حبيب ٽالاڻي
ڪجھ ڏينھن اڳ ملڪ جي مخالف ڌر جي تنظيمن پاران جوڙيل تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جا اڳواڻ ملڪ جي سينئر سياستدان محمود خان اچڪزـٔي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي پھچي راجا ھاـٔوس تي جي ڊي اي سربراھ پير پاڳاري ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جي وفد ۾ محمود خان اچڪزـٔي کان سواء اسد قيصر سلمان اڪرم راجا اڳوڻو گورنر پنجاب لطيف کوسا حليم عادل شيخ ۽ الاـٔنس جا ٻيا اڳواڻ شامل ھـٔا تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جي اڳواڻن جي سنڌ ياترا جو اصل مقصد پنھنجي اتحاد ۾ جي ڊي اي کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش آھي اھو ان ڪري ته سنڌ ۾ اھا مخالف ڌر الاـٔنس بلڪل غير فعال آھي ۽ کڻي اـٔين چـٔجي ته نه ھجڻ برابر آھي ته غلط نه ھوندوان جو ھڪ اھم سبب اھو آھي ان مخالف ڌر ۾ شامل پارٽيون سياسي طرح سان سنڌ ۾ ڪو خاص وجود نه ٿيون رکن سواء پي ٽي آـٔي جي پر پي ٽي آـٔي سنڌ جي قيادت حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ سياسي وڪيٽ جي ٻنھي پاسن کيڏي رھي آھي جڏھن به پي ٽي آـٔي قيادت ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏيندي آھي ته ڪراچي ۾ پي ٽي آـٔي جو احتجاج يا ته بلڪل مختصر ھوندو آھي يا وري ڪا حد مقرر ٿيل محسوس ٿيندي آھي جتان اڳ تي يا ته پي ٽي آـٔي وارا ويندا ناھن يا وري اتي انھن کي پيار ۽ محبت سان سنڌ سرڪار جي مشينري پاران روڪيو ويندو آھي ۽ اھي ويچارا سڌريل ۽ وڏڙن جو چيو وٺندڙ ٻار جيـٔان اتان ـٔي واپس ٿيندا آھن جي وري ڪٿي ملڪ ۾ ٻـٔي ڪنھن ھنڌ احتجاج لاء ڪراچي مان ڪافلا نڪرندا آھن ته پوء ڄامشورو ٽول پلازا وٽ انھن کي روڪيو ويندو آھي جيـٔن ڪجھ وقت کان ٿيندو اچي پيو باقي ڄام شوري واري ٽول پلازا کان اڳ انھن وي ٽي آـٔي وارن خاص ڪري حليم عادل شيخ کي نه روڪڻ جو اصل سبب حليم عادل شيخ ـٔي ٻڌاـٔي سگھي ٿو پر لڳي ٿو ته حليم عادل شيخ وٽ اھڙي ڪا تعويز آھي جو روڪڻ وارا ڄامشوري جي ٽول پلازا کان اڳ حليم عادل شيخ کي ڏسي ناھن سگھندا ان ڪري حليم عادل ڄام شوري واري ٽول پلازا تاـٔين پھچي ويندو آھي اتي پھجي ڪري شايد تعويز جو اثرختم ٿي وڃي ٿو ۽ حليم عادل شيخ سڀني کي نظر اچي ٿو وڃي ۽ ساـٔين جن کي اتي ـٔي روڪيو وڃي ٿو وري اھم ڳالھ اھا ته شايد روڪڻ وارن کي به خبر آھي ته حليم عادل جي نظر نه اچڻ واري تعويز جو اثر اتي پھچڻ سان ختم ٿـٔي ٿي خير اھا ته اندر جي ڳالھ آھي پر ان توڙي ڪجھ ٻين سببن جي ڪري سنڌ ۾ ان مخالف ڌر جي گرينڊ الاـٔنس جو ڄڻ ته وجود ـٔي ناھي ان ڪري مخالف ڌر جي ان اتحاد جي ڪوشش آھي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي کي پنھنجي اتحاد ۾ شامل ڪجي توڙي جو سنڌ صوبي ۾ جي ڊي اي عام چونڊن ۾ ڪا خاص ڪاميابي ماڻي ناھي سگھي پر جي ڊي اي وٽ احتجاج ڪرڻ جي صورت ۾ اسٽريٽ پاور ضرور موجود آھي ان ڪري مخالف ڌراتحاد وارا سنڌ سطح تي جي ڊي اي کي تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان سان اتحاد ۾ آڻڻ لاء ھٿ پير ھڻي رھيا آھن پر سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته ڇا جي ڊي اي وارا پي ٽي آـٔي ۽ محمود خان اچڪزـٔي جي الاـٔنس سان اتحاد ڪندا؟ ان حوالي سان مخالف ڌر جي اتحاد تحفظ تحريڪ آـٔين پاڪستان تي نظر وجھي ڏسجي ته ان اتحاد ۾ اھم ڌريون ٽي آھن ھڪ پي ٽي آـٔي ٻي ڌر محمود خان اچڪزـٔي ۽ ٽـٔين ڌر بلوچستان جو ڪجھ قوم پرست تنظيمون آھن ۽ وري اھم ڳالھ اھا ته ان اتحاد ۾ شامل ٽنھي ڌرين جا الڳ الڳ سياسي مفاد آھن مثال طور تي پي ٽي آـٔي کي صرف ۽ ھر حالت ۾ عمران خان جي آزادي ۽ ملڪ ۾ جلد کان جلد نيون عام جونڊون گھرجن جيـٔن اھي اقتدار ۾ اچن ان ڳالھ جو اظھار اڳوڻي وزير اعظم سربراھ عوام پاڪستان پارٽي شاھد خاقان عباسي پڻ ڪري چڪو آھي ۽ وري محمود خان اچڪزـٔي ويچارو جيڪو ھميشا آـٔين ۽ جمھوريت لاء جدوجھد ڪندو رھيو آھي پر ھن ڀيري جتي ھڪ پاسي ھن جي پارٽي کي ھارايو ويو آھي ته اتي ٻـٔي پاسي ھو پنھنجي سياسي ساک بچاـٔڻ لاء ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري رھيو آھي رھي ڳالھ اخترمينگل جي ته ھو ڪڏھن عمران سان گڏ ھو ڪڏھن شھباز شريف سان گڏ ھو حڪومتن ۾ شامل رھڻ ڪري بلوچستان ۾ ھن جي سياسي اميج کي ڪافي ڌڪ رسيو آھي ھاڻي ھن وٽ احتجاج ڪري پارٽي کي جيـٔارڻ کان سواء ٻيو ڪو به آپشن ـٔي ناھي رھيو ھاڻي جڏھن تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان ۾ شامل سياسي پارٽين جا مفاد ـٔي ھڪ ٻـٔي کان الڳ ھجن ته پوء اتحاد ڪامياب ٿي مقصد ڪيـٔن ماڻيندي؟ اھا گرينڊ الاـٔنس ٺھڻ کان وٺي اڄ تاـٔين ان الاـٔنس جي ناڪام ٿيڻ جا سبب به اھي آھن ته ان اتحاد ۾ شامل سڀني پارٽين جا سياسي مفاف جدا جدا آھن جتي جلسو ٿيندو احتجاج ٿيندو ھر سياسي پارٽي پننھنجي ڳالھ ڪندو پي ٽي آـٔي وارا چوندا عمران خان کي آزاد ڪري اسان جو مـٔنڊيٽ واپس ڪيو مـٔنڊيٽ واپس ڪرڻ مطلب نيون چونڊون ڪرايو محمود خان اچڪزـٔي وري آـٔين جي ڳالھ ڪندو من ڪٿي ڀاڳ کلي وري مينگل صاحب پنھنجي اندر جي باھ اسٽيبلشمنٽ مان ڪڍندو ھاڻي جڏھن اتحاد ۾ شامل پارٽين جا مطالبا ھڪ ٻـٔي کان مختلف ۽ صرف پنھنجي سياسي مفادن جا ھجن ته پوء اھڙي اتحاد جو ھشر ھن تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جھڙو ٿيڻو ـٔي آھي باقي اڳ تي ھلي ان اتحاد ڪجھ حاصل ڪيو ته اھا الڳ ڳالھ ھوندي ھن وقت اھو چوڻ غلط نه ھوندو ته تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان بلڪل به بيوقتاـٔتو ۽ بي فاـٔدا اتحاد آھي ان ڪري جي ڊي اي جو ان اتحاد سان شامل ٿيڻ ناممڪـن آھي اھو ان ڪري ته جيڪڏھن جي ڊي اي ان اتحاد ۾ شامل ٿـٔي ۽ سنڌ ۾ جلسو ٿـٔي پير پاڳارو پاڻ يا ان جي پارٽي شرڪت ڪري ۽ اتي پي ٽي آـٔي وارا محمود خان اچڪزـٔي ۽ اختر مينگل ۽ ٻيا اڳواڻ پنھنجي سياسي مفادن خاطر اسٽيبلشمنٽ خلاف سخت کان سخت ٻولي ڳالھاـٔن ته ڇا اھو پير پاڳاري کي قبول ھوندو؟ اھو ان ڪري ته فنگشنل ليگ ھميشا اسٽيبلشمنٽ جي ويجھو رھي آھي جيڪڏھن ھاڻي فنگشنل ليگ اسٽيبلشمنٽ کان ڪجھ پري آھي ته پوء به پيرپاڳارو پنھنجي ڪنھن اتحاد کي اسٽيبلشمنٽ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ھونـٔن به جي ڊي اي پاڪستان پيپلزپارٽي خلاف ٺاھي وـٔي آھي اسٽيبلشمنٽ خلاف نه ۽ تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان موجودا حڪومت سان گڏو گڏ بلڪل صاف صاف اسٽيبلشمنٽ سان ٽڪراء ۾ آھي ان ڪري پير پاڳاري جي ڊي اي تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان سان الاـٔنس نه ڪندي پر جيڪڏھن ھاڻي جيـٔن مرتضي جتوـٔي کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ اڳ تي ھلي جي ڊي اي جي ٻين اڳواڻن خلاف به ڪاروايون ڪيون ٿيون وڃن ته پوء به جي ڊي اي وارا پ پ جي سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪندا پوء اھڙي ڪنھن احتجاج ۾ حليم عادل شيخ شريڪ ٿي سگھي ٿو باقي جي ڊي اي ۽ تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان وچ ۾ الاـٔنس جو گھٽ ۾ گھٽ ھن وقت ڪو به امڪان ناھي ھونـٔن به پي ٽي آـٔي جي موجودا قيادت تي ڪنھن کي يقين ناھي ان ڪري ته بـٔريسٽر گوھر ۽ اسد قيصر سميت سڀـٔي اڳواڻ عمران خان جي حڪم تي ھلندا آھن انھن وٽ ڪي به اختيار ناھن ان ڪري اھي پي ٽي آـٔي وارا عمران خان جي چـٔي تي ڪنھن به وقت ڪنھن به الاـٔنس کان الڳ ٿي سگھن ٿا ۽ ڪنھن نـٔين الاـٔنس ۾ به شامل ٿي سگھن ٿا ۽ سڀني اتحادين کي ڇڏي عمران خان جي چـٔي تي حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ سان مامرا طـٔي ڪري سگھن ٿا جيـٔن اڳ ۾ پي ٽي آـٔي وارن ڪيو ج ھڪڙي پاسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف محمود خان اچڪزـٔي ۽ اختر مينگل سان گڏجي تحفظ تحريڪ آـٔين وجود ۾ آندو ۽ مولانافض الرحمن سان ڳالھيون ڪيون پر جڏھن عمران خان جو حڪم ٿيو ته سڀني اتحادين کي ڇڏي وڃي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪيون جيڪي اھي ڳالھيون ناڪام ٿيون ته ھمراھ وري ڀڳا اتحاد جي پويان. ان ڪري انھن تي اعتبار ڪرڻ سياسي غلطي ھوندي ڇو ته اھي بي اختيار آھن ٻي ڳال ته سڀني اتحادين جا الڳ مفاد آھن ان ڪري ـٔي ھن وقت تاـٔين تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان پنھنجا مقصد ماڻڻ توڙي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ کي سوڙھو ڪرڻ ۾ مڪمل طورتي ناڪام وـٔي آھي ۽ في الحال انھن وٽ ڪامياب ٿيڻ جا ڪي به آثار ناھن پر ھي پنھنجي ملڪ جي سمجھ ۾ نه ايندڙ سياست آھي ھتي ٿيندڙ شيون رھجي وينديون آھن ۽ وري ڪڏھن ڪڏھن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آھن جن کي چـٔبو آھي سياست جا رنگ










