پي ايف يو جي پاران صحافي جي قتل جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻن ڪوئٽا ۾ ‘نامعلوم’ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي عبدالواحد رئيساڻي جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. افضل بٽ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته صحافي جي قاتلن جو پتو لڳائي کين ڦاهي ڏني وڃي. هنن چيو ته سڄي ملڪ ۾ آزاد صحافت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ بلوچستان م حالتون اڃا وڌيڪ خراب آهن. عبدالواحد رئيساڻي کي ڇنڇر تي شام جو اڻ سڃاتل هٿياربند گوليون هڻي فرار ٿي ويا هئا. هو آزادي اخبار جو اسٽاف رپورٽر ۽ سب ايڊيٽر هو. سندس ڀاءُ به صحافي آهي. ڪوئٽا مان شايع ٿيندڙ آزادي اخبار پابندين جي باوجود لاپته بلوچن جي معاملي سميت بلوچستان جي حقن لاءِ هڪ اثرائتو آواز سمجهو ويندو آهي. وفاقي حڪومت هجي يا بلوچستان جي صوبائي حڪومت، هن اخبار کي اشتهار به ناهن ڏيندا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ واڪ ڪندي سينئر صحافي ابصار عالم کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو هو ۽ هفتو گذرڻ باوجود به سندس حملي آور کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو