لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چين لاءِ مختلف شين جي ايڪسپورٽ کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پاڪستان مان گڏهن جون کلون چين کي ايڪسپورٽ ڪيون وينديون پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار جو نئون دور شروع ڪيو ويو ان حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ چئن مختلف پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون وينديون رپورٽ مطابق پاڪستان گڏهن جون کلون چين کي ايڪسپورٽ ڪندو، کلون پروسيسنگ مقصدن لاءِ چين اماڻيون وينديون جڏهن ته سڪل مرچ، بيف، ڊيري شيون به چين کي ايڪسپورٽ ڪيون وينديون سمري وفاقي ڪابينه ۾ پيش ڪرڻج ي منظوري ڏني وئي پروٽوڪولز جي قانون ۽ انصاف واري وزارت توثيق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پرڏيهي وزارت به پروٽوڪول تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو حڪومتي ذريعن جي حوالي سان چيو ويو ته پروٽوڪول جو مقصد چين لاءِ گڏهن جون کلون ايڪسپورٽ ڪرڻ تي ريگيوليٽ ڪرڻ آهي. پروٽوڪولز تحت چين جا ساهٽو سينٽري قانونن ۽ ريگيوليشن جي تعميل ٿيندي، صحت، حفاظتي، معيار، ۽ ڪورنٽائين ضرورتن تي به عمل ٿيندو.
