ڪاوڙ ۽ نفرت جي سياست

ڊاڪٽر صفدر محمود

اهو به عجيب ۽ اجنبي دوست آهي، ڪنهن پري جي علائقي مان فون ڪندو آهي ۽ ڪجهه جملا منهنجي ڪنن جي ذريعي دل ۾ لاهي الله حافظ چئي ڇڏيندو آهي. ڪالهه صبح به موبائل فون جي گهنٽي وڳي، دل چيو ته ڪٿي اهوئي هوندو. فون کي ڪَن سان لڳايو ته السلام عليڪم چئي چوڻ لڳو ڊاڪٽر صاحب اڄڪلهه سڄي قوم ڪاوڙ ۾ آهي. جڏهن اڳواڻ ۽ دانشور ڪاوڙ ۾ هجن ته سڄي قوم ڪاوڙ ۾ اچي ويندي آهي. منهنجي رب جو فرمان آهي ”جيڪو ڪاوڙ کي پي ٿو ڇڏي ۽ ٻين جي ڏوهه کي معاف ڪري ٿو اهڙا ماڻهو الله کي گهڻا پسند آهن.“ ”الله حافظ“ ۽ فون بند ٿي ويو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪاوڙ پيئڻ ۽ ٻين کي معاف ڪرڻ جي لاءِ وڏي ظرف ۽ ”وڏي“ دل جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته اسان جي سياست ظرف ننڍا ۽ دل نفرت جا تندور ٺاهي ڇڏيا آهن. جن کي الله جي خوشنودي جي ضرورت هوندي آهي، اُهي ڪاوڙ پيئڻ ۽ قصور معاف ڪندا آهن، ماڻهو سمجهندا آهن ته الله جي خوشنودي تسبح اڱرين ۾ سجائڻ ۽ داڻا ڳڻڻ سان حاصل ٿيندي آهي، جڏهن ته الله جو فرمان آهي ته آئون تسبيح جي داڻن ڳڻڻ کان وڌيڪ خوش عملن سان ٿيندو آهيان ۽ انهي عمل ۾ ڪاوڙ پيئڻ ۽ ٻين کي معاف ڪرڻ شامل آهي. اجنبي دوست جي ڳالهه تي غور ڪيو ته محسوس ٿيو ته اسان جا سڀ سياستدان ۽ حڪمران ڪاوڙ ۾ ڀريا ويٺا آهن. وزيراعظم ميانوالي ويو ته اسپتال جو افتتاح ڪرڻو هو پر سڄو وقت ميان نواز شريف تي ڪاوڙ ڪڍندو رهيو. ان جي تقرير ٽيلي ويزن تي ٻڌندي مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن هو سامهون ويٺل حاضرين ۽ تقرير ٻڌڻ وارن سامعين کي نفرت جا انجيڪشن لڳائي رهيو هجي. هو ته تقرير ڪري فارغ ٿي ويو پر ان کانپوءِ وزيرن ۾ نفرت جي قوالي جو مقابلو شروع ٿي ويو آهي. ائين ٽيلي ويزن چيئنل ۽ اخبارن نفرت جا پيغام ڏيندڙ بڻجي ويا، ڇو ته مخالف ڌر به ان مقابلي ۾ حڪومتي ترجمان کي لتاڙڻ جي لاءِ انهي نفرت جو هٿيار استعمال ڪندي آهي. هر طرف نفرت جا گونجندڙ ترانا عوام جي ڪنن مان لهي دلين ۾ جاءِ ٺاهي وٺندا آهن ۽ صوبائيت جو روڳ ٿي ويندا آهن. ڪنهن نجي محفل، مذاڪري يا فنڪشن ۾ وڃو انهي طرح جي ذهني ڪيفيت ۽ نفرت جي ورهاست کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. مڃون ٿا ته نفرت جو اهو پيغام ڦهلائڻ ۾ نيب به پنهنجو حصو وڌو آهي، ڇو ته الزامن جي مينهن جي باوجود اڄ تائين ڪنهن وڏي سياستدان تي ڪو وڏو الزام ثابت نه ٿيو. الزام، اخباري انڪشاف ۽ اعلان ٻڌندي ڏيڍ سال گذري ويو پر اها اربن جي خرد برد، ڪرپشن جون خوفناڪ ڪهاڻيون ۽ مني لانڊرنگ جا قصا اڃان تائين سڀئي رڳو افسانا آهن.

حالانڪه هينئر تائين نيب کي ”نالي وارن“ اسڪينڊلن جا ثبوت ڏئي عدالت ۽ عوام کي مطمئن ڪرڻ ڇڏڻ گهرجي ها. نيب جي اربين رپين جي اوڳاڙي جي دعويٰ ڊبل شاهه جهڙن ڪردارن ۽ هائوسنگ سوسائٽين جي فراڊ جي چوطرف گهمي ٿي، جڏهن عوام آمريڪا، انگستان، يو اي اي، فرانس، اسپين وغيره ۾ قومي لٽ مار جي ذريعي ورتل جائيدادن جي اندروني ڪهاڻين ۽ ڪرپشن جا ثبوت گهري ٿي. ان سلسلي جي ڪڙي رڳو الزام لڳائي وڏين ننڍين مڇين جي گرفتاري آهي. ڪيترائي حضرت ڪافي عرصي کان نيب ۽ جيل ۾ پيا آهن پر اڄ تائين ڪرپشن ثابت نه ٿي. جيستائين نيب صرف وٺ پڪڙ جو خوف ڦهلائيندي رهندي ۽ الزام ثابت نه ڪندي ته نفرت جي اها لهر اهڙي طرح ڦهلجندي رهندي ۽ انتقام جو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيندو. چيئرمين جي تقرير ۽ هوا جو رخ تبديل ٿيڻ جي ”خوشخبري“ ڪنهن صورت به عملي ڪارڪردگي جي متبادل نٿي ٿي سگهي پر جڏهن وزيراعظم هر موقعي تي مخالف ڌر جو نالو وٺي نفرت جا تير وسائي ٿو ته ڪير بي عقل ان کي احتساب سمجهندو؟ اهو ته انتقام ئي لڳندو! مڃون ٿا ته ڪرپشن جو خاتمو ۽ احتساب اوهان جي منشور جو نمايان واعدو هو پر ڇا دشمني واري رويي سان ڪرپشن ختم ٿيندي يا احتساب ٿي سگهي ٿو؟ ڪرپشن جو سمنڊ حڪومتي اکين اڳيان وهي رهيو آهي پر هي اُها ڪرپشن آهي جنهن سان هر شهري جو هر روز واسطو پوي ٿو. ڪابه آفيس يا سرڪاري ادارو اهڙو ناهي جتي رشوت ڏيڻ کانسواءِ ڪم ٿيندو هجي. خراب گورننس جي ذميواري نالائق حڪومت تي عائد ٿيندي آهي جنهن ضلعن کي ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ ميمبر مرڪزي اسيمبلي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي پنهنجي مرضي ۽ پسند جا ڊي سي ۽ ايس پي کان وٺي اي سي، تپيدار ۽ ٿاڻيدار لڳائيندا آهن. پسنديده بيورو ڪريسي صرف پنهنجي لڳائڻ واري جا حڪم مڃي ٿي. ان کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، انصاف ڏيڻ، ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو غرض نه هوندو آهي. ان ورهاست سبب حڪومت جي مخالفن جو نه جائز ڪم ٿيندو آهي ۽ نه ٻڌڻي. نتيجي طور نفرت جي لڪير وڌندي وڃي ٿي. بيورو ڪريسي خوف جي دٻاءُ جي ڪري بزدل ۽ ”خوشامدي“ ٿي ويندي آهي. هو هٿرادو مهانگائي تي قابو ڪرڻ جي بجاءِ تماشائي بڻجي ويندي آهي ۽ دل ئي دل ۾ حڪومت سان ”بغاوت“ ڪرڻ لڳندي آهي. نوبت اها آهي شايد ڪنهن آفيسر کي پنهنجي سيٽ تي ڪجهه مهينن کان وڌيڪ ويهڻ نصيب ٿيندو هجي. بنا ڪنهن ضرورت ۽ حد کان وڌيڪ تبديلين حڪومتي خزاني تي وڌيڪ وزن وڌايو آهي. هاڻي ته ائين لڳي ٿو جيئن نفرتن جو فصل پچي چڪو آهي. جڏهن ڪو رجحان، احساس يا نظريو دانشورن جي تحريرن ۽ ٽي وي تجزيي نگارن جي ڳالهائڻ تي حاوي ٿي وڃي ته اها فصل پچڻ جي سڀ کان وڏي علامت ٿيندي آهي. ڪنهن بي انصافي، زيادتي يا انتقامي ڪارروائي جي خلاف قلم آواز اٿارڻ هر دانشور جو فرض آهي پر جڏهن ان بي انصافي کي صوبائي رنگ ڏنو وڃي ۽ لفظن جي ذريعي اصولي ڳالهه ڪرڻ جي بجاءِ علائقائي زهر ڦهلايو وڃي ته سمجهي وڃو ته نفرت ملڪ ۽ قوم جي بدن ۾ ڦهلجي وئي آهي ۽ اهو قومي ٻڌي جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيندو. مونکي ته ٿڌي دل ۽ دماغ وارا دانشور به حڪمران وانگر ڪاوڙ جو شڪار لڳندا آهن. سچ پڇيو ته ان منظرنامي مون کي گهڻن خدشن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو