ڀٽائي جي شاعري معاشري جي هر فرد لاءِ رهنمائي آهي

ليکڪ عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي ڌرتي الله لوڪ بزرگ هستين جو مسڪن ۽ ماڳ اصل کان آهي. جنهن ۾ هڪ کان هڪ اولياءَ الله ، ڪامل، صوفي بزرگ ، درويش عارف بالله ملن ٿا. انهي خوشنصيب سنڌ جي ڌرتيءَ تي پوري دنيا آل ورلڊ جي مڃيل شاعر، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه پهرين رجب 1102 هه بمطابق 18 نومبر 1689ع تي حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي ۾ هالا حويلي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه هڪ درويش الله لوڪ ڪامل اڪمل هستي هيا سندن سان اڪثر ٽي ڪتاب گڏ هوندا هيا، جن ۾ قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو هوندو هو. ڀٽائي سرڪار رح سمورو وقت رياضت، عبادت، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو هو.قدرت جا من موهيندڙ نظارا سندن وجد ۾ آڻي ڇڏيندا هيا، شاهه سائين جا وڌڙا هالا بعد ڪوٽڙي رهائشي ٿيا پر شاهه سائين خلوت جي عشق ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ بجاءِ پنهنجي سير سفر دوران اچي ڪراڙ ڍنڍ کي وساريو، فقيرن سان گڏ انهي واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽيءَ تي پنهنجي لاءِ هڪ جهوپڙي اڏيائين.اتي هڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنهنجي ابي امڙ لاءِ هڪ حويلي به اڏرايائين ۽  فقيرن کي رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين.شاهه لطيف سائين رح جو وصال پهرين جنوري 1752ع  بمطابق 14 صفر 1165 هجري ۾ ٿيو. سندن جي مزار ڀٽ شاهه حيدرآباد ۾ آهي جتي لکين عقيدتمند، زائرين، پانڌيئڙا سڄي دنيا مان عقيدت سان حاضري ڀرين ٿا. ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ، هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ، هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين.سنڌ جي سونهن ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي شاعريءَ جا رنگ ڍنگ، مزاج ۽ ڪيفيتون سنڌ جي ماروئڙن جي چٽي عڪاسي جو اظهار ۽ درد جو واضع نمونو آهن، تنهن ڪري فرمايائون ته ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ، هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ، هوءِ ثابوتي ساڻ ، ته پسڻ کان پالهو رهين. شاهه حضرت عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه جيتوڻيڪ باطن ۾ هڪ ڪامل ولي الله، عارف بالله ۽ عظيم روحاني هستي هيا، انهي ڪري هو پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پاڪيزه شريعت مطهرهه کي خلق خدا ماڻهن جي صحيح هدايت دڳ سڏيندي واضع ڪيو آهي ته طريقت ۽ شريعت جي دامن سان ٻئي جهان ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿين ٿا، جڏهن اهي ٻئي نعمتون ملي وڃن ٿيون ته پوءِ ماڳ معرفت ماڻ ۽ پوءِ جڏهن اهي ٻئي طريقت ۽ شريعت جي ثابوبي ساڻ هجئي ته پوءِ پسڻ کان پالهو رهين، سهڻي لطيف روحاني رمز جا راز بيان ڪندي فرمايو ته “ تن تسيبح، من مڻيو، دل دنبورو جن، تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن، وَحدهُ لا شريڪ له ، اهو راڳ رڳن، سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت تن جي.جن جو جسم مالها آهي ۽ من مالها جو ڌاڻو ۽ دل تنبورو جنهن جي طلب جون تارون، مولا ڪريم رب العالمين  جي هيڪڙائيءَ جي راز  سان پيئون وڄن، اهو مالڪ هڪ ئي آهي جنهن جي جيتري به حمد و ثنا ڪر اها گهٽ آهي،سندس جو ڪو شريڪ ( مٽ ناهي)، اهو ئي راڳ سندن رڳون پيئون ڳائين، انهن ڪامل، اڪمل مرد قلندر شخصيتن جي بظاهر سمهڻ به بيداريءَ مثل آهي ۽ انهن عظيم هستين جي ننڊ به بندگي عبادت ۾ شمار ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته الله جا ڪامل ولي بزرگ رضاءِ الاهي ۾ ايترا ته مستغرق ۽ فنا هوندا آهن جو انهن کي پنهنجي آرام، آسائش ۽ دنيا داريءَ جو ڪو پتو ئي نه پوندو آهي. تنهن ڪري ته هڪ ٻي جاءِ تي ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته “ وحده لاشريڪ له ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا، ڪه تو ڪنين نه سُئا، جي گهٽ اندر گهوڙا، ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامُهان، رب ڪريم هڪ آهي ۽ انهي جو ڪو مٽ ثاني ناهي، اي ٻوڙا ! تو اها وائي نه ٻڌي آهي، هيءُ جو تنهنجي اندر ۾ هڪلون ضمير جون پڪارون پيئون پون سي ڇا ڪنن سان نه ٻڌيون آهن، جتي تنهنجي سامهون شاهد اچي بيهندا، اتي هنجون هارڻيون پوندئي.جيئن فرمائن ٿا ته اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي، قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم، والي واحد وحده رازق رَبُ رحيم، سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم، ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي. معنيٰ ته اڳ ۾ پهريان نالو مٺڙي رب ڪريم ڪائنات جي حقيقي مالڪ خالق جو جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻيندڙ آهي ۽ ذري ذري جو مالڪ آهي. جنهن جي حڪم کان سواءِ ڪا به شيءِ چري پري نٿي سگهي، هو سگهارو پنهنجي سگهه سان اصل کان وجود ۾ آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو آهي، هو جڳ جهان جو والي آهي، هو هڪ آهي ۽ سڀني جو پاليندڙ ۽ ٻاجهارو آهي، انهيءَ سچي سائين جي ساراهه ڳاءِ ۽ انهيءَ رب العالمين جي واکاڻ ڪر، هو مهر ڀريو پنهنجي ڪاريگريءَ سان ساري جهان جو جنسار جوڙيو آهي، جنهن کي ڏسندڙ ۽ عقل ڌاريندڙ حيرت ۾ پئجي وڃن ٿا ته واهه رب العالمين تنهنجي قدرت جو ڇا ته شاندار ڪمال آهي. انهيءَ ڪري ڀٽائي سرڪار فرمايو ته پاڻهين جل جلاله، پاڻيهن جان جمال، پاڻيهن صورت پرينءَ جي، پاڻيهن حسن ڪمال، پاڻيهن پير مريد ٿئي، پاڻيهن پاڻ خيال، سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي. مٺڙو رب ڪريم پاڻ ئي وڏي شان وارو آهي ۽ پاڻ ئي سونهن جو جوهر ( تت)  آهي،هُو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي ۽ پاڻ ئي پوري سونهن آهي، هو پاڻ ئي مرشد ۽ پاڻ ئي مريد ٿو ٿئي، هو پاڻ ئي خيال ۽ اهي جنهن مان هيءُ سمورو مانڊاڻ يا پسار نروار ٿيو آهي اهو سمورو حال اندر مان ئي ٿو پروڙي سگهجي.جنهن ڪري وڌيڪ فرمائن ٿا ته پاڻيهن پسي پاڻ کي، پاڻيهن محبوب، پاڻيهن خلقي خوب، پاڻيهن طالب تن جو. هو پاڻ ئي پرين آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجي سونهن پيو پسي، هو پاڻ ئي سهڻيون شيون ٿو ٺاهي بڻائي ۽ وري پاڻ ئي انهن تي فدا ٿو ٿئي. معنيٰ ته انهن پنهنجن ٻانهن بندن سان پيار محبت ايتري ڪري ٿو جو والدين کان به 70 دفعا وڌيڪ محبت ڪري ٿو ۽ مالڪ کي پنهنجي مخلوق ڏاڍي پياري آهي. ڀٽائي گهوٽ رحمت الله تعاليٰ عليه فرمائين ٿا ته عاشق زهر پياڪ، وِهُ ڏسي وهسن گهڻو، سڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ، لڳين لنو، لطيف چئي، فنا ڪبا فراق، توڻي چڪنن چاڪ، ته به آهَ نه سلن عامَ کي. معنيٰ ته اصل کان عاشق زهر پيئندڙ آهن ۽ وهه کي ڏسي ٽڙن ٿا، هو هميشه ڪوڙي ۽ جان نهوڙيندڙ عشق جي آڙاهه ۾ هريل آهن، هنن کي نينهن جو نيش لڳل آهي ۽ وڇوڙي کين وڍي فنا ڪري ڇڏيو آهي. توڙي سندن زخم ڪڙهن پيا ته به هو خلق اڳيان آهه به نه ٿا ڪڍن. وڌيڪ فرمائن ٿا ته جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن، فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن، پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پِرينءَ کي. جيڪي اندر  درد جي درس جو دور ڪن ٿا، سي سور جو ئي سبق پيا پڙهن، انهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ۽ هو ماٺ جو اڀياس پيا ڪن، هو اهو ئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾ پِرينءَ کي ٿا ڏسن. ڀٽائي سرڪار رحمت الله عليه چون ٿا ته “پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾، پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا. هن اعليٰ ترين شاعريءَ ۾ علماءِ سوءِ جيڪي رب کي ريجهائڻ ۽ خلق خدا جي خدمت کي نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ جي دعوت ڏيڻ بجاءِ رڳو پنهنجي ڪاروبار ڌنڌي ۾ مصروف رکڻ لاءِ ۽ مذهب جي پاڪيزه نالي کي پنهنجي دڪانداري ۾ استعمال ڪندي هڪ طرف فرقيواريت، مذهبي تعصب تي مبني نفرت آميز ڳالهيون ڪري پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندڙ نالي جي مولوين، ذاڪرن، پنڊتن کي ننديو ويو آهي،ڇاڪاڻ ته اهي انسانيت جي حقيقي صحيح راهه ڏسڻ بجاءِ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي راهه تي گامزن رهندي، رهندو ويڇا، وڇوٽيون، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ واري فضاءَ قائم ڪري ربَ جي مخلوق کي هڪ ٻئي کان پري ڪندا رهن ٿا، تنهن ڪري ڀٽائي گهوٽ فرمايو ته هو علماءِ سوءِ ( پيٽ جي پوڄا ڪندڙ نالي جا علماءَ) انهن جي ڪتابن جي ورقن مٿان ورق پڙهڻ سان ثواب ملڻ بجاءِ ويتر گناهه جا ڍير لڳندا وڃن ٿا، هو دل قلب سان ذرو به نٿا پڙهن ۽ انهن محبت ڀري اسرار کي دل ۾ هنڊائيڻ بجاءِ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندي شر انگيزي سان پنهنجي دڪانداري ڪري نه صرف دنيا پر آخرت جي بهتريءَ بجاءِ بربادي گڏ ڪندا رهن ٿا. تنهن ڪري انهن مٿان ويتر گناهه پيا چڙهن جيئن جيئن گهڻا پنا ٿا پڙهن تيئن تيئن انهن کي قلب جي نظر نه هجڻ سبب بهتريءَ بجاءِ تنگ نظري ملندي رهي ٿي. جڏهن ته اڳتي وري اهي سٽون به واضع ڪيون اٿائون ته “ طالب ڪثر سونهن اي روميءَ جي رهاڻ، پهرين وڃائڻ پاڻ پسڻ پوءِ پرين جو، جيڪي مالڪ حقيقي رب العالمين جي محبت جي مزي ۾ مستغرق ٿيڻ جا خواهشمند آهن، طلب ڪندڙ آهن سي ضروري آهي ته پهريون پنهنجي وجود خاڪيءَ کي وڃائيندا پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه انهن مٿان رب ڪريم جي مهربانين جي بيشمار پالوٽ ٿيڻ لڳي ٿي، تنهن ڪري ته چيو ويو آهي ته “پهريون وڃائڻ پاڻ،  پسڻ پوءِ پرين جو، هي جيڪي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اولياءَ الله، ڪاملين جون مزارون ڏسو ٿا انهن ڏانهن روزانو هزارين لکين ماڻهن جون حاضريون آهن، اتي درود و سلام جون سجايل محفلون ،قرآن پاڪ جي تلاوت، فاتحه خوانيءَ جا سلسله جاري و ساري آهن. ياد ڪرڻ گهرجي ته مزارات تي ايندڙ ماڻهن جي ناچ، گانن، دهل ڌهمانن سان جماعت اهلسنت “ الصلوات والسلام عليڪ يارسول الله ” پڪارڻ وارن جو ڪو تعلق ناهي جيڪي مزارات تي مسخري، مذاق ۽ دهل، ناچ گانن جو رواج  ۽ رسم قائم ڪندڙ آهن يقينن اهي دين اسلام جي عظيم بزرگ هستين جي ٻڌايل پيغام کي وساري ويٺا آهن ۽ انهن چند ماڻهن جي انهيءَ غلط فعل سبب اسلام جي صحيح تصوير جو ٻيو رخ پيش ٿيڻ سبب پوري  دنيا ۾ مزارات تي ناچ گانن جون محفلون سجائيندڙن لاءِ غلط تاثر پيش ٿي رهيو آهي، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن پر حضرت علي هجويري رح داتا درٻار لاهور سميت پنجاب جي ٻين مزارات تي خرافات جي عمل کي روڪڻ لاءِ سختي ۽ قانون نافذ  آهي سواءِ سنڌ ۾ ڪٿي به مزارات کي مسخري مذاق نه بڻايو ويو آهي.اسانجي عظيم بزرگ هستين هميشه الله ۽ الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل واٽ تي قائم رهندي حق و سچ، طريقت ۽ شريعت جي واٽ تي هلندي نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪرن جون ڪوششون ڪيون جهڙي طرح هن دور ۾ پوري دنيا ۾ دعوت اسلاميءَ جا باني سربراهه حضرت علامه مولانا محمد الياس “ عطار” قادري رضوي نگر نگر، وستي وستيءَ ۾ نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪرڻ لاءِ بيمثال خدمتون ڏيڻ لاءِ مصروف عمل آهن. هن مرد قلندر جهڙي طرح سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندي پرچار ڪئي آهي، جنهن تي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ نوجوانن جي دعوت اسلامي مدني تحريڪ جي ساراهه ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهجي سگهجي. ڇاڪاڻ ته نه صرف هڪ ملڪ ۾ پر انهي ملڪان ملڪ مدني رنگ سان ڀرپور نيڪيءَ جي دعوت جو ڪم سرانجام ڏيئي اعليٰ ترين ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڀٽائي سرڪار وڌيڪ پنهنجي رب العالمين جي محبت ۾ مستغرق ٿيڻ لاءِ اهو واضع ڪندي فرمايو آهي ته “ اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار، اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا. تون هڪ الف جي ئي اکر پڙهه، ٻيا سڀ پنا دل تان ميساري ڇڏ، تون پنهنجو اندر ڌوئي صاف ڪر، گهڻا ورق پڙهي گهڻا پڙهندين. معنيٰ ٻين ڳالهين بجاءِ رڳو “ الف” وارو “ الله جل جلاله” وارو اکر پنهنجي قلب ۾ هنڊائي ڇڏ انشاءَ الله تعاليٰ ٻئي جهان موچارا بڻجي ويندا. انهيءَ جي ڪري ئي ڀٽائي سرڪار وڌيڪ واضع ڪندي فرمايو ته “ ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو، وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو، سوکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين. تون ڇا لاءِ وڃي ٿو ٻين جو ٻانهو ٿين، ڌڻي مالڪ حقيقي جي عبادت ۾ مشغول ۽ مصروف ٿي وڃ، جيڪو جهان جو مالڪ آهي، سکيو اهو هوندو، جنهن جو نينهن پنهنجي مالڪ رب العالمين سان هوندو. ڪر الله الله روز شب آخر فنا آخر فنا، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه هر وقت هردم عمل لاءِ اتساهه ڏياريندي هو سکڻي توڪل جو پرچار ڪرڻ بجاءِ عملي ڪرڻ کي اهميت ڏيندي چوي ٿو ته ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ، ڇپر ڪين ڏئي، سو کڙيون ستن کي، انسان جو فرض آهي ته همت ڪري مشڪل ۾ منهن وجهي، ان جو حل پاڻيهي الله پاڪ پيدا ڪندو، ڪجهه پنهنجي ڪوشش ڪجهه خدا جي مدد شامل حال ٿئي ٿي.تنهن ڪري چيو ويو آهي ته هلڻ ۾ سوڀ آهي، ويهڻ ۾ هار، نه ويٺلن لاءِ واهر آهي، نه ستلن لاءِ ساٿ، دلي مقصد اهي ٿا حاصل ڪن جن ڪشالن ۾ منهن وڌو آهي.ويٺين ناه وراڪو، ستين ڪونهي سنگ، هوت هلندين کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ. اڳيان رڻ هجي يا جبل، سمهراڻ جي جهنگل ته به دهلجي بيهڻو ناهي، پر سر جو سانگو نه ڪري، اڳيان ڌوڪي پوڻو آهي، پوءِ ئي رڻ مان کٿوري جبل مان لعلون، مهراڻ مان موتي ۽ جهنگل مان ڦل ڦول هٿ ايندا. بحر ۾ گهڙيندڙن کي ماڻڪ ٿا ملن، ڪناري تي بيهندڙن کي ڪوڏ ۽ ستيون من ٿيون. دنيا عمل جو ميدان آهي جتي دل جا وهم وساري سچي سورهه وانگر سوڀ لاءِ لڙهڻو آهي. سورهه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار. بي همت انسان مان قدرت به بيزار آهي، بيڪار ۽ آرام پسند انسان کي جڳائي ته قدرت ڏانهن نظر ڪري ۽ ان مان محنت جو سبق وٺي، انسان پاڻ به قدرت جو جزو آهي، پوءِ جنهن صورت ۾ سج، چنڊ، تارا، سمنڊ ۽ نهرون هميشه هلن پيا، تنهن صورت ۾ کيس ڪيئن واجب آهي ته ٻي ڏي توجهه ٿي پنهنجي زندگي بيڪاريءَ ۾ برباد ڪري ڇڏي. زندگي نالو ئي جستجو ڪوشش ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ جو آهي ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سموري شاعري پوري انسانيت جي خير خواهي تي مبني آهي سندن شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ پاڻ کي سڃاڻڻ سميت خود داريءَ ۽ عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ مستغرق ۽ فنا ٿي پنهنجي زندگي گذارڻ جو دڳ ٻڌايو ويو آهي. سونهن ۽ خوبصورتي جي هن شاعرن جي سرتاج  پنهنجي زندگي اجائي ڪمن بجاءِ رب ڪائنات جي احڪامات ۽ پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي اطاعت شريعت جي پاسداريءَ کي ڪاميابيءَ جو رستو قرار ڏنو ويو آهي.سندن جي انمول ۽ ناياب قسم جي شاعري ذريعي ڪاميابيءَ جو رستو حاصل ڪرڻ لاءِ “ شاهه جو رسالو” هر گهر جي ضرورت  آهي، ڇاڪاڻ ته محبت اسرار رمز و ڪمالات جي پنڌ ۾ اهي ئي دنيا آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا جنهن کي تڙپ ولولو جوش ۽ جذبي جي توفيق مليل هجي. باقي رسمي ماڻهو واهه واهه ڪرڻ وارا گهڻا ئي نظر ايندا آهن. شاهه جي شاعريءَ ۾ جوان مردي حوصلو آٿت، اميد ۽ هڪ قسم جي تڙپ سمايل آهي جنهن لاءِ هر انسان کي شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو