پي پي جي جان نثاران کي ڀيٽا لاءِ تاريخي جلسو

ليکڪ  عبدالمجيدبروھي 

اسان لياري کان جلسي طرف وڃڻ لاء نڪتاسين تـ ان وقت اسان حيران ۽ پريشان ٿي وياسين جڏنھن لي مارڪيٽ چاڪيواڙا کان نڪتل قافلو ڏٺوسين ان وقت ھزارين گاڏين جو قافلو ڏسي منھنجي دوستن چيو تـ يار ھي لي مارڪيٽ ۽ لياري جا ماڻھون تـ اسان کان بـ وڌيڪ جوشيلا آھن اڄ بـ لياري ۽ ليمارڪيٽ جو عوام جن مرد عورتون ٻارڙا ۽ معصوم ٻار اڄ شھيدن جي پارٽي پ پ پ سان محبت ڪن ٿا اھو ھزارين گاڏين جو قافلو جٿان جٿان گذرندو ويو ان جي آجيان لياري جي ماڻھن پ پ پ جو پرچم کڻي پ پ پ جي ترانن تي روايتي رقص ڪري استقبال ڪندا رھيا ھر طرف پوري ليمارڪيٽ ۽ لياري ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا گونجي رھيا ھئا شام جو ستين بجي جڏنھن جلسي گاھ ۾ پھتاسين تـ پورو پنڊال جيالن سان ڀرجي چڪو ھيو ھر پاسي کان جيئي ڀٽو بلاول بينظير ۽ گو نيازي گو جا نعرا گونجندا رھيا لکين عوام پاران جڏنھن سندن محبوب ليڊر بلاول ڀٽو زرداري جلسي گاھ جي اسٽيج تي پھتو تـ ھر ورڪر ۽ جيالي ۽ جيالين پاران اٿي بيھي بلند ترين نعرن جي گونج ۾ پارٽي جو ٽرنگو پرچم لھرائي سندس شاندار استقبال ڪيو جن جي محبت جو جواب بـ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران محبت پيار سان ھٿ لوڏي ورڪرن کي دل سان ھٿ لوڏي سندن استقبال ڪندو رھيو ھر پاسي جي جيالن ۽ جيالن جو شڪريو ادا ڪري اسٽيج تي ويٺو پ پ پ جي جيالن اڄ پي ڊي ايم وارن کي بـ ٻڌائي ڇڏيو تـ توھان سڀ گڏجي بـ پنڊال ڀري ناھيو سگھندا اڄ پاڪستان جي عوامي پارٽي پاران مزار قائد جو پورو پنڊال ڀري اھو انھن پ پ پ جي دشمنن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي تـ ڏسو پوري سنڌ جو عوام ۽ ڪنھن سان گڏ بيٺل آھي اڄ ڪراچي جي عوام وڻ۔  جلسي ۾ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان شامل ٿيو ۽ پ پ پ تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيائون ڪراچي جي انھن علائقن مان بـ اڄ ماڻھون جلسي گاھ ۾ شامل ٿيا جيڪي پي ٽي آء ۽ ايم ڪيو ايم جا اھم علائقا آھن اڄ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تـ عوام ھن وقت نااھل عوام دشمن ملازم دشمن ملڪ دشمن نيازي مان مڪمل بيزار آھي نيازي اھو نااھل جنھن سڀني ادارن مٿان وار ڪيو آھي ھر اداري ۾ بغاوت پيدا ڪرائڻ جي چڪرن ۾ آھن پر پ پ پ تمام ادارن جي تقدس کي برقرار رکندڙ پارٽي آھي پ پ پ جي جلسي ۾ شامل لکين عوام اھومطالبو پڻ ڪيو تـ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھن ملڪ جي عوام کي ھن ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن نااھل نيازي کان نجات ڏيارڻ جي لاء ملڪ کي بچائڻ جي لاء تحريڪ جو اعلان ڪيو وڃي پ پ پ جي جلسي ۾ لکين ماڻھن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي اڄ پ پ پ دشمن شايد ٽي وي نيوز ڏسڻ کان پرھيز ڪندا اڄ اھي ماڻھون بـ وڃي ننڊ ڪندا جيڪي چوندا رھن ٿا پ پ پ ختم  ٿي وئي آھي پ پ پ تـ ھي ختم نـ ڪري سگھيا پر اڄ انھن جي خاتمي جو ڏينھن ضرور آھي پ پ پ جي لکين جيالن پاران ڪارساز سانحي  ۾ شھيد ٿيندڙ جيالن جانثارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاء ڪجھ منٽن جي خاموشي ڪري کين سرخ سلام پيش ڪيو ويو جلسي کي  سنڌ بلوچستان جي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو   ان سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاھ پڻ جلسي کي خطاب ڪيو ان موقعي جوشيلو خطاب پ پ پ سنڌ جي صدر نثاراحمد کھڙي چيو تـ اسان جي ڀيڻ شھيد راڻي محترما بينظيرڀٽو پنھنجي ملڪ جي عوام کي ھڪ ڊڪٽيٽرظالم جابر مشرف جي ظلم کان نجات ڏيارڻ جي لاء بار بار جي ڌمڪين باوجود پنھنجي ملڪ واپس پھتي تـ ۾ ملڪ جي دشمنن ان عظيم اڳواڻ اسان جي ڀيڻ جي مٿان بم حملا ڪرايا ويا جن حملن ۾ جيالا شھيد ٿي ويا اصل ۾ اھي حملا اسان جي ڀيڻ بينظيرڀٽو جي مٿان ڪرڻ لاء ڪيا ويا ھيا پر سلام آھي پ پ پ جي جانثار جيالن کي جن پنھنجي ڀيڻ جي حفاظت پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ڪيائون  سوين جيالا پنھنجي ڀيڻ کي بچائڻ لاء جان قربان ڪيائون انھن عظيم جيالن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاء ايندڙ لکين سنڌ واسين کي بـ سلام پيش ڪريان ٿو

عوامي جلسي کي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران شعر سان ڪيو  ھن خطاب ڪندي چيو تـ  شھيد بي بي تي حملي بعد پوري دنيا ڏٺو تـ انھن بزدلن جي حملن کان نـ شھيد راڻي ڊڳي  نـ پ پ پ جا جيالا ڊڳا پ پ پ جا بھادر جيالا ثابت قدم رھيا اوھان جي بھادري تي آء اوھان کي سلام پيش ڪريان ٿو قائد عوام ۽ شھيد راڻي پاران ھن ملڪ جي عوام جي خوشحالي لاء عوام دوست ھاري دوست مزدور جمھوري پاليسيون جوڙيون قائد عوام جڏنھن روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو ھنيو تـ ھن پنھنجو اھو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو شھيد راڻي بـ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي پورو لھڻ لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪندي رھي اڄ بـ ھن ملڪ جي عوام کي پ پ پ جي جمھوري پاليسين جي ضرورت آھي پاڪستان جي عوام کي اڄ بـ پ پ پ جي ضرورت آھي ھن ملڪ جي عوام سان واعدو ڪندڙن جو ھر واعدو ڪوڙو ظاھر ٿيو ھر واعدي تان يوٽرن ورتائون ھنن ملڪ جي عوام سان واعدو ڪيو ھيو تـ کين ڪروڙين نوڪريون ڏينداسين کين گھر ٺاھي ڏينداسين پر انھن ملڪ جي عوام کي روزگار ڏيڻ بجاء ھزارين روزگار سان لڳل پاڪستانين کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪيو آھي خان صاحب چوندو ھيو تـ جيڪڏنھن ڊالر مھنگو ٿئي ملڪ ۾ مھنگائي وڌي پيٽرول جون قيمتون وڌن گئس بجلي جون قيمتون وڌن تـ سمجھي وڃون ملڪ جا حڪمران چور آھن ڪٺپتلي اڄ ڊالرمھانگو آھي پيٽرول مھانگو بجلي مھانگي آھي ھرشئي جا اگھ چوٽ چڙھيل آھي اڄ جا چور نيازي اوھان آھيو سڀ کان وڏا چور اوھان آھيو ھن چيو تـ جيالا تيار ٿي وڃو پ پ پ جي حڪومت اچڻ واري آھي مان ھن ملڪ جي نوجوانن سان واعدو ٿو ڪريان پھرين ئي ڏينھن ھن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ويندو ھن چيو تـ اسان جو ھي جنگ ان وقت تائين جاري رھندي جيسيتائين ھن عمران کي گھر ڀيڙو نـ ڪنداسين عمران خان تعليمي نظام ۾ تبديلي نـ پر تباھي آندي آھي اوھان روزگار سان لڳل سورنھن ھزار انھن ملازمن جن ھن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آھي انھن کي بيروزگار ڪرڻ تبديلي نـ پر تباھي آھي نيازي تو سينيٽ تي حملو ڪيو جڊيشري تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اليڪشن ڪميشن کي پنھنجو ٽائگرفورس بڻائڻ جي ڪوشش ۾ انھن خلاف الزام بازي شروع آھي پنجاب کي پوليس کي ٽائيگر فورس بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا پيا اچو ايترو نــ پر پوري پاڪستان کي اوھان ٽائيگر فورس ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندا پيا اچو ملڪ جي ھر اداري کي ٽائيگر فورس بڻائڻ اسان جيالا اوھان کي بڻائڻ نـ ڏينداسي مان ھن جدوجھد کي اوھان جيالن سان گڏجي اڳتي کڻي ھلندس اڄ مان اوھان سڀني چونڊيل نمائندن جيالن کي مھنگائي خلاف احتجاج ڪن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران پ پ پ جو يوم تاسيس جو جلسو ڪي پي ڪي ۾ ملھائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ھن چيو تـ سخت بيمار ھجڻ باوجود ڪوچيئرمين صدرزرداري ھن ڪٺپتلي جي ظلم جو مقابلو پيو ڪري سيد خورشيد شاھ سميت ڪيترائي جيالا نيب گردي جي باوجود ثابت قدم آھن انھن سڀني جيالن  کي سلام پيش ڪريان ٿو. (ليکڪ پيپلزپارٽي جو ورڪر آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو