊرائيٽ واچز ۽ هارڊ پيپرز گائيڊز ڪتاب وغيره سان ڪاپي ڪرڻ ۾ مشغول نظر آيا آهن انهن وٽ اھي سموريون شيون پهچائڻ ۾ مددگار سندن اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون ۽ يار دوست فيملي ميمبر ڀائر سوٽ ماسات ڦڦاٽ سهولتڪار بڻجي سموريون شيون سوالن جا جواب پرنٽ آئوٽ ڪرائي سينٽرن جون ديوارون ڇلانگي درين درن دروازن کان ٽپي ڪري اندر ويٺلن تائين پهچائڻ جو ڪم سندن رليٽوز ڪندا آهن ٻئي پاسي استادُ جيڪو مٿن مقرر ڪيل هوندو اٿن ڪاپي کان روڪڻ لئي سو پاڻ ئي ان فعل ۾ ملوص هوندو آهي امتحان ۾ ويٺل ڇوڪرن ڇوڪرين جي هاڻ ته رسائي ايڪسٽرنل ۽ امتحاني مرڪز ۾ ايندڙ ويندڙ ٽيمز خاص وزيٽرز ٽي وي رپورٽرز ۽ وڏن وڏن آفيسرن سان پڻ تعلق ، رسائي هوندي اٿن ڪجھن جا ته رليٽو بورڊز جا ٽاپ سيڪريٽ انچارج ته ڪي وري ڪجھ تن سان ڇوڪرن ڇوڪرين جي رسائي هوندي آهي، جيڪي ايندي ويندي ڪاپي ڪندڙن جي مدد ڪندا رهندا آهن سندن جهڙوڪ ڪاپي ، اليڪٽرانڪ ڊيوائسز، يا اڳ ۾ لکيل جواب، جيڪي انهن کي امتحاني جواب لکڻ ۾ مدد ڪن ٿا اهو عمل تعليمي نتيجن ۾ تفاوت کي برقرار رکي ٿو ۽ مستحق شاگردن کي انهن جي حقيقي ڪوششن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻپ کان محروم ڪري ٿو.
اسان جي حڪومتي وقت جا ادارا سڪيورٽي ادارا ۽ پاليسي ميڪر ادارا حڪومتي نمائندا امتحان جي مرڪز تي ڌيان ڏئي، ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لئي ممڪن ڪوششون وٺي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائين . ڪجھ مفادي ماڻهن ته ڪاپي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي خاص طور تي ڪجھ پرائيويٽ ادارا اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون جيڪي ٻارن کي پڙهائڻ بدران شاگردن کان سڄو سال ڳريون فيسون وصول ڪندا رهن ٿا سي انهن ڏينهن ۾ ڪجھ آفيسر امتحاني ٽيمن ۽ پيپر ليڪ ڪرائڻ کان ويندي امتحاني حال تائين جي انچارج وغيره کي رشوت ڏئي پنهنجي اسڪول جا ٻار پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مگن ٿي ويندا آهن صرف ان لئي ته ڪٿي جي هي ٻار فيل ٿي ويو ته اسان جي اداري جو نالو خراب ٿي ويندو ۽ پوءِ متان اسان جي اسڪول جي انرولمينٽ نه گهٽجي وڃي سو ان ڪري تن راشين تعليم کي روزگار جو ذريعو بڻايو آهي اهي جڙي وڃن ٿا ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪاپي ڪرائي پنهنجي اسڪول جا ٻار پاس ڪرائن ٿا ۽ اندر ويٺل ٻار وري هڪ ٻئي سان ياري دوستي ۾ سوال جواب ونڊ ڪندا رهندا ۽ پوءِ جيڪو سڄو سال پڙهندڙ تياري ڪندڙ ٻار سو ويچارو ٽيپ تي چڙهي ويندو ڪاپي ڪندڙ ٻار ۾ تنقيدي سوچ، تجزياتي صلاحيتن، ۽ آزاد خيالن جي ترقي نه ٿيندي آهي ، تحقيق ۽ جستجو جي صلاحيت کي فروغ ڏيڻ جي بدران، ڪاپي ڪلچر شارٽ ڪٽ ۽ علمي مفهومن جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿو ۽ سدائين مستقبل ۾ اهو ماڻهون بيساکي جي مدد سمجهي هميشه هر جڳھ تي شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ۾ رهي ٿو هن مان محنت جو مادو سندس همت ئي ساٿ ڇڏائي وڃي ٿي جنهن جا نتيجا اڄُ مختلف ادارن ۾ موجود ڪاپي ڪلچر ۾ پاس ٿي آيل ماڻهن ۾ ڏسون ٿا هنن ۾ آرس سستي ۽ ڪاهلي کان سواء ڪجھ نٿو ملي هو ڪنهن به ڪم جا نه هجن ٿا بس خانا پوري لئي ان پوسٽ تي ڳري رشوت يا ڪنهن رفرنس تعلق عيوض نوڪري ڪندا آهن پر سندن اداري ۾ اچڻ کان پوء سمجهو اٽي تي چٽي وارو مثال قائم ڪن ٿا ۽ اداري ۽ پوسٽ جي ذمداري کان آجا رهن ٿا .
اعليٰ امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون
جوڙيندڙن کان ويندي امتحان وٺندڙن تائين سمورا عملدار ڪنهن به قسم جي مصبط حڪمت عملي نٿا جوڙين ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت آخر ان وبا مان جان آجي ڪرائجي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن جيئن جڙ کان ان ڪاپي ڪلچر کي ڪيئن ختم ڪجي مانيٽرنگ ميڪانيزم کي مضبوط ڪيئن ڪجي ڪهڙا سخت قدم کڻڻ گهرجن تنهن سموري پاسي ڏانهن ڪنهنجو به ڪو خاطر کا عملي ڪم نٿو نظر اچي نڪي ڪا نگراني ڪندڙ ٽيمن جا دوست ئي ڪو ڪم ٿا ڪن هت ته ڪيترا ئي ڀيرا ايئن ٿيندو آ ته هلندڙ امتحان مان ڪيترائي ڀيرا ڪيترا ئي ڇوڪرا موبائيل تي يا پنن تي ڪاپين کي سامنهن رکي پيپر حل ڪندي پڪڙيا ويا پر جڏهن سندن رزلٽ آيو ته هو اي ون پوزيشن ماڻي چڪا ها هتي امتحاني مرڪزن ۾ لاپرواهي بي ترتيب جي ڪا حد نٿي ٿئي انسپيڪشن، ۽ محتاط نگراني، شاگردن کي امتحانن دوران ڪاپي ڪرڻ کان روڪي سگھي ٿو. اسان کي جي ڪڏهن امتحانن مان ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻو آ ته تمام وسيءُ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو جهڙوڪ بايوميٽرڪ تصديق ۽ محفوظ آن لائن امتحان پليٽ فارم مقرر ڪرڻو پوندو .
وڏي ايمانداريء سان تعليمي سالميت کي فروغ ڏيڻو پوندو
شاگردن کي ڪاپي ڪلچر جا نقصان ٻڌائڻا پوندا ۽ محنت مطلع جي اهميت، علمي ايمانداري، جا فائده ٻڌائڻا پوندا ۽ ڪاپي ڪلچر ۾ مشغول ٿيڻ جا برا نتيجا پڻ واضع ڪرڻا پوندا تعليمي ادارن اندر سالميت جي بقا کي سلامت رکڻ لاء فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. ته نصابي ڪتاب پوري ايمانداريءَ محنت سان شاگردن کي پڙهائي پڪو ڪجي مطلع جا واضع مثال قائم ڪجن ته جيئن شاگرد پڙهڻ ڏانهن رجهان پيدا ڪن شاگردن ۾ ايمانداري ۽ سالميت جا قدر پيدا ٿي سگهن .
هاڻ اسان کي روايتي روٽ تي مبني علمي امتحانن جو ڍانچو چينج ڪرڻو پوندو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاپي ڪلچر کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن ڪو عملي ڪم ڪجي ته ڪا به مشڪل ناهي جو ان مسئلي جو حل نه هجي باقي صرف ڳالهيون جهڙيون حڪومتي ادارا ڪن ٿا يا حڪومتي نمائندا تن مان ته صاف واضع آ ته هو هن ڪڌي عمل ۾ ڀانڱي ڀائيوار آهن ڪاپي ڪلچر اسان جي هر اداري کي نقصان ئي رسايو آ جنهن ڪري هاڻ ته حڪومت کي ڪا اک پٽڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جي حل لئي ڪو خاطر کان قدم کڻي ان مسئلي کي حل ڪرڻ، ۽ علم جي روشنائي عام ڪري جهالت جي اونداھ مان هر نوجوان نسل جي فرد کي هر اداري کي آجو ڪن ڀرپور حڪمتي عملي جوڙي ۽ ان تي عمل ڪرائن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ادارن مان راشي ڪرپٽ رشوتي نظام جو ڪو خاتمو ٿي سگهي .
اسان جا والدين ۽ استاد جي چاهن ته ڪاپي ڪلچر جي پکڙجڻ کي گهٽائي سگهن ٿا شاگردن کي مختلف ، پروجيڪٽس پريزنٽيشنز، ۽ دنيا جي مختلف منظرنامي جي ذريعي پنهنجي ٻارن ۽ شاگردن جي سمجهه وڌائي سگهجي ٿي سندن گهڻي ڀانڱي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي .
والدين کي پڻ ان مسئلي تي سيرس ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن جي سڌ سماءُ لهڻ گهرجي ۽ ٻارن جو حال احوال لهڻ گهرجي ته هو پڙهن ٿا يا سڄو ڏينهن ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت خرچ ڪن ٿا جي اگر والدين انهن جي پوري ڄاڻ رکن ته شايد ٻار پڻ ڪتاب ڏانهن متوجه ٿيڻ جي ڪندا . ۽ استادن کي هر هفتي سندن والدين کي سندن ٻارن جي اسٽڊي اپڊيٽ ڏين ۽ گڏ ويهي ڪري ٻار جي مونجهارن پريشانن تي جن جي علمي ونڊ وڙڇ واري وقت تي ضرور گڏ ويهي ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن ڪاپي ڪلچر جي بنيادي خاتمي لئي ڪو موثر حل ڳولي ان مسئلي جو پاڙون ڪو حل ڳولي سگهجي ، والدين، استادن، اسڪول جي اسڪول انتظاميان ، پاليسي سازن ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن سان تعاون ضروري آهي. تعليمي سالميت جي بقا لئي ضروري آهي ته هر هنرمند نسلن لئي علم جون لاٽون ٻاريون وڃن ته جيئن ملڪ مان نااهلي نااميدي معيوصي ۽ ڪاپي جهڙي عذاب مان جان آجي ٿئي.
۽ اسان تعليمي سالميت کي برقرار رکي سگهون سڀني شاگردن لاءِ هڪ منصفانه ۽ برابري واري امتحاني عمل کي يقيني بڻايون .

پهنجو تبصرو موڪليو