ڊاڪٽر لائق زرداري جي ورسي، دانشورن پاران ڀيٽا پيش

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)سنڌ جي ناليواري تاريخدان محقق ۽ تعليمي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي چوٿين ورسي جي تقريب سندس اباڻي ڳوٺ آچر زرداري ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر خدا بخش ميربحر ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، اڳوڻو ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، ان کان علاوہ عظيم سنڌي، ادريس جتوئي، خان ڏاهري,، تابش بخاري، ايڊوڪيٽ حاڪم علي زرداري، انجنيئر لياقت زرداري سميت مختلف سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻ تعليمي ماھرن ڊاڪٽرن، وڪيل ۽ صحافي برادري جي ماڻھن سميت ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خدا بخش مير بحر چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري تاريخ تي ڪم ڪري تاريخي شخصيتن، ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن کي اجاگر ڪيو آهي، هو وڏو ريسرچ اسڪالر ھيو، ھو پاڻ ھڪ تاريخي ادارو ھيو جنھن جي تاريخي خدمتن کي نٿو وساري سگھجي، ھن سنڌي ادب جي خزاني ۾ پنھنجا سنڌي اردو ۽ انگريزي ڪتاب شامل ڪري واڌارو ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جو ڏاھو اديب ۽ تاريخدان ھيو، ھن قوم کي جتي تعليم جي زيور سان آراستا ڪيو اتي کين ادب ڏئي سماجي شعور پڻ ڏنو سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن ھو ڏاڍو محنتي ۽ پنھنجي مقصد سان ڪميٽيڊ ھيو، احمد سولنگي چيو ته مورو شهر جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري پنهنجي قلم ذريعي وڏي شهرت ماڻي، هن ڪيترائي ڪتاب لکي نوجوانن جي مطالعي لاءِ ڇڏيا آهن ڊاڪٽر نفيس قسم جو ماڻهو هو علم ۽ ڏاهپ جو اڪابر هو. هن وڌيڪ چيو ته مورو شهر خوشنصيب ماڻهن جو شهر آهي جتي سنڌ جون عظيم حستيون پيدا ٿيون آهن، مورو جي شهرين ايم آر ڊي سميت پاڻ ملهايو آهي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو هن پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪري وڏين بلندين تائين پهچايو آهي، جڏهن ته نامور اديبن ادريس جتوئي، عظيم سنڌي پروفيسر مشتاق باگاڻي چيو ته ڊاڪٽر لائق زرداري اسان جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هو هن سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن کي بچائڻ لاءِ ڪيترائي سيمينار ڪرايا ڊاڪٽر جي ڪيل پورهئي کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي، ڊاڪٽر لائق زرداري گهڻ رخي شخصيت هو.هنن چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سندس اولاد  ڊاڪٽر لائق زرداري جي پورهئي کي پوري سنڌ ۾ ڦهلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي نالي سان ڊجيٽل لائيبريري به ان جي ڪڙي آھي جنھن جو بنياد وڌو ويو آهي جيڪا پڻ جلد تيار ٿي ويندي. سندس فرزند حاڪم علي زرداري چيو ته بابا اسان کي تعليم جي زيور سان نوازيو، سندس سرپرستي ۾ اسان تعليم پرائي تاريخ جي ڄاڻ حاصل ڪري وڏي عهدن تي پهتا آهيون سندس خال ڪڏهن به نه ڀرجي سگهجندو، مان اوهان سڀني جو شرڪت تي ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي  لياقت زرداري، نذير احمد زرداري، وڏيرو علي اصغر سولنگي، علي اصغر ڪورائي، اسلم عباسي، سائين بخش زرداري، اسلم قريشي، اسد سولنگي، مخدوم اظھار قريشي حاجي بادل زرداري وزير فرھاد سولنگي، سيد راشد لطيف شاھ، رحيم بخش زرداري، غلام حيدر بڙدي، وائيس چيئرمين پروفيسر محمد سليمان سيال، مظهر الدين ميمڻ، عنايت ميمڻ، طارق زرداري شوڪت رضا چانڊيو، ۽ ٻين پڻ سندس زندگي تي روشني وڌي ان کان پھريان قبرستان ميان نور محمد ڪلهوڙو جا قبا ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو