پوليس اهلڪارن جو اسڪيل روائيز ٿيڻ تي جشن ۽ جهمريون

سکر(جئيرام داس) پوليس اهلڪارن  اسڪيل روائيز ٿيڻ  ۽ پگهارن ۾ واڌ تي بينڊ باجا وڄائي جهمريون هنيون.  سنڌ پوليس جي اهلڪارن اسڪيل روائيز ٿيڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ تي پوليس لائين ۾ جشن ملهايو. اهلڪارن دهل جي ڏونڪي تي جهمريون هنيون . ناچ سان گڏ مٺائي به ورهائي وئي . هنن آءِ جي ۽  سنڌ پوليس زنده باد جا نعرا به  هنيا. اسڪيل روائيز ٿيڻ بعد سپاهي جي  5 کان 7 جمعدار  جي  7 کان 9  ۽ صوبيدار  جي 9 کان 11 گريڊ ۾ ترقي ٿي وئي. اسڪيل روائيز ٿيڻ بعد سنڌ پوليس جو پگهار پنجاب جي پوليس جي برابر ٿي ويو. سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو اهو پراڻو مطالبو هو جيڪو مڃيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو