چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي ۽ الڪيشن ڪميش جو ڏوھ!

ناشاد شوڪت شنباڻي
پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي آزاد جهموريت جي نالي تي ٿيل چونڊن جي نتيجن جو سلسلو هن وقت تائين اڃان جاري آھي. جيتوڻيڪ اڄ اُن چونڊن کي ڏھ ڏينهن ٿي ويا آھن پر پوءِ به هن آزاد جهموريت جي نالي تي ٿيل فراڊ چونڊن جي حقيقت پڌري ٿي رهي آھي. ڪالهہ کان وٺي جيئن جيئن چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌليءَ تي نوان انڪشافات ٿي رهيا آھن، اُن مان ڌانڌلي سان ڀرپور اليڪشن جو مڪروھ چهرو ظاهر ٿي رهيو آھي. اُن ڳالھ ۾ ڪا به لڪ ناهي ته اليڪشن ڪميشن پوري طرح سان نون ليگ جي وانگار وھي رھيو آهي، جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي لڳل الزام رڳو الزام ناهن پر حقيقت آھن. جيئن راولپنڊي جي ڪمشنر اليڪشن ڪميشن کي وائکو ڪيو آھي اُن مان پڻ اليڪشن ڪميشن ڏوھ جو ڏوهاري آھي جو هُو هڪ پارٽي کي هارائڻ جي ڪري ايتري حد تائين ويو آھي، ۽ ڪالهہ اوچتو راولپنڊي جي ڪمشنر جي بيان تي نون ليگي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ پڻ جهڙي طرح ٿرٿلو مچيو اُن مان لڳي رهيو آھي ته اليڪشن ڪميشن سان گڏ هنن سياسي پارٽين ۽ طاقتوار ادارن جا پڻ هٿ ڪارا آھن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جهڙيءَ طرح تي سوشل ميڊيا تي يڪدم اچي پاڻ تي لڳل الزامن کي رد ڪيو اُن مان واضع آھي ته هن ملڪ جي جسٽس يعني انصاف ڪندڙ به عوامي ميڊيٽ چوري ۾ شامل ۽ اُن ۾ ملوث آھي. پي ٽي آئي جي ڪارڪن جي زوري غمشدگي تي جهڙيءَ طرح وڪيلن آواز اُٿاريو هو ته جسٽس صاحب اُهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ته هو سوشل ميڊيا ڏسئي نه ٿو، پر جڏهن سندس تي هاڻي الزام لڳي رهيا آھن ته انهن تي جلدي جلدي ۾ چيف جسٽس جا بيان ڏسجي ته حيران ڪندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آھن. اُنهن سڀني چورين ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف پي ٽي آئي جي ملڪ گير احتجاج هڪ ڳالھ واضع پڻ ڪئي آھي ته عوام جو ميڊيٽ چوري ته ڪيو ويو آھي پر اُن کي ڦٻائڻ جو طريقو ڪنهن به ناهي آيو، نه اليڪشن ڪميشن کي نه نون ليگ کي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي کي سڀئي جهڙيءَ طرح سان وائکا ٿي رهيا آهن اُن مان هڪ وڏي ڳالھ اُها به سامهون آئي آھي ته اليڪشن ڪميشن ڇا ايتري حد تائين به وڃي سگهي ٿو؟ تيرنهن سيٽن تان پنجاھ پنجاھ هزار جي ليڊ تان هارائيندڙ کي کٽرائي سگهي ٿو آخر اليڪشن ڪمشن ڪنهن جي وانگار ۽ دٻاءُ ۾ هي ڪم ڪري پيو اهو به وڏو سوال آھي، برحال جيڪڏهن باضمير ماڻهن جيڪي پاڻ کان ٿيل غلطين کي مڃي رهيا آهن ۽ ائين ئي مڃندا رهيا ته ملڪ هڪ وڏي ڏچي ۾ پئجي ويندو يا ته اليڪشن ڪميشن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي يا فارم پنجيتاليھ موجب سڀني پي ٽي آئي جي هارايل پر هر پارٽي جي زوري هارايل ميمبرن کي ڪامياب ڪري پنهنجي هار مڃي جيڪڏهن نه ته پوءِ هي ننڍڙا سوال اڳتي وڌي وڌي وڏا سوال ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي فرد جرم پڻ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
ڪيترائي ماڻهو ايمرجسي ۽ مارشلا لاڳو ٿيڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهن ايمرجسي ۽ مارشلا هن دور ۾ واضع طور نه ٿي لڳي سگهي باقي لڪل طريقي سان مارشلا عمران خان جي حڪومت هٽائڻ واري ڏينهن کان وٺي لڳل آھي. جھڙيءَ طرح پي ڊي ايم جي حڪومت مهانگائي ڪئي اُن جي خلاف اڄ تائين ڪائي ڪاروائي نه ٿي ۽ نه ئي ڪا ڪميٽي جوڙي وئي ته هي آخر ملڪ سان ڇو ٿيو ڇو واڌو ٽيڪ لڳايا ويا ملڪ جي مسڪين ماڻهن تي، پر پوءِ به اڄ تائين اُن تي ڪا به تحيقق طلب ڳالھ ناهي ٿي. اڄ اليڪشن ڪميشن راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن تي ڪميٽي جوڙي آھي ڏسون ٿا ته ايندڙ لاھ عمل اليڪشن ڪميشن جو ڪهڙو آھي پر هڪ ڳالھ واضع هي به ٿي چڪي آھي ته عوام جو اليڪشن ڪميشن تي پوري طرح اعبتار ناهي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن جو ڏوھ ڏينهن و ڏينهن وڏو ٿيندو پيو وڃي…

پهنجو تبصرو موڪليو