پهرين ٽيسٽ ميچ زمبابوي 176 تي آل آئوٽ ٿي وئي

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي ٽاس کٽي ميزبان ٽيم بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو. پاڪستاني بالرز بهترين بالنگ ڪندي 176 رنز تي زمبابوي جي پوري ٽيم کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. حسن علي ۽ شاهين آفريدي چار چار وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ نعمان علي کي ملي.

پاڪستان پنهنجي بيٽنگ شروع ڪئي ته 30 اوورز ۾ 103 رنز بنا نقصان جي ٺاهي ورتيون. عابد علي 65 ۽ عمران بٽ 43 رنز ٺاهي ڪيريز تي ناٽ آئوٽ بيٺل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو