ڌارين هٿان ڌرتي ڌڻين جو قتل عام ڪير بند ڪرائيندو؟

تحرير ميرعلي گوهر بلوچ

سنڌ جي راڄڌاني ۾ ڌارين هٿان ڌرتي ڌڻين جو قتل عام ڪڏھن بند ٿيندو ۽ ڪيسيتائين اسان پنهنجي پيارن جا لاش کڻندا رهندا سين؟ ارشاد رانجهاڻي ,محرم بوزدار,جاويد ڀٽي ارشد بوزدار کان پوء  صفوران چورنگي ڀرسان 12 سالن جي معصوم گلڙن جهڙي عبدالحميد گبول کي ڪاغذ ميڙيندڙ غير ملڪي افغانين گڏھ گاڏي کي سائيڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت تشدد جو نشانو بنائيندي لتن مڪن ۽ پٿرن جا وسڪارا لائي ڏنا جنهن سبب ان جو جگر فاٽي پيو ۽ پاسيريون ڀڄي پيون جيڪو شھيد ٿي ويوهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي جمالي ڳوٺ ۾ سنڌ جي مشھور فنڪار شمن علي ميرالي جي ڀاڻيج بابر عرف خدابخش کي پٺاڻن برادري جي هٿياربندن پنھنجي ڏاڍ ۽ جبر سان معاملي منھن ماري تان فائرنگ ڪري گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ھجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي ان افسوسناڪ واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاء جمالي ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاء عامر ميرالي، پي  گل محمد ميرالي، مامي رحمت علي ميرالي، سڌير ميرالي ۽ ٻين  چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو آھي, اسان جي  نوجوان کي بي گناھ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي، اسان جوٻيو ڪوبه ڏوھ نه آھي اسان کي صرف سنڌي ھجڻ ڪري پٺاڻن ۽ ٻين غير ملڪين پاران  گولين جو بک بڻايو پيو وڃي, ھنن چيو ته ظالمن اسان جي عيد کان اڳ گھر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏي آھي، واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ھن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو آھي,ڪنهن سنڌي ڪونڌر کي اگر بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ته تحسپ پرست اوردو ميڊيا نيوز هلائڻ کي ته عظيم ڏوھ تسليم ڪري ٿو پر هڪ ٽڪر به نه ٿوهلايو وڃي اهڙي نموني اسان سنڌي اليڪٽرڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا سميت مقامي صحافين کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي مالڪي جي لاء آواز اٿارين ٿا ۽ پر افسوس آھي ته ڪورٽن جا وڪيل يا انويسٽي گيشن ڪندڙ پوليس آفيسر به چند ٽڪن خاطر وڪامجي وڃن ٿا.

ارشاد رانجهاڻي کان وٺي جاويد ڀٽي جي ڪيس تي نظرثاني ڪئي وڃي ان ڪيسن جا جانچ آفيسر به اسان جا ئي سنڌي آفيسر ئي هئا ۽ انهن اينويسٽي گيشن ۾ ڪيس شھيدن جي نه پر جوابدارن جي حق ۾ ٺاهي ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ۽اسان جي بي حسي اها به آھي ته شھيد جاويد ڀٽي جي ڪيس ۾ جوابدارن جو وڪيل به ڀٽي ذات سان تعلق رکندڙ ئي هو پر ته وري ان جگھ تي ڪجھ اهڙا سنڌ جا حلالي پٽ وڪيل به موجود آھن ارشاد رانجهاڻي ,ارشد بوزدار ,جاويد ڀٽي ۽ ان کانپوء شھيد ٿيل عبدالحميد گبول جي تڏي تي پنهنجي ٽيم سان گڏ پهچي ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ بغير ڪنهن فيس جي ڪيس وڙھڻ جو اعلان ڪيو ھو  قومي سلام آھي اهڙن سنڌ پرست دوستن کي جيڪي هر ڏکي وقتن تي پنهنجي ڌرتي ڌڻين وٽ پهچي ڪري انهن جي مالڪي ڪن ٿا هن ناحق قتل تي به ڀائو محمد خان شيخ کي گهرجي ته هن معصوم جي مدد لاء به  قانوني طور تي هن پورهيت مدد جي لاء ڪوششون وٺن هوڏانهن گذريل ڏينهن پنهنجي ڀاڻيجي جي تڏي تي آيل سنڌ جي نالي واري فنڪار شمن علي ميرالي چيو ته اسان فنڪار امن جا  سفير آھيون,اسان جو ڪم ئي آھي امن جو پيغام ڏيڻ  مرڪون ۽ ٽھڪون ورهائڻ پر اڄ اسان کي ڌارين رت جا ڳوڙھا روئاريا آھن هن چيو ته پنهنجي ڌرتي تي جتي حڪومت به اسان سنڌين جي هجي ۽ سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾  ڌرتي ڌڻي ڌارين هٿان ماريا وڃن ۽ اسان جو دانهن ٻڌڻ وارو به ڪير نه ھجي!!!  هن وڌيڪ چيو ته اسان ائين ٿا سمجهو ته ڄڻ سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ آباد سنڌين کي قتل ڪرڻ جي لاء ڌارين کي لائيسنس مليل آھي هنن جي مرضي آھي ته جنهن کي وڻين ان کي مارين حڪومت وقت سان گڏوگڏ اسان جي جان جي محافظن جي خاموشي به هڪ سواليه نشان آھي!!! ۽ اها خبر پوڻ بعد سنڌ جي گهڻ گهرين ساڃھ وندن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن جنهن ۾ ايس يو پي ضلع اولھ جي صدار ڊاڪٽر علي نواز گبول، نائب صدر ايڊوڪيٽ صداقت علي ڳورڙ، جنرل سڪريٽري ڊاڪٽر غلام شبير راڄپر۽ ٻين پهچي ڏکويل خاندان سان  تعزيت ڪئي ۽ سنڌ جي ان سورھ پٽ کي ته آء ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهان جيڪو مختلف بيمارين شگر بلڊ پريشر ۽ ھاٽ جهڙن موزي مرضن سان مقابلو ڪندڙ جهونو شير نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو مرڪزي صدر ماما ممتازبروهي  جنهن سان منهنجي ملاقات ته 1987يا 1988ڌاران ڪنهن پروگرام ۾ ٿي جڏھن پروگرام ختم ڪرڻ بعد هڪ هوٽل تي ويهي ڪچهري ڪئي ته تڏھن خبر پئي ته ڪراچي ۾ به ڪير آھي جيڪو پنهنجي سنڌي ماڻھن جو مالڪي ڪري ٿو ۽ پوء جڏھن ماما سان دعا سلام ٿي ته خبر پئي ته ماما ممتاز سنڌي قوم جو هڏ ڏوکي ۽ محبتي انسان آھي ڪراچي شھر سميت ٻھراڙين به اگر جتي سنڌين سان کي مسئلو پيش ايندو ته بغير مطلب ۽ لالچ لوڀ جي هر قسم جي مدد جي لاء ماما ممتاز اتي پهچي ويندو هو نئين ڪراچي خميسا ڳوٺ ۾ رهندو آھي ۽ ڪيترا ڀيرا ماما سميت ان جي پٽن تي جان ليوا حملا به ڪرايا ويا پر مالڪ سائين هر دفعي ساٿ ڏنو ۽ هن عناصرن کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ ان بعد مسلسل سنڌي وسندين کي  مسمار ڪري سنڌي ماڻھن کي ڪراچي مان بيدخل ڪري واري سمجهيل سوچيل سازش تحت ڌارين جي ان منصوبي کي رد ڪندي جڏھن ان تي آواز اٿاريو ته نئين ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالرحيم ڳوٺ تي جڏھن لينڊ مافيا پوليس جي مدد سان هالان ڪئي ته اتي پهچي ممتاز بروهي رڳو پوليس چڙھائي سبب پڇيا ته ان تي ڏمرجي پوليس ڪوڙا هٿ ٺوڪيا ڪيس جوڙي پوڙھي شير ۽ ان جي پٽ مٿان پوليس مقابلي ۽ دھشتگردي جو ڪوڙو ايس ٽي سي جو ڪيس داخل ڪري هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري ورتو ۽ ان بعد بحريا ٽائون خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ان ۾ ته خبر نه آھي ته الائج ڪهڙا قلم لڳايا ۽ بعد ۾ تازو هينئر وري بحرا جي گيٽ آڏو لڳل ڌرڻي جو ڪيس به مٿس داخل ويو پر ان تڪليف باوجود به ان سنڌ جي جهوني شير ۽ حلالي پٽ کي جڏھن خبر پئي ته جمالي ڳوٺ ۾ سنڌ جي نالي واري فنڪار شمن ٿلي ميرالي جي ڀاڻيج کي ڌارين گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ٽيم سان گڏ تڏي تي پهچي ويو ۽ ان بعد عيد جي ٻئي ڏينهن تي به پنهنجي ڀاڻيج اصغر بروهي ۽ دوست انورجمالي سان گڏ فوتي جي تڏي پهچي هنن کي هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي مان هميشه ائين چوندو آھيان ته سنڌ وسيلن سان مالامال هئڻ سان گڏوگڏ جوڌن جوانن حلالي نمڪ حلال  ممتاز بروهي جهڙن  پٽن سان به مالا مال آھي,

پهنجو تبصرو موڪليو