ڇا اسان وٽ صحافت آزاد آھي ؟

تحرير محمد خالد ميمڻ

جيئن ته اڄ 3 مئي آزاد صحافت جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آھي پر منهنجي خيال ۾ اسان جي ملڪ ۾ صحافت ڪهڙي به رخ کان آزاد بلڪل به نه آھي ان جي لاء اسان پنهنجي شھرن ڳوٺن تي نظر وجهنداسين ته اتي جا صحافي روزانه سچيون خبرون لکڻ جي پاداش ۾ مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايا پيا وڃن ڪيترن ئي صحافين کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جڏهن ته کوڙ سارن صحافين کي شھيد به ڪيو ويو آھي خاص طور سنڌ ۾ صحافين تي تمام ڏکيو وقت هلي رهيو آھي جيئن نوشھروفيروز جي شھر پڊعيدن جي صحافي علي شير راڄپر کي ٻه سال اڳ 4 مارچ مطلب آزادئ صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي ٻئي ڏينهن تي پريس ڪلب جي اندر گهڙي کيس شھيد ڪيو ويو هيو جنهن کان پوء محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ کي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي وري تازو صالح پٽ جي دلير صحافي اجي ڪمار لالواڻي کي شھر جي هڪ سيلون تي سرعام گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو جڏهن صحافين کي حق سچ تي مبني خبرون هلائڻ تي ائين روزانه ماريو وڃي ۽ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ته پوء آزاد صحافت جو تصور صرف هڪ خيال ئي آھي سچ پڇو ته حق سچ تي مبني صحافت ڪرڻ تمام گهڻو ڏکي ٿي وئي آھي صحافي جي حيثيت سان اگر ڪو صحافي عوام جي مسئلن متعلق رپورٽنگ ڪري ٿو ته کيس ان ئي عوام مان خطرو آھي اهو ئي عوام ان صحافي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو جڏهن ته هتان جا وڏيرا,ڀوتار,سياسي ڪارنده,بيوروڪريسي جا آفيسر پڻ صحافين تي هر وقت ڪاوڙيل رهن ٿا هاڻي صحافي وڃن ته ڪاڏي وڃن اگر سچ لکن ٿا ته ڪيس,موت,ڌمڪيون,اگر ڪنهن جي حمايت ۾ لکن ٿا ته پيسا وٺي حمايتي خبرون هلائڻ جا الزام ۽ جيڪڏهن چپ ڪري ٿو ويهي ته ماڻهو چون ٿا ته ادا صحافي کپي ويو آھي جا الزام برداشت ڪرڻا ٿا پون مطلب ته صحافت بلڪل به آزاد نه ٿي سگهي آھي ۽ هن ڏينهن تي مختلف صحافي تنظيمون صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي حساب سان پروگرام,سيمينار ۽ گڏجاڻيون ڪري آزادئء صحافت بابت وڏيون وڏيون تقريرون ڪندا ٻڌائيندا ته اسان صحافت جي آزادي واسطي وڏيون قربانيون ڏنيون آھن پر کين ڪو اهو چوڻ جي همت بلڪل به نه ڪري سگهندو ته اوهان به رڳو پنهنجا پيٽ ڀريا آھن اوهان پهريان ڇا هيا اوهان پهريان پنڌ گهمندا هيا ۽ اڄ صحافت جي سفر ۾ هجڻ ڪري اڄ وڏين وڏين لينڊ ڪروزرن ۾ پيا ٿا گهمو ڇوته سڀني کي خبر آھي ته اسان اگر هن اڳواڻن کي سچ چيو ته اهي ئي اسان کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي دير ڪونه ڪندا مطلب ته اتي به صحافت آزاد ناهي اگر اسان جا صحافي اڳواڻ به صحافت کي آزاد نه پر صحافت کي پابند سلاسل ڪيو پيا گهمن ته پوء صحافت کي ڪير آزاد ڪرائيندو اقتدار ۾ ويٺل حڪمران ته هونئن ئي آزاد صحافت جا منڪر هوندا آھن اهي ته بلڪل به نه چاهيندا ته صحافت آزاد هجي ڇوته آزاد صحافت انهن جو موت هوندي آھي ان ڪير آخر ۾ وري به اهو سوال ٿو اڀري ته صحافت کي آزاد آخر ڪير ڪرائيندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو