ڊاڪٽر اديب رضوي جو ساٿ ڏيو

تحرير عبدالمجيد بروھي 

رمضان المبارڪ جو ڀلارو مھينو شروع ٿيڻ کان پوء اسان جا مسلمان ڀائر پھرين روزي کان افطار پارٽين جي لاء پلاننگ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھن صرف ڏيکاء ۽ نالي خاطر افطار پارٽين ۾ وڏن ماڻھن برادري جي رئيسن وڏيرن ڪامورن سياستدانن صحافين کي دعوتون ڏئين سوين ماڻھون گڏ ڪري ھڪ افطار پارٽي تي لکين روپيا خرچ ڪيا ويندا آھن ھر قسم جا اعلا طعام اعلا مشروبات سان افطار پارٽي ۾ ايندڙن جي خدمت ڪئي ويندي آھي ھا اھاٻئي ڳالھ آھي اھڙن افطار پارٽين ۾ اڪثريت بيروزائتن جي ھوندي آھي اھي جيڪي افطار پارٽين تي لکين روپيا خرچ ڪندا انھن جي پنھنجن محلن ۾ ڪيترائي غريب فاڪا ڪٽڻ تي مجبور ھوندا آھن افطار پارٽين تي خرج ڪرڻ وارا صرف پنھنجي نالي خاطر ۽ ڏيکاء لاء خرچ ڪندا آھن اھي غريبن جي مدد تـ ناھن ڪندا پر واھ واھ لاء لکين روپيا خرج ڪري ڇڏيندا آھن اھڙي ئي طريقي سان عيد ملن پارٽين تي پڻ ساڳي طريقي سان پيسا اڏايا ويندا آھن اسين انھن دوستن کي گذارش ٿا ڪريون تـ  اھڙن فضول خرچن کان بھتر آھي اھي پيسا جيڪي افطار پارٽين تي خرچ توھان ڪري رھيا آھيو اگر سمورا پيسا توھان انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارن کي ڏيو جيڪي بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي ڏينھن رات صرف انسانيت جي لاء ڪم ڪري رھيا آھن انھن ادارن ۾ اھم ادارا ايس آء يوٽي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف  يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ۽ ٻيو اھم ادارو ايڌي فائونڊيشن آھن ٻيا ڪيترائي فلاحي ادارا پڻ آھن پر ھنن ٻنھي ادارن جو ڪوبـ مٽ نـ آھي ايڌي فائونڊيشن جي سربراھ عبدالستارايڌي جنھن پنھنجي پوري حياتي انسان ذات جي خدمت لاء وقف ڪندي ڏينھن رات پني پنھنجي اداري لاء جاکوڙيندو رھيو ۽ ان سان گڏ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ جو سربراھ ڊاڪٽر اديب رضوي آھي جنھن پوري پاڪستان جي گردن جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو علاج بلڪل مفت ۾ ڪرڻ سميت ٽرانسلانٽ جو ڪم پڻ پنھنجي مدد پاڻ تحت شروع ڪيو پوري دنيا ۾ پاڪستانين ۽ سنڌ واسين جو جنھن نالو روشن ڪيو آھي اھو انسان دوست مسيحا ڊاڪٽر اديب رضوي جنھن اڄ کان چاليھ سال اڳ جڏنھن ٻاھرين ملڪ مان ڊاڪٽري جو ڪورس ڪري پنھنجي وطن واپس موٽيو ۽ جڏهن ھن ھتي ھن ڏٺو تـ ڪيترائي ماڻھون گردا خراب ٿي وڃڻ سبب فوت  ٿي وڃن ٿا ۽ کين گردن جي علاج لاء ھتي سھولتون نـ پيون ملن تنھن بعد ھن پڪو پھ ڪري ڇڏيو تـ ھو گردن جي مريضن لاء ڪجھ نـ ڪجھ ضرور ڪندو جنھن بعد ھن پنھنجي صوبي  سنڌ جي نالي سان  (سنڌ انسٽيٽوٽ يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ جي نالي سان ھڪ شروعات ڪيائين شروع وارن ڏينھن سندس جو ڪير بـ ساٿ ڏيڻ لاء راضي نـ ٿيو حڪومت پاران بـ کيس بھتر موٽ نـ ملي جنھن بعد ڊاڪٽر اديب رضوي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪجھ بسترن ۽ ڪجھ ڊائيلاسز مشينن سان سينٽر کولي مريضن جو مفت ۾ علاج  ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيائين شروعاتي ڏينھن ۾ کيس ڪافي مشڪلاتون پڻ پيش آيون پر ھن مسيحا پنھنجو ڪم جاري رکيو جنھن بعد ھو ڪجھ سرندي وارن جي مدد سان ڊائيلاسز جي مشينن ۾ اضافو ڪندو رھيو ايس آء يو ٽي ادارو اڄ پوري پاڪستان ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ رت جي صفائي جو واحد وڏي ۾ وڏو ادارو آھي جنھن ۾ ھرمريض کي بنا ڪنھن فرق جي تمام تر سھلتون جن ۾ ليبارٽري جون ٽيسٽون ايڪسري سي ٽي اسڪين الٽرسائونڊ ايڪسري ھر قسم جون دوائون ڊائيلاسز ٽرانسپلانٽ سميت کاڌ خوراڪ بلڪل مفت ۾ مھيا ڪيو پيو وڃي ايس آء يوٽي ۾ ڪنھن بـ قسم جي سفارش نٿي ٻڌي وڃي ھر مريض کي ھڪ جيتري اھميت ڏني ويندي آھي ھن سفر سندس ساٿ ڏيندڙ ڊاڪٽر فريدا ۽ ڊاڪٽر نويدا پڻ تعريف جي لائق آھن جيڪي ڊاڪٽر اديب جي پيرسني بعد پوري اداري جو ڪاروونھوار سنبالي رھيون آھن ھن وقت ڊايئيلاسز جي ڇھ شفٽس تي پوري پاڪستان مان آيل مريضن جو ڊائيلاسزڪيو ويندو آھن ھر شفٽ تقريبن 100  مريضن تي مشتمل ھوندو آھي جن جو بنا ڪنھن سفارش جي ھڪ نظر سان سڀني کي ٽائيم تي گھرائي انھن جو ڊائيلاسز ڪيو ويندو آھي 24 ڪلاڪ فري ۾ 6 شفٽن ۾ ڊائيلاسز ڪيو ويندو آھي ھر روز ڪيترن ئي پٿري جي مريضن جو پڻ پنا ڪنھن معاوضي جي آپريشن پڻ ڪيو ويندو آھي ڊائيلاسز جي مريضن کي مفت ۾ مھانگيون دوائون پڻ مھيا ڪيون وينديون آھي ڊاڪٽر اديب رضوي پوري دنيا ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪري رھيو آھي ھن وقت ھو پاڻ پيرسني واري عمر ۾ آھي پر تنھن ھوندي ھر روز اي آء يو ٽي ڪراچي جي مين برانچ ديوان فاروق اچي داخل مريضن سان ملاقات ڪندو آھي ۽ کين پيار ۽ شفقت سان سمجھائي مايوسي کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي ايس آء يو ٽي اداري کي پوري سنڌ ۾ وسيع ڪرڻ  لاء پڻ ڪوششن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي سرگرم آھي جنھن سلسلي ۾ ھنن جي ڪوششن سان ايس آء يوٽي سکر برانچ ايس آء يوٽي ڪرنگي برانچ ايس آء يوٽي گارڊن برانچ پڻ قائم ڪيا ويا آھن جتي پڻ ڀرپاسي جي علائقن جي مريضن جي سھولت خاطر ڊائيلاسز جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي ان کان علاوا ايس آء يوٽي لاڙڪاڻو سينٽر جو پڻ تمام جلد افتتاح ٿيڻ وارو آھي ھن انسان دوست فرشتي ڊاڪٽر اديب رضوي جا ھزارين شاگرد پڻ آھن جيڪي مختلف پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ گردي جي مريضن جو علاج ڪري رھيا آھن ڊاڪٽر اديب رضوي   سندس ھن عظيم ڪم ۾ ايس آء يوٽي جي پوري ٽيم اسٽاف ڊڪٽرن نرسز ٽيڪنيشنز رسيپشنٽز ۽ آپا وغيرا مطلب تـ تمام ٽيم جو ڀرپور ڪردار آھي جنھن سبب چاليھ سالن کان ايس آء يوٽي عوامي خدمت ۾ رڌل آھي ان سان گڏ تمام مريضن ۽ پوري اسٽاف کي سنڀالڻ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جو ڊاڪٽر فريدا پڻ ڀرپور ساٿ ڏئي رھي آھي جيڪا پنھنجي سچي دل سان محنت ڪري رھي آھي ۽ ايندڙ مريضن سان انتھائي شفقت سان ملي سندن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي رھندي آھي ڊاڪٽر فريدا سان گڏ ڊاڪٽر نويدا پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھي آھي جيڪا 24 ڪلاڪ ھلندڙ ڊائيلاسز جي پاڻ نگراني ڪندي رھندي ڊائيلاسز تي ھلندڙ مريضن کي کير کاڌو پڻ مھيا ڪيو ويندو آھي  سنڌ ڄاوا ھن وقت پوري دنيا ۾ عوامي خدمت جي ڪري دنيا ۾ سنڌ سميت پاڪستان جو نالو روشن ڪري رھيا آھن پوري دنيا ۾ انھن کي پاڪستاني سنڌي طور سڃاتو ويندو آھي جيڪي بنا ڪنھن نسل ۽ فرق ۽ تعصب جي عوامي خدمت ۾ لڳل آھن اسان انھن صاحب حيثيت دوستن کي گذارش ڪنداسين جيڪي افطار پارٽين ۽ عيد ملن پارٽين تي لکين تي لکين روپيا روپيا خرچ ڪري صرف نالي لاء ۽ واھ وا خاطر پيسو لٽائي رھيا آھن انھن کي گھرجي تـ اھي سڀ کان پھريان پنھنجي غريب  پاڙيسرين جي مدد ڪن ان کان پوء فلاحي ادارن ۾ پنھنجا زڪوات ۽ صدقي جا پيسا ڏئي انسانيت کي بچائڻ ۾ انھن مسيحا نما انسانن جو ساٿ ڏين جيئن اھي وڌيڪ  قيمتي انساني زندگيون بچائي سگھن هن وقت ڪورونا وائرس سان حڪومت پاران ڪيل جنگ ۾ ڊاڪٽر اديب رِويء جو هي ادارو مڪمل سهڪار ڪندي پنهنجي اداري ۾ ڪورونا وائرس جا مريض پڻ رکيا آهن جتي هي خداتريس انسان دوست انهن مسڪين مريضن جو علاج پڻ مفت ۾ ڪري رهيو آهي  ڪورونا سبب پاڪستان جي ٻين صوبن سميت سنڌ جا ڪجھ ادارا نجي جيڪي ڪورونا مريضن کي رکڻ کان صاف انڪار ڪري حڪومت کي کتو جواب ڏنائون اتي ڊاڪٽر اديب رضوي کين  مڪمل سهڪار ڪرڻ جو وچن ڪري پنهنجي طرفان ٽيسٽ سميت آئسوليشن وارڊ قا.م ڪري سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيو آهي ان انسان دوست فرشتي صفت انسان جو ساٿ ڏيڻ اسان جو اولين فرض آهي    

.

پهنجو تبصرو موڪليو