پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

نويد خان سومرو
 ٻوڏ ۽ برساتن کانپوء تباھ ٿيل سنڌ جا اسڪول ، خرد برد ڪيل تعليمي بجٽ جي انڪوائري ۽ درسي ڪتابن جي ورھاست کان وٺي قبضي ھيٺ بند پيل اسڪولز  کولي 60  لک ٻارن کي تعليم ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اھم ذميواري آھي ۔ ٻئي طرف موجوده سنڌ حڪومت ، پنھنجي ذميواري کان لاتعلقي ظاھر ڪندي ،2021 ۾ IBA ٽيسٽ پاس نوجوانن کي نظر انداز ڪري انھي نقطي تي پھتي آھي ته فيبروري 2025 کانپوء ويٽنگ لسٽ ۾ موجود سڀئي اميدوار ، پي ايس ٽي  ۽ جي اي ايس ٽي پوسٽ لاء اھل نه رھندا ۔اھڙي طرح سان ويٽنگ لسٽ ۾ ڄاڻايل 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن کي ديوار سان لڳائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آھي ۽ انھي سلسلي تحت سنڌ حڪومت پڻ انتظار ۾ آھي ته ڪھڙي حڪمت عملي تحت ٽيسٽ پاس نوجوانن کي فيبروري 2025 تائين آسري ۾ رکي پوء مڪمل جواب ڏنو وڃي ۽ ڀرتين لاء نئين ٽيسٽ جو سلسلو وري ٻيھر شروع ڪيو وڃي ۔ اصل ۾ نئين ٽيسٽ ڪنڊڪٽ ڪرڻ منعافي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آھي ۔گريجوئيٽ پاس نوجوانن جي ڏھ لکن جي تعداد مان صرف 50000 ٽيسٽ پاس ڪري سگھن ٿا ۔ وري 9 لک 50000 ۾ ٻيا نوان 50000 اميدوار شامل ٿي وڃن ٿا ۔ اھڙي طرح سان ڏھ لک نوجوان IBA جي ويب پورٽل اڪائونٽ تي ايڪٽو رھن ٿا ۔ جيڪڏھن چالان صرف 1000 آھي ته پوء ھڪ ارب روپيا پھرين فرصت ۾ ڪمايا وڃن ٿا ۔ سنڌ حڪومت طرفان اھو پڻ واضع ڪيو ويو آھي ته  15 اپريل 2024 کان شروع ٿيل ڀرتين ۾ 5 مھينن دوران 11000 ڀرتيون مڪمل ٿي چڪيون آھن اھڙي طرح سان IBA ٽيسٽ ذريعي ڀرتين جو تعداد 64000 مڪمل ٿي چڪو آھي ۔جڏھن ته اھو واضع نه ڪيو ويو آھي ته بقايا ويٽنگ لسٽ ۾ 40 پلس اميدوارن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ نه ئي وري اھو واضع ڪيو ٿو وڃي ته 64000 ڀرتين ۾ ڪيترا 33  پلس يعني ھارڊ ايرياز تحت ڀرتي ڪيا ويا آھن۔؟جيئن ته ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز جي منفرد پاليسي تحت 33 مارڪون رکندڙ اميدوارن کي پھريائين ڀرتي ڪيو ويو آھي ۽ 40 پلس مارڪون رکندڙ اميدوارن کي فيبروي 2025 تائين آسري ۾ رکيو ويو آھي ۔ ويٽنگ لسٽ ۾ موجود 40 پلس مارڪون رکندڙ اميدوارن ۾ انھن اميدوارن جو تعداد به تمام گھڻو آھي جيڪي عمر ۾ به 40 پلس آھن ۔۽ ھرسال سرڪاري  ملازمن لاء رولز ۾ تبديلي ۽ ترميم به ڪئي وڃي ٿي ۔۔ جيڪڏھن تعليم کاتي ۾ رٽائرمنٽ جي حد 50  سال ڪئي  وڃي ته پوء  40 سال کان وڌيڪ عمر رکندڙ اميدوار  صرف 10 سال ئي ڊيوٽي ڪري سگھندا  ۽ پوء مختلف پاليسز تحت پينشن ۽ پروموشن / اپگريڊيشن سان گڏ  الائونس کان به رھجي ويندا حڪومت کي اھا پاليسي جوڙڻ  گھرجي ته 40 سال کانپوء ڀرتي ٿيندڙ جي ريٽائرمينٽ 60 سال ھجي۔ يا وري اھا ترميم ڪئي وڃي ته سرڪاري کاتي ۾ ڀرتي ٿيندڙ  مڪمل 20 سال ڊيوٽي لاء پابند ھجي  ۔۔ پوء ڀرتي ڪنھن به عمر ۾ ٿي ھجي  ۔۔مثال : جيڪڏھن 30 سال جي عمر ۾ ڀرتي ٿئي ته انھي کي 50 سال ۾ رٽائر ڪيو وڃي  ۽ جيڪڏھن 38 سال ۾ ڀرتي ٿئي ته انھي کي 58 سال ۾ رٽائر ڪيو وڃي ۔  چوڻ جو مقصد اھو ته گھٽ ۾ گھٽ 20 سال فڪس ڊيوٽي ورتي وڃي ۔ته جيئن ملازمن جو گذر سفر ۽ معاشي ترقي آسان ٿئي ۔ ۽ اپائنٽمينٽ آرڊر تي جيڪا تاريخ ھجي انھي تاريخ سان 20 سال کي ڪائونٽ ڊائون ڪري ملازم کي رٽائرمينٽ جي تاريخ ۽ ترقي جا مرحلا اصول ۽ طريقا ٻڌايا وڃن ۔ جنھن ۾ پينشن ۽ رٽائرمينٽ پڻ شامل ھجي ۔۔ اسڪيل ، تعليمي قابليت ۽ شعبي مطابق ملازمن کي سرڪاري ڊيوٽي جو مڪمل شيڊول ڏنو وڃي ۔سنڌ ھاء ڪورٽ پڻ ھارڊ ايرياز تي اعتراض واريندي صرف 40 پلس اسڪور رکندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي ۽ ڪورٽ جي آرڊر کي ٿڏيندي سنڌ حڪومت وري نوان تجربا ڪرڻ ۾ مگن آھي ۔۔ جنھن تحت تمام گھٽ تعداد يعني صرف 113 مانيٽرنگ اسسٽٽ جي پوسٽ ۽ 980 ارلي چائلڊ ھوڊ ٽيچرس جي پوسٽ تي ڀرتين جو اعلان ڪندي ويٽنگ لسٽ ۾ موجود پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي 40 پلس مارڪون رکندڙ نوجوانن ۾ احساس محرومي  ڦھلائندي سال 2025 کانپوء مدو ختم  ڪرڻ جو انديشو ظاھر ڪيو آھي ۔جڏھن ته ڪورٽ جي آرڊر تحت حڪومت کي پاڻ کي فيبروري 2025 تائين سڀ ويٽنگ  لسٽ ۾ موجود 40 پلس اميدوار ڀرتي ڪرڻا آھن ۔ ٻين صوبن جي ڀيٺ ۾ سنڌ جي تعليم تمام پٺتي پيل آھي ۽ ٻارن جو ڪافي تعداد اسڪول کان ٻاھر آھي ، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء ٻار جڏھن اسڪول مان نڪري وڃن ٿا ته واپس مڊل /سيڪنڊري اسڪولز ڏانھن ڪونه ٿا اچن ۔ انھي جو سبب اھو آھي ته پرائمري اسڪول اپگريڊ نه ٿا ڪيا وڃن ۔ ۽ نه ئي وري اسڪولز کي وڌيڪ ايراضي ڏئي انفراسٽرڪچر بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ۔ بھترين صلاحيتن  ھجڻ باوجود ٻار تعليم کان محروم رھجي وڃن ٿا ۔انھي لاء سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي اعلي عھديدارن  کي گھرجي ته فيبروي 2025 کان اڳ سڀ ويٽنگ لسٽ اميدوار ڀرتي ڪيا وڃن۔۔40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ڀرتيون مڪمل ٿيڻ پوء  نئون اشتھار جاري ڪيو وڃي ۽ انھي اشتھار ذريعي ڪمپيوٽر ٽيچر ۔آرٽ ٽيچر ۽ ارلي چائلڊ ھوڊ ٽيچر ، فزيڪل ٽرينر پڻ ڀرتي ڪيا وڃن ۔۔ ۽ اسڪولز ۾ ٻارن کي تعليم سان گڏ راندين ۽ تفريح لاء موقعا ڏنا وڃن ۔ جئين ھنن جي ذھني ۽ جسماني نشونما بھتر ٿي سگھي ۔۔ ۽ پوء ھنن لاء ھنري تعليم ۽ تربيت جا پڻ ادارا ۽ استاد مقرر ڪيا وڃن ۔جيڪي زرعي ، ھنري  ۽ قانوني ڄاڻ ڏئي شاگردن کي اعلئ عھدن تي پھچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن۔ ۽ ٻارن جي سماجي زندگي سان گڏ مستقبل کي پڻ بھتر بڻائين ۔اھڙي ريت مانيٽرنگ اسسٽنٽ ڀرتي ڪرڻ سان گڏ ڊيٽا اينالسٽ به ڀرتي ڪيا وڃن ۔جيڪي  ڊي اي او  سان گڏ حد جي مئجسٽريٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر وٽ منٿلي رپورٽ پيش ڪن ته ضلعي ۾ آبادي ۽ ايراضي جي حساب سان پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولز جو تعداد ڪيترو آھي ۽ انھن ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول ڪيترا آھن ۽ ڪيترا شاگرد سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولز ۾ زير تعليم آھن , ضلعي ۾ ڪيترا ٻار 5 کان 10 سال جي عمر تائين اسڪول کان ٻاھر آھن ۽ انھن سان ڪھڙا مسئلا درپيش آھن ۔ پرائيويٽ اسڪول جي في نه ٿا ڏئي سگھن يا سرڪاري اسڪول ۾ وڌيڪ ٻار داخل ڪرڻ جي گنجائش / سھولت  نه آھي ۔مانيٽرنگ اسسٽنٽ ۽ ڊيٽا انالسٽ جي رپورٽ تحت سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول جي انفرااسٽرڪچر بلڊنگ جي حالت ۽ تعليم جو معيار ۽ تعليمي نصاب بابت پڻ رپورٽ ۽ معلومات حاصل ٿيندي ۔سنڌ ۾ بند پيل سرڪاري اسڪولز سميت استادن جي ويڪنسيز جي تعداد ۽ بنيادي سھولتن جي نگراني مئجسٽريٽ حوالي ڪئي وڃي ۽ مانٽرنگ اسسٽنٽ به پنھنجي شروعاتي رپورٽ مئجسٽريٽ وٽ جمع ڪرائن پوء لسٽ ۾ موجود تعلقي جي جنھن به اسڪول تي شھرين کي اسڪول متعلق  خدشا ھجن ته اھي به پنھنجي درخواست ڪورٽ ۾ پيش ڪن ۔۽ سڀني پرائيويٽ اسڪولز جي نگراني ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪئي وڃي ۔ ڊپٽي ڪمشنر پنھنجي ضلعي جي حد ۾ سڀني پرائيويٽ اسڪولز ۽ تعليمي ادارا ھلائندڙن کان  تعليمي نصاب ۽ اسڪول جي بلڊنگ , سھولتن ۽ استادن ۽ شاگرن جي پريشانين متعلق ميٽنگ ڪرائي ۽ انھي ڳالھ تي پابند  ڪري ته ھر مھيني شاگردن جي ڪلاس وائز لسٽ ۽ استادن جي لسٽ جنھن ۾ ھنن جي تعليمي قابليت ۽ پگھار سان گڏ ڪانٽيڪٽ نمبر ھجي ۔۔اھا ڊي سي آفيس کي واٽسپ ڪري ڏين ۔۔پوء اھڙي طرح سان شاگردن کان وصول ٿيندڙ اضافي في ۽ تعليم جو معيار به سامھون اچي ويندو ۽ اھا به خبر پئجي ويندي ته ڪھڙا پرائيويٽ اسڪول سنڌي ٻولي کي ترجيح ڏين ٿا ۔ ۽ سنڌي سان گڏ ديني تعليم به ڏين ٿا يا نه ۔۔۽ ھنن وٽ اسڪول ۾ شاگردن جي تعداد مطابق استاد به آھن يا نه ۽ استادن کي مناسب پگھار به ملي ٿي يا نه ۔۔ اصل ۾ سنڌ حڪومت کي انھي مسئلي ته توجه ڏيڻ جي ضرورت آھي ۔بجاء ويٽنگ لسٽ وارن تي تجربا ڪرڻ جي۔۔ سرڪاري ۽ پرائيويٽ  اسڪولز لاء جيڪڏھن ڏھ ھزار اسڪوائر فٽ واري بلڊنگ ھجي ته اتي شاگردن جي تعداد جي حد به مقرر ڪئي وڃي ايئن نه ھجي ته 100  شاگرد به انھي اسڪول ۾ ۽ 1000 شاگرد به انھي اسڪول ۾ پڙھن ۔پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولز کي  لائبريري ۔ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب ۔ پارڪ / پلي گرائونڊ سميت سولر لائٽ ۽ سڪيورٽي به مھيا ڪرڻ گھرجي ۔ 

پهنجو تبصرو موڪليو