ڀارتي ڳائڻي جي اپيل تي اڪشي ڪمار پئسا اماڻي ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار مشهور پنجابي ڳائڻي کي مالي مدد لاءِ 25 لک رپيا امداد موڪلي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار گلوڪار گلوري باوا کي ڀاءُ طور 25 لک رپيا امداد موڪلي ڇڏي آهي، گلوڪار گلوري باوا هن وقت پنجابي لوڪ ڳائڻي ۽ پدم ڀوشن گرميت باوا جي ڌيءَ آهي.گلوڪار گلوري باوا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي مالي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي هئي.هن چيو ته مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، ان ڪري مون مدد لاءِ چيو، ماڻهو مون تائين پهچي رهيا آهن، مون کي اميد آهي ته اسان جهڙن فنڪارن کي جلد ڪافي ڪم ملندو.ٻئي طرف اداڪار اڪشي ڪمار گلوري باوا لاءِ کنيل قدم کي احسان قرار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو ڪجهه آهي جيڪو هڪ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪيو.هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي مون کي خبر پئي ته پنجابي جي ڏاڏي گرميت باجي جو خاندان مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو