ڀيڻ قتل ڪرائيندڙ جوابدار ڌرين ۾ ٺاهه بعد آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماڊل ڪورٽ ڀيڻ کي قتل ڪرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل  ملزمه علوينه، مظهر، احسن ۽ عباس کي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيڻ جي بنياد تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. استغاثه موجب علوينه پنهنجي مڱيندي مظهر سان گڏجي پنهنجي ڀيڻ عاليه کي قتل ڪيو هو ۽ ٻنهي جوابدارن عدالت آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو هو پر مقتوله ۽ ملزمه جي والد نديم جوابدارن کي ڌي جو خون  معاف ڪري ڇڏيو آهي. استغاثه موجب ملزمه عليونه، مظهر، احسن ۽ عباس  2017ع ۾ ڪراچي جي سعود آباد واري علائقي ۾ ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد واقعي کي ڌاڙي جو رخ ڏنو پر بعد ۾ پوليس ڪيس جي جاچ ڪري مقتوله جي ڀيڻ کي ئي ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو