چيئرمين ارسا بداخلاق

تحرير زوار حسين شاهه

جيڪڏهن بداخلاقي تي عنوان لکجي ته اهو لکي لکي ٿڪجي پونداسين پر جهڙي ريت چونڊيل نمائينده اعلي ايوانن ۾ به هڪ ٻئي خلاف نازيبان زبان استعمال ڪن پيا اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، سينيٽ اجلاس هجي يا قومي اسيمبلي جو اجلاس هجي يا صوبائي اجلاس هجي  جهڙي ريت هڪ ٻئي جي عزت کن ٿا  اهو نه صرف پاڪستان جو عوام مفڪر اديب دانشور هر امير غريب ڏسي ٿو پر اهو آواز سڄي دنيا تائين جديد کان جديد ٽيڪنلاجي جي استعمال ڪرڻ بعد پڻ سڄي دنيا ۾  وڃي ٿو جنهن تي به مان سمجهان ٿو ته جيڪي هڪ ٻئي مٿان ڪڙا الزام پوء ان ۾ ڪرپشن جا قصا هجن يا هڪ ٻئي سان بيوفائي جا قصا هجن جڏهن شروع ٿين ٿا ته بس پوء الله سائين معافي ڏيئي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي چپ ڪري ويهي رهيون ٿا پر جهڙي ريت سنڌ جي وزيراعلي پوء هن وقت جو هجي يا ڪو ماضي جو هجي  انتهائي تذليل ٿيندي رهي آهي ، جنهن تي ڀلي جو وزيراعلي احتجاج ڪري پر  پوءبه  ننڊن صوبن کي نه ٻڌو وڃي ٿو نه  انصاف مهيا ٿئي ٿو اهڙي ريت سنڌ جي وسيلن جي اڪثريت ڳالهه ڪندو آهيان ته جيئن سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن اهي بهڪنهن کان لڪيل ناهين ، زمين سنڌ جي رهندا غير سنڌي يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ جن  پاڪستان چڇڏڻ بعد وري پاڪستان جو ديدار به ناهي ڪيو ، اهڙي ريت سنڌ جا وارث اقيليت ۾ تبديلي ٿيندا پيا وڃن ، جڏهن ته انصاف جي گهرج به پوري نه ٿي ٿئي پر جيڪڏهن سنڌ پرست سنڌ حڪومت ڪنهن اداري سان رجوع ڪندي يا پاڪستانجي چيف ، وزيراعظم سان رابطو ڪندا تڏهن ته انهن کي ڪو خاطر خواه جواب نه ملندو اها حقيقت آهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري باقي اسان ٿيئون وڏو ذليل خوار ٿا ،  جڏهن ته مان عرض ڪندس ته سنڌ حڪومت خاص پاڪستان پيلزپارٽي به سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي  ، جيڪڏهن مان سنڌ يج ٻيٽن يج ڳالهه ڪيان ته اها صورت هال جيڪا به اسان توهان جي اڳيان گذري آهي اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جڏهن ته سنڌ جو عوام سنڌ پرست گهرن کان ٻاهر نڪتا ، عوام احتجاج به ڪيو ته هن پراجيڪٽ جي مذاحمت به ڪئي نيٺ سنڌ حڪومت اکيون کوليون ۽ وري ان  پراجيڪٽ جنهن تي نوان دبئي طرز  شهر اڏجي رهيا هيا اهي ڪجهه دير لاء مان سمجاهن ٿو ته رڪجي ويا پر پوء به پاڪستان جو وزيراعظم جناب عمران خان سنڌ حڪومت کي هن شهرن جي آباڪاري لاء ٻيهر غور ويچار ڪرڻ لاء چيو آهي جڏهن ته هن وقت مان سمهگان ٿو ته ننڊن صوبن ۾ نفرت ڦهلجي رهي آهي برحال سنڌ سان نه  پر بلوچستان سان به جيڪا زيادتي ٿيندي رهي آهي ان کان  به باخبر آهيون پر ڇا ڪجي  پاڪستان ۾ اها روايت ڪافي پراڻي آهي ته عوام جيڪو آواز بلند ڪري انهن کي پڪڙي  اهڙ سزا ڏيئو جو ٻيهر هو آواز بلند نه ڪري ،  ائين ئي سنڌ جي عوام سان به يٿندو رهيو آهي ، جمهوريت جمهوريت جي آڙ ۾ جيڪي ڪاريون رڍون آهن اهي به لڪيل ناهين ، سنڌ جا اڪثر سيساتدان پنهنجي ذاتي مفاد للاء سنڌ جيجل جو سودو ڪن ٿا عوام جي قسمت جا فيصله ڪن ٿا ، شهر تباهه ڳوٺ تباهه تعليم آهي ، نه صحتجون سهولتون اسان يج اڳيان آهن ، انا جا مسئلا بڻائي بس هڪ ٻئي کي  جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ، جڏهن ته بهڙيا ٽائون منصوبا جن جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به اجزات ڏني ته توهان 16 هزار ايڪڙن تي ڀلي رهڻ جا منصوبه جوڙِو پر جهڙي ريت هن وقت ٽوٽل جيڪڏهن مان بحريه تائون جي ان جاء جنهن تي منصوبا جڙي رهيا آهن يا ڪجهه جڙندا اهو سو لک ايڪڙ زمين آهي ، جڏهن ته ويهن ٽيهن سالن کان آباد ڳوٺ انهن ڱککي به مسمار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشس ٿي رهي آهي جنهن تي به عوام  سميت هر هڪ با ضمير  انسان سراپا حتجاج آهي . برحال سنڌ جا ڪهڙا ڪهڙا سور لهيان ، تڪليفون تمام گهڻيون آهن ،   سنڌ جي زمينن تي قبضا اسان خاموش ، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا اسان خاموش ، سنڌ جي جبلن تي قبضا اسان خاموش هاڻ ته سنڌ جي جيئڻ جو سبب پاڻي آهي جنهن مٿان به خاص طور پنجاب ڊيم  ٺاهي پاڻي پنهنيج قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آهي هان انهن جي مرضي آهي ته پاڻي ڇڏين يا نه ڇڏين ،  پنجاب سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙ چشما جهلم کانپوءِ تڪراري تونسا پنجند ڪئنال به کولي ڇڏيو، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ڪري زرعي فصل سوڪهڙي جو شڪار ڪرڻ بعد وڏي صوبي ڏاڍ بند نه ڪيو، پنجاب ٽي پي ڪئنال به کولي ڇڏيو، ارسا سنڌ جي ميمبر جو احتجاج، چيئرمين جي بداخلاقي، ڪاغذ  منهن ۾ اڇلائي هنيا، سنڌ اسيمبلي ۾ واقعي جي سخت مذمت رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير سھيل انور سيال خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ احتجاجن باوجود پنجاب هوڏ تان نه لٿو آھي، پنجاب ارسا جي حڪمن کي لتاڙيندي تڪراري تونسا پنجند ڪئنال مان پاڻي جي جبري کڻت شروع ڪري ڇڏي، پنجاب شروعاتي طور ٽي پي ڪئنال مان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ويو آھي، صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته ارسا جي اجلاس دوران چيئرمين ارسا ۽ سنڌ جي نمائندي ۾ پاڻي ورڇ مامري تي سخت ڇڪتاڻ ٿي آھي، ارسا اجلاس ۾ ڪاغذ اڇلايا ويا، ارسا جي چيئرمين سنڌ جي نمائندي سان اڍنگو رويو اختيار ڪيو. ارسا چيئرمين سنڌ جي نمائندي کي ڪتاب اڇلائي ھنيو. ھي ايوان ڪاغذ اڇلائڻ جي مذمت ڪري ٿو. پاڻي ورڇ مامري تي ارسا چيئرمين کي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سڏايو ويو آھي، سھيل انور سيال چيو ته اسان جو فرض ٿئي ٿو ته  اسان سنڌ جي نمائندي زاھد جوڻيجو سان گڏ بيھون ۽ اسان زاھد جوڻيجو سان گڏ آھيون،  مان مڃان ٿو ته جذبات سٺي شيءِ ناھي پر سنڌ سان ڪير زيادتي ڪري اھو برداشت نه ڪنداسين، سھيل انور سيال چيو ته ارسا ۽ پنجاب طرفان پاڻي جي مامري تي سنڌ سان مسلسل زيادتيون ٿي رھيون آھن، سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي ويئي آھي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول ۾ پيئڻ جو پاڻي به ڪونهي، ڪالاباغ جيان ھي مامرو به زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي. ارسا ۽ پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو بند نه ٿيو ته ڪمون شھيد تي ڌرڻو ھنيو ويندو ، مان عرض ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ اندر جيڪي عوام سان زيادتيون ٿي رهيون آهن اهي به ڪنهن کان لڪيل ناهين ، پر هڪ عرض ڪندس ته جيڪو ڪجهه به سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اجازات پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت ضروپر ڏني آهي بحريه ٽائون منصوبه سنڌ جي زمين هجي يا ڪاروجهنگر جبل هجن يا ، سنڌ جا ٻيٽ هجن ، پر تعجب اهو به ٿئي ٿو ته هن سڄي صورت حال کان اسان واقف آهيون ، سڄي خبر آهي ته ڪير ڇا پيو ڪري پوء به ووٽ وري جڏهن اليڪشن ٿيندي ته اهي ئي دهل اهي ئي دوسو اهي ڍڳيون ڌوڪا ڏٽا هوندا ،  جيڪڏهن هاڻ به سنڌ حڪومت  سنڏ يج حقن جي حفاظت نه ڪئي ته پوء اهو جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اڇچي ٿو اهو به نه ايندو ، ان ڪري مان عرض ڪندس ته سنڌ جو عوام پنهنجي سنڌ ڌرتي جي پاڻ حفاظت ڪري جمهوريت جو بار بار راڳ ڳائيندڙن کي خيرباد چئي ڪو پاڻ منجهان ئي اڳواڻ چونڊي وٺي ، ٻيو عرض ڪندس ته  جيڪا ارسا جي چيئرمين بيهودائپ ڪئي آهي ، ان کي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي هڪ چويري ٻي سينا زوري سمجه کان ٻاهر آهي ، سنڌ مان ارسان جي نمائيندي پاران احتجاج تي ارسا چيئرمين ڪاغذن منهن تي هڻي اڇلائي ڏينا جيڪا به سنڌ جي تذليل آهي سنڌ اڃان ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪري ،  هاڻ ته سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت عوام مٿان شفقت جو هٿ رکي شديد احتجاج ڪري نئين کوليل ڊيم کي فوري بند ڪرائي جيئن سنڌ اندر جيڪا پاڻي جي کوٽ آهي اها ٻيهر نه ٿئي . سنڌ جو ڪيس سنڌ جي عوام کي بهتر طريقي پاڻ وڙهڻ گهرجي ، سنڌ سان يٿندڙ زيادتيون بند يٿڻ گهرجن ، برحال سنڌ جو عوام چيئرمين ارسا کان بداخلاقي بعد استعفا جي گهر ڪئي آهي  جيڪڏهن هاڻ به ڪو سخت فيصلو نه ڪيو ته پوء اهڙين زيادتيون ٿينديون رهنديون                                                              

پهنجو تبصرو موڪليو