ڇا آئي ايم ايف پاڪستان جي دشمن آھي؟

طفيل مگسي
قسط3
ائين جڏھن اوهان مهانگي گئس خريد ڪري سستي وڪڻي رهيا آھيو ته پوء اربن روپين جو سرڪلر ڊيٽ جڏھن شروع ٿي وڃي ٿو ۽ اوهان بينڪن کان قرض وٺي ڪري اهو گيپ پورو ڪيو ٿا.ليڪن گيس جي ٻه ٽي روپيا قيمت نه وڌائي ته اوهان جو ووٽر خراب ٿيندو.اوهان ايندڙ اليڪشن هارائي ويندو.جيتوڻيڪ ڪا پارٽي گذريل چاليهن سالن ۾ وري حڪومت ۾ رهي ڪري ايندڙ اليڪشن نه کٽي سگهي.ليڪن پوء به ڪوشش رهي ته اها بجلي.گيس.پيٽرول تي سبسڊي ڏيندي رهي.بيشڪ ملڪ قرضن ۾ ٻڏي وڃي اها قيمت نه وڌائيندي.ليڪن اهي سڀ شيون حڪومت عالمي ريٽ تي خريد ڪندي آھي.خاص طور کان بجلي ۽ پيٽرول .ان ڪري جڏھن اوهان ان جي اصل قيمت چارج نٿا ڪيو ته پوء اوهان پنهنجي لاء لانگ ٽرم مسئلا پيدا ڪيو ٿا.ان وقت اوهان کي اندازو صرف بجلي ڪمپنين کي ٽي هزار سرڪلر ڊٽ ادا ڪرڻي آھي.اهي ٽي هزار ارب روپيا.صرف گذريل ڏھن ٻارهن سالن جا آھن.جيڪڏھن اوهان کي ياد هجي ته اسحاق ڊار 2013ع ۾480 ارب روپين جو سرڪلر ڊيٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ادا ڪري ڇڏيو هو.جنهن تي اسڪينڊل ٿيو هو ته بنا آڊٽ ڪمپنين کي فوٽو اسٽيٽ بلن تي ئي اربن جون ادائيگيون ڪيون ويون هيون.ڏھ سال اڳ آئي پي ايز جو بل زيرو ٿي ويو هو.ليڪن سنهن ڏھن سالن ۾ ٻيهر ٽي هزسر ارب جي ويجهو ٻيهر قرض وڌي ويو.ڇوته بجلي جون قيمتون وڌيڪ نه وڌايون ويون.اوهان چوندو قيمتون ڇو وڌايون ؟
سبب ٻڌو ته بينظير ڀٽو جي ٻيئي دور ۾ بجلي گهرن سسن فيول تي بجلي پيدا ڪرڻ جا معاهدا ٿيا هئا.آبادي وڌڻ کان هاڻي ڊيمن کان پيدا ٿيڻ واري بجلي ڪافي نه هئي.جنهن کانپوء لوڊشيڊنگ وڌي وئي هئي.انهن ڪمپنين سان معاهدا هئا ته انهن کي بجلي جي قيمت ڊالرن ۾ ادا ڪئي ويندي.بجلي جو في يونٽ ريٽ به ڊالرن ۾ طئي ٿيو.انهن بجلي گهرن ٻاهر کان فيول گهرائي ڪري بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ته اها ڊيم جي بجلي جيڪا پنجاه پئسافي يونٽ پئي هئي.اها اوچتو چئن پنجن روپين تائين وڃي پهتي.هن ملڪ کي ڊيم جي ضرورت هئي ته جيئن هڪ پاسي پاڻي کي اسٽور ڪري سگهجي ته ٻيئي پادي ان کان هزارين ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ڪئي وڃي ها.ليڪن سمورو ملڪ احتجاج ڪرڻ لڳو ته نه جناب ڊيم اسان جي لاشن تي ٺھندو.ائين ڊيم سيادت جي ور چڙھي ويا ته آپشن اهو بچيو هو ته هاڻي فيول کان بجلي ٺاھيون.۽ فيول جا ريٽس سڌو سنئون ڊالرن سان لاڳاپيل هئا.ليڪن حڪومت ڊپ وچان نه وڌاي سگهي.۽ ائين سرڪلر ڊيٽ وڌندو ويو جيڪو هاڻي ڏھن سالن کان پوء ٽي هزار ارب روپين جي برابر پئجي رهيو هو. هاڻي ڇا ڪري سگهون ٿا.جڏھن اوهان جا سياستدان.ميڊيا .دانشور ملڪ جي ڪرپٽ ماڻھن جي خلاف تحريڪون نه هلائين ۽ ٻيئي پاسي انهن کي سستي بجلي به گهرجي.
هاڻي فيول تي هلڻ واري بجلي گهر اوهان کي ڪيئن سستي بجلي پيدا ڪري ڏيئي.ڇوته ڊالرز ۾ فيول خريد ڪيو ويندو آھي.اوهان کي سستي بجلي جو موقعو ڏنو ويو هو.مگر اوهان ڪجه به نه ڪيو؟ان جو حل حڪومتن ۽ حڪمانن اهو ڪڍيو ته سرڪلر ڊيٽ وڌڻ ڏيو.سڃي دنيا ۽ بينڪن کان مهانگو ڪمرشل قرض وٺي ڪري بجلي گهرن کي ادائيگيون ڪندا رهو.ليڪن بجلي جي قيمت نه وڌايو نه ته عوام ناراض ٿيندو.عوام ۽ ميڊيا کي ڪڏھن سمجه نه آئي ته اوهان تي به ٻوجه وڌي رهيو آھي.بجلي گهرن جي ادائيگي ڪرڻ جي لاء بيڪن کان جيڪو قرض ورتو ويو هو.انهن تي اربن جو وياج الڳ گڏ ٿي رهيو هو.جيڪو عوام جي کيسي کان ادا ٿيندو.ان جو هڪ مثال ڏسي وٺو.عوام خوش رهيو.عمران خان پوئين ڏھاڙن ۾ وزيراعظم ٿي ڪري پيٽرول جي قيمت ڏھ روپيا گهٽ ڪري ڇڏي هئي.سڀني واه واه جا نعرا هنيا.هاڻي انهيء ڳاله جي ڪنهن کي پروڙ نه هئي ته پيٽرول تي ڏنل هڪ هڪ اڌ مهيني جي سبسڊي تي اڍائي سو ارن روپيا خرچ ٿيا ۽ جيڪو پئسو ترقياتي فنڊز جي لاء رکيو ويو هو.انهيء کي کڻي ڪري پيٽرول سستو .ڪرڻ تي اڏايو ويو.مزي جي ڳاله اها آھي ته ترقياتي فنڊز پيٽرول ملي ڪري گڏ ٿيو هو.وري اسان کي چيو ويو ته جناب بجلي گهر ڇوته فيول کان بجلي ٺاھين ٿا.۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون انهن قيمتن وڌڻ سان بجلي مهانگي ٿي وڃي ٿي.ان ڪري هاڻي اسان سڄي دنيا کان ايل.اين.جي خريد ڪنداسين.انهن ٻاهرين ملڪن ڊالرن ۾ گيس جا سودا ٿيڻ لڳا.جڏھن قطر کان نواز شريف دور ۾ گيس جي ڊيل ڪئي وئي ته ان تي وڏو روڙو پيو ته تمام.مهانگي ريٽ تي خريد ڪئي وئي هئي.شريف خاندان قطرين جو بزنس پارٽنر هو.هاڻي اهو سيف الرحمان جيڪو هينئر شريفن جو مائٽ آھي.اهو ڪاروباري سودا ڪري ٿو. هاڻي فوڪس بجلي گهرن کان ايل اين جي کان پيدا ٿيل بجلي تي ٿي وئي.۽ 2014ع ۾ گيس کان پيدا ٿيڻ واري بجلي جو ريٽ 15 روپيا في يونٽ تائين پهچي چڪو هو.هينئر وڌيڪ وڌي چڪو آھي.جڏھن ته فيول کان پيدا ڪيل بجلي جو في يونٽ چاليهن کان پنجاه روپين تائين هليو ويو.
ليڪن داد ڏيو ان قوم.کي جيڪا ڊالرز ۾ قرض وٺي ڪري بجلي گيس سستي ڪندي رهي ته جيئن ماڻھو ناراض نه ٿين.گيس جون قيمتون به نه وڌايو ويون ته ماڻھو ناراض ٿي ويندا.هاڻي پهريون ڀيرو پتو پيو ته پهرين بجلي جو سرڪلر ڊيٽ ٿيندو هو ته هاڻي گيس جو سرڪلر ڊيٽ به شروع ٿي ويو هو.ٽي سو ارب روپين کان وڌيڪ ته گيس جون ادائيگيون ٿيڻ سان قرض وڌي ويو هو.جيڪو هاڻي بينڪن کان قرض وٺي ڪري ادا ڪيو ويندو.جنهن جو وياج الڳ هوندو.جيڪڏھن گيس جي قيمت وڌائي وئي ته سموري قوم ناراض ٿي ويندي.پهرين بجلي گهرن جو قرض هو ته هينئر گيس کان بجلي پيدا ڪرڻ جو بل رڪجي ويو.ان دوران قطرکان آندل گيس جي ڪراچي جي هڪ پارٽي سان معاهدو ڪيو ويو ته اها ايل اين جي ٽرمينل هڻي.2013ع ۾ ان ٽرمينل جو خرچ ٽي ارب مقرر ڪيو ويو.پوء ڊگهو هٿ هڻڻ جي لاء فيصلو ٿيو ته اوچتو ٽي ارب کان وڌي ڪري 113 ارب روپيا ڪيو ويو.پوء انهيء تيرهن اربن کي به ڪنورٽ ڪري 130ا ملين ڊالرز سرمائيڪاري ڏيکاري وئي.۽ طئي ٿيو ته پندرهن سان تائين.ان ڪمپني کي پڻا ٽي لک ارب ڊالرز ادا ڪيا ويندا.چاهي ٽرمينل استعمال ٿيئي يا نه ٿيئي.شروع ۾ ته ڪيترن ئي مهينن تائين ان ڪمپني کي بنا گيس پراسس پوڻا ٽي لک ڊالرز ملندا رهيا. هن وقت جڏھن اوهان هي سٽون پڙھي رهيا آھيو شام تائين ان ڪمپني کي پوڻن ٽن لکن ڊالرز جي ادائيگي ٿيندي ۽ اهآ 2014ع کان روزاني ٿي رهي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو