سنڌيڪار= طفيل مگسي
قسط1
مان به انهن ماڻھن منجهان هڪ آھيان جيڪي دلفريب ميڊيا ۽ سياستدانن جي مٺڙن بيانن کان متاثر ٿي ڪري وڏي عرصي تائين اهوئي سمجهندو رهيس ته دنيا ۾ اسان جي پياري پاڪستان جا صرف ٻه ئي خاص دشمن آھن.يعني هڪ ڀارت ۽ ٻيو آئي ايم ايف.
بيشڪ ڀارت سان گڏ دشمني جو ڪارڻ ته سمجه ۾ اچي ٿو ته هر رياست کي پاڻ کي متحد ۽ پنهنجي ماڻھن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاء هڪ سگهاري دشمن جي ضرورت پوندي آھي ته جيئن ماڻھن کي ان دشمني کان ڊيڄاري ڪري ٽيڪس وٺي ڪري انهن کي آساني سان حڪومت ڪري سگهجي.
بيشڪ ڀارت ۽ پاڪستان ته پاڙيسري آھن.اسان جا بارڊر بلڪ آھن.ليڪن امريڪا ته روس جو پاڙيسري به ناهي نه ئي انهن جا سرحدي مسئلا آھن ته انهن جون جهڙپون ٿين.وڏي عرصي کان دشمنيون نڀائي رهيا آھن.چين ۽ امريڪا به هڪ ٻئي کان هزارين ميل ڏور آھن.ليڪن انهن جي دشمني به پاڪستان ۽ ڀارت کان گهٽ ناهي. اوهان سموري دنيا کي کڻي ڪري ڏسو ته هڪ اڌ ملڪ کي ڇڏي ڪري باقي ملڪن کي دشمن جي ضرورت هوندي آھي ته جيئن اهي پنهنجي عوام کي لغام ڏئي ڪري رکن ته جيڪڏھن اهي متحد نه رهيا يا پنهنجي ڪمائي کان حڪومتن ۽ حڪمرانن کي ٽيڪس نه ڏنائون ته اهي سڀ مارجي ويندا.فلاڻي ملڪ يا ان ملڪ جون فوجيون اوهان کي کائي وينديون يا پوء اھو دشمن ملڪ اوهان تي معاشي طور تي قبضو ڪري وٺندو.
ليڪن اسان پاڪستانين کي آئي ايم ايف ايترو وڏو ولن ڇو بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو؟نيٺ آئي ايم ايف کي ڪهڙي ضرورت پئي آھي ته اهو سموري دنيا ڇڏي ڪري پاڪستان جي پٺيان پئجي وڃي ۽ اربين ڊالرز جا قرض ڏئي ڪري پوء اھو دعائون ڪندو رهي ته الله ڪري پاڪستان جي معشيت ويهي رهي .پر آئي ايم ايف کي پاڪستان جي ويهي وڃڻ کان ڪهڙا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا؟
ان جي جواب ۾ ٻه ٽي پراڻيون سازشي ٿيوريز ذھن ۾ اچن ٿيون.جيڪي اسان سالن کان ٻڌندا اچون ٿا ته مغربي قوتن جو مقصد پاڪستان جو ايٽم بم انهن قرضن جي بدلي خريدڻ آھي.جيڪي اسان تي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آھن.هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏھن اسان پنهنجا قرض ادا نه ڪري سگهنداسين ته اهي ايٽم بم گهري وٺندا يا پوء اهائي ڳاله ته يهود ۽ ھنود جي سازش آھي ته پاڪستان جو وجود ئي نه رهي.ان ڪري هن کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏجي.
هينئر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ڪنهن دور ۾ عربن کي پاڪستان جي ايثم بم تي وڏو فخر هو ته اسان مسلمانن وٽ به ايٽم بم آھي ۽ اھي پاڪستان جي کليل امداد پڻ ڪندا رهيا.هن وقت بدلجندڙ صورتحال سان گڏوگڏ انهن کي اسان جي بم جي ضرورت ناهي رهي.عرب ملڪن ۾ ھينمر اسرائيل جا سفارتخانا کلي ويا آھن .ٻيو ته ٻيو ايران ۽ سعودي عرب به دوستي ڪري ڇڏي آھي.هينئر ڀارت به چئي رهيو آھي ته اسان کي پاڪستان جي خلاف ڪجه ڪرڻ جي ضرورت ناهي.اهي سڀ پاڻ کي تباه ڪرڻ جي بلڪل صلاحيت رکن ٿا.
ليڪن سوال اهوئي آھي ته آئي ايم ايف اسان جو دشمن آھي يا پاڪستان جي حڪمرانن ۽ بيورو ڪريٽس کي پنهنجين نالائقين ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاء ھڪ ( PUNCHING BAG )جي ضرورت هئي.۽ عوام جو رخ ان پاسي ڪري ڇڏيو ته ڏسو آئي ايم ايف اسان جو دشمن آھي؟اسان ته پاڻ نهايت پرهيزگار ۽ نيڪ نمازي آھيون .ليڪن آئي ايم ايف اسان کان اهي غليظ ڪم وٺڻ تي مجبور ڪري ٿو.جنهن جي سبب کان اسان کي مجبورن گئس .بجلي.پيٽرول.ڊيزل جون قيمتون وڌائڻيون پون ٿيون.اسان ڇا ڪريون آئي ايم ايف مجبور ڪري ٿو.ڇاڪاڻ ته هو غنڊو ۽ بدمعاش آھي.
هاڻي آئي ايم ايف جو ڇا خيال آھي ۽ چوڻ آھي؟ ايم ايم ايف وارا چون ٿا ته اوهان اسان کان ڊالرز ان وقت وٺڻ اچو ٿا جڏھن اوهان وٽ ڊالرز ختم ٿي وڃن ٿا.دنيا اوهان سان بزنس نٿي ڪرڻ چاهي.اوهان ڊيفالٽ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آھيو.اوهان جي ايسڪپورٽ ان قابل ناهي رهي ته اها ملڪي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي.اهي اوهان جي اوهان ابتي گنگا کي وهنفي ڏسي ڪري پنهنجو معاشي فارمولو نافذ ڪن ٿا.ڇاڪاڻ ته اوهان جون نالائقيون ۽ بيڪار پاليسيون اوهان کي ان دڳ ڏانهن وٺي اچن ٿيون.ان ڪري هينئر اسان اوهان کي ڪجه شيون ٺيڪ ڪري ڏيون ٿا.
سڀ کان اڳ اهي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاء چون ٿا يعني اوهان روپيي جو ويليو ڊالرز جي مقابلي ۾ گهٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اوهان جو ايڪسپورٽر وڌيڪ سستيون شيون وڪڻي ڪري وڌيڪ ڊالرز ڪمائي ڪري پاڪستان آڻي سگهي ٿو ۽ انهن ڊالرز کان اوهان بنا قرض گهرڻ جي تيل.گئس.ڪڻڪ.کنڊ.دوائون.يا ٻيون شيون گهرائي سگهو ٿا.ٻيو آئي ايم ايف اهو به چئي ٿو ته اوهان جنهن قيمت تي دنيا کان تيل .گيس.بجلي.پيٽرول.ڊيزل خريد ڪري رهيا آھيو.ان قيمت تي اوهان وڪڻي ڪري سڀني کان ٽيڪس گڏ ڪيو.ان جو چوڻ آھي ته پاڪستان۾ ھزارين نه ته سينڪڙين گاڏيون غيرملڪي سفارتخانه استعمال ڪن ٿاجڏھن اوهان في ليٽر ويه روپيا پيٽرول سستو وڪرو ڪيو ٿا ته ان جو فائدو اهي سفارتخانه به وٺن ٿا يعني پاڪستان جي عوام جي ٽيڪس کان اهي سفارتخانه فائدو کڻن ٿا.جن کي اهو فرق نٿو پوي ته پيٽرول ٻه سو روپيا هجي يا اڍائي سو روپيا هجي.ان ريت هن ملڪ ۾ هزارين پراپرٽي ٽائيڪون آھن.جن جون هائوسنگ سوسائيٽيز آھن.هزارين گاڏيون آھن.اهي جيڪي ارب پتي آھن.انهن کي به اوهان سستو ڊيزل پيٽرول ڏئي رهيا آھيو.۽ جيڪو ٽيڪس انهن کان پيٽرول ڊيزل منجهان گڏ ٿيئي ٿو .اهو به ضايع ٿي وڃي ٿو.ان ريت پاڪستان جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ھزارين بينڪن جون برانچون آھن.جتي گاڏيون آھن.اوهان انهن بينڪن کي به سستو پيٽرول ڏئي رهيا آھيو.اهي بينڪون جيڪي سال ۾ ھڪ کرب تائين نفعو ڪمائين ٿيون.انهن کي به اوهان مهانگو تيل خريد ڪري سستو ڏئي رهيا آھيو.ان ريت وڏا وڏا ارب پتي ماڻھو آھن.اهي به ٻن اڍائي سو ۾ سستو تيل خريد ڪري رهياآھن ۽ ھڪ موٽرسائيڪل واروبه اڍائي سو ۾ خريد ڪري رهيو آھي.اهو ڪٿان جو طريقو ۽ انصاف آھي.
جنهن وڏي امير ماڻھو کان اوهان کي تيل ڊيزل تي ٽيڪس گڏ ڪرڻي آھي ان کي ته ابتو سبسڊي ڏئي رهيا آھيو.اوهان چئو ٿا ته جيڪڏھن تيل سستو نه ڪيو ۽ پيٽرول ڊيزل تي سبسڊي نه ڏني ته اسان جا موٽرسائيڪل.ننڍين گاڏين وارا پريشان ٿي ويندا.ليڪن آئي ايم ايف چئي ٿو ته اوهان پيٽرول ۽ ڊيزل ان قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي خريد ڪيو آھي ته جيئن اوهان کي اربين روپين جي سبسڊي نه ڏيڻي پوي۽ مسلسل خسارو نه ٿيئي.ها جڏھن سڀني کان ٽيڪس گڏ ڪري وٺو ته پوء اوهان ٽارگٽ سبسڊي ڏيو.جيئن بينظير انڪم.سپورٽ پروگرام يا عمران خان جي احساس پروگرام جي تحت غريبن کي هر مهيني ويه ٽيه هزار ڏئي ڪري ان ڊيزل.بجلي.گيس.جي وڌيڪ قيمت جو اثر نيوٽرل ڪري ڇڏيو ۽ گڏ ئي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ۾ غريبن جي لاء اٽو.کنڊ.دالون.تيل يا کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏئي ڇڏيو.
ڪڏھن اوهان ٻڌو آئي ايم ايف بينظير پروگرام يا عمران جي احساس پروگرام يا يوٽيلٽي اسٽور تي سستيون شيون غريب ماڻھن کي هر مهيني ميسر ڪري ڏيڻ تي زور ڏنو ويو هجي.حالانڪ اهو به سبسڊي جو هڪ طريقو آھي.نيٺ ڪهڙو سبب آھي ته آئي ايم ايف تيل.ڊيزل.ڀجلي.گيس تي سبسڊي جو دشمن آھي.ليڪن ان کي ٻه سو ارب کڻي ڪري ڪيش جي شڪل ۾ ماڻھن ۾ ورهائڻ تي اعتراض ناهي.؟
سبب نهايت چٽو آھي يعني آئي ايم ايف چئي ٿو ته پاڪستان ۾ معاشي تباهيء جو هڪ ڪارڻ اهو به آھي ته جيڪي امير يا وڏا ماڻھو آھن.انهن کي اوهان غريبن جي نالي تي سبسڊي ڏئي رهيا آھيو.انهن وڏن طبقن ۽ امير ماڻھن کان اوهان اها ٽيڪس وٺي ڪري غريبن تي خرچ ڪريو ليڪن اهڙي ٽيڪس.اوهان ڌوڙ گڏ ڪندو جڏھن اوهان سفارتڪارن .بينڪن.پراپرٽي ٽائيڪون.وڏن وڏن امير ماڻھن کي به پيٽرول سستو ڪري ان قيمت تي وڪڻي رهيا آھيو.جيڪو موٽر سائيڪل وارو خريد ڪري رهيو آھي.اها ڪٿان جي ڏاھپ آھي ته جيڪي طبقا ٽي سو روپيا في ليٽر افورڊ ڪري سگهن ٿا.انهن کي موٽرسائيڪل واري جي سبب کان پنجاه روپيا في ليٽر سستو ملي رهيو آھي.اوهان ڪيئن ملڪ کي هلائي رهيا آھيو ته ٻاهرين دنيا کان تيل.گيس.ڊيزل مهانگو خريد ڪري سستو وڪرو ڪري رهيا آھيو.اوهان ته اهو سڀ ڪجه ڊالرز ۾ خريد ڪيو ٿا ۽ ان کي پاڪستاني روپيئي ۾ سستو ڪري وڪڻو ٿا ته جيئن اوهان جو ووٽ بينڪ بچيل رهي.عوام اوهان جو جنازو نه ڪڍي ڇڏي.اوهان عوام جا اهي پئسا جيڪي ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجن.اهي اوهان پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ ٺوڪي ڪجه ڏينهن ماڻھن کان واه واه ڪرائي ڇڏيو ٿا.حالانڪ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪس جو مقصد اهوئي هوندو آھي ته اهو پئسو گڏ ڪري انهن ماڻھن ۽ علائقن جي ترقي تي خرچ ڪيو وڃي.جيڪي پٺتي آھن.اوهان ان ٽيڪس کان ڊيم.رستا.اسڪول.عمارتون.يا ٻيا ترقياتي ڪم شروع ڪيو ٿا جنهن کان معشيت هلي ٿي پئي.ماڻھن کي روزگار ملڻ شروع ٿي وڃي ٿو.ليڪن اوهان ڇا ڪيو ٿا.اوهان ابتو ترقياتي فنڊ کڻي ڪري ان کان پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري هڪ ٻن مهينن ۾ پورو ڪري ڇڏيو ٿا.
جيڪڏھن آئي ايم ايف چئي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت جي ڪجه ادارن جيڪو پنهنجو پئسو پرائيويٽ بينڪن ۾ ڊپپازٽ ڪري رکيو آھي.جنهن کي اهي بينڪون حڪومت کي ڪمرشل قرض ڏيڻ جي لاء استعمال ڪن ٿيون.۽ اربين روپيا ان تي هڻي ڪري واپس اوهان وٺو ٿا ته ان کان بهتر آھي ته اهو پئسو اسٽيٽ بينڪ جي( CONSOLIDATE FUND ) ۾ رکيو وڃي.۽ اتان کان ڪڍرائي ڪري استعمال ڪري ٻيهر اتي رکرايا وڃن.جڏھن نئون ٽيڪس ارينج ٿي وڃي.ان ۾ ڇا غلط آھي؟ بينڪن اٽڪل هڪ سو ارب روپين کان وڌيڪ سياليانو نفعو ڪمايو آھي ۽ اهو به حڪومت کي قرض ڏئي ڪري ڪمايو آھي.
بينڪن جي گراهڪ هن وقت پاڪستاني حڪومت پاڻ ئي آھي.ان ڪري بينڪ هن وقت ننڍڙن ڪاروبارن کي قرض ڏيڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي.انهن کي ڪهڙي ضرورت ته ننڍن ڪاروبارن کي قرض ڏين ۽ پوء روئي روئي ڪري کانئن کان واپس وٺن.ان مقابلي ۾ بينڪن جو حڪومت کي پنهنجو گراهڪ بڻائي چڏڻ وڌيڪ محفوظ ۽ پرافت ايبل ڪم آھي.سو سيڪڙو ريڪوري ۽ ڪمرشل مهانگا قرض.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آھي ته ننڍڙا ڪاروبار ترقي نه ڪري سگهيا.ڇوته بينڪ انهن کي قرض ڏيڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي.جڏھن رياست پاڪستان ئي اوهان جي گراهڪ هجي ۽ اوهان کي اربين روپين جو مارڪ اوهان کي اوهان جي گهر ملي رهيو هجي ته پوء اوهان پرچون جو ڪاروبار ڪندو يا.ٻڌي جو حساب هلي رهيو آھي.ان سموري راند ۾ مزي جي ڳاله اها آھي ته گهڻو پئسو بينڪن وٽ پاڪستان جي حڪومتي ادارن جو رکيل آھي.جنهن تي اهي ڪجه سيڪڙو قرض ڏئي ڪري حڪومت کي ئي ويهن کان ٽيه سيڪڙو تي واپس قرض ڏين ٿيون.اهوئي پئسو جيڪو پاڪستاني حڪومت جو آھي اهو ري سائيڪل ٿي ڪري حڪومت کي قرض جي شڪل ۾ ملي ٿو ۽ بينڪون وڏو مال کائين ٿيون.جنهن جي ڪري اوهان جي سمال انڊسٽريز بيهي نه سگهي جيڪا پاڪستاني ايڪسپورٽرس کي انهيء ريت مدد ڏين ها جيئن بنگلاديش يا چين ۾ ٿيو.
