سکر(جئيرام داس) پوليس اهلڪارن اسڪيل روائيز ٿيڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ تي بينڊ باجا وڄائي جهمريون هنيون. سنڌ پوليس جي اهلڪارن اسڪيل روائيز ٿيڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ تي پوليس لائين ۾ جشن ملهايو. اهلڪارن دهل جي ڏونڪي تي جهمريون هنيون . ناچ سان گڏ مٺائي به ورهائي وئي . هنن آءِ جي ۽ سنڌ پوليس زنده باد جا نعرا به هنيا. اسڪيل روائيز ٿيڻ بعد سپاهي جي 5 کان 7 جمعدار جي 7 کان 9 ۽ صوبيدار جي 9 کان 11 گريڊ ۾ ترقي ٿي وئي. اسڪيل روائيز ٿيڻ بعد سنڌ پوليس جو پگهار پنجاب جي پوليس جي برابر ٿي ويو. سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو اهو پراڻو مطالبو هو جيڪو مڃيو ويو.










