پي ٽي آءِ باني سياست ڪرڻ بدران ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني سياست ڪرڻ بدران ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪري رهيو آهي.حمزه شهباز پي ٽي آءِ جي باني پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکڻ واري معاملي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي شهرت کي نقصان پهچائڻ آهي.حمزه شهباز چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪي معيشت جي باهه ٻاري هئي، تحريڪ انصاف به آءِ ايم ايف پروگرام جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رنگي هٿان پڪڙي وئي.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سياست فتنو ۽ انتشار پکيڙڻ تائين محدود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو