عبدالمجيدبروھي
پاڪستان جي تاريخ ۾ ھميشا سنڌ سان وفاقي حڪومتن ماٽيلي ماء وارو ڪردار ادا ڪيو آھي سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي سنڌ جي معاشيات جو دارو مدار زراعت سان لاڳاپيل آھن انجي ڪري ھڪ منظم سازش تحت سنڌو درياء مان پابندي باوجود پنجاب صوبي ۾ زبردستي سنڌو درياء مان ڪئنال ٺاھي سنڌ جو پاڻي چوري ڪندا رھيا گذريل وفاقي حڪومت ۾ سنڌ سان ظلم ڪيو ويو سنڌ کي پورو ھڪ مھينو دير سان سو بـ سنڌ جي حصي مان ٽي حصا گھٽ پاڻي ڇڏيو ويو جنھن سبب پوري سنڌ ۾ پاڻي جي معاملي تي جھيڙا جھڳڙا ٿيڻ روز جو معمول ھيو پاڻي جي معاملي تي گذريل سال سنڌ ۾ ڪجھ قيمتي جانيون ضايع پڻ ٿيون ڪيترن علائقن ۾ وڏا وڏا زميمدار جاگيردار آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري غيرقانوني لول ۽ دڪا ھڻي شاخن کي ڇاٻ ڏئي پاڻي سرعام چوري ڪندا رھيا مطلب تـ پوري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽـسبب گذريل سال لکين زمينون آباد ٿيڻ کان رھجي ويون غريب ھاري معاشي طور تي تباھ ٿي ويا جن قرض لاھڻ لاء وياج جو سھارو ورتو جيڪي اڄ تائين وياجن وٽ يرغمال بڻيل آھن گذريل سال پي ٽي آء جي وفاقي حڪومت جي عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن پاليسين سبب سنڌ کي ڪافي نقصان پھتو پي ٽي آء سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏنو جنھن سبب سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ويون گذريل سال پاڻي جي کوٽ خلاف پ پ پ پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پري سنڌ ۾ ڌرڻا ۽ جلسا جلوس ۽ ريليون ڪڍيون ويون گذريل سان جيڪي دوست پ پ پ جي احتجاج کي ڊرامو قرار ڏئي رھيا اڄ اھي ساڳيا دوست پي ٽي آء جي حڪومت وڃڻ بعد پاڻي لاء سراپا احتجاج بڻيل آھن پر اسين ان کي ڊرامو قرار نٿا ڏيون گذريل سال پ پ پ پاران ھنيل ڌرڻا بلڪل درست ھيا ۽ اڄ پوري سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي پاڻي جي کوٽ خلاف آواز اٿاريندڙ بـ بلڪل درست آھن ھن وقت مئي مھيني جا ٻارنھن ڏينھن گذري چڪا آھن ان باوجود سنڌو درياء ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي ناھي ڇڏيو ويو سنڌو درياء ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي جنھن سبب فصل تـ پري جي ڳالھ آھي پکين ۽ جانورن جي پيئڻ لاء بـ پاڻي جو مسئلو ٿي پيو آھي ھـن مھيني جي شروعات ۾ پاڻي ملڻ گھربو ھيو پر جڏنھن تـ ايري ڇھ ساريون ھاڻي آبادگار نٿا ڪن ۽ سڀ جا سڀ ھائبرڊ ساريون پوکيندا آھن انجي ڪري جيڪڏنھن ھن مھيني جي آخر ۾ بـ سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي مھيا ڪيو ويو تـ پوء شايد گذريل سال وانگر ھن سال پاڻي کوٽ پيدا نــ ٿيندي ھن وقت سنڌ حڪومت پ پ پ جي آھي وفاقي حڪومت ۾ پڻ سندن جو وڏو حصو آھي وڏي ڳالھ اھا آھي تـ پاڻي جو وفاقي وزير پڻ سنڌ ڄائو سينيئر سياستدان سيد خورشيداحمد شاھ آھي ۽ پاڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين پڻ ايم اين اي يوسف ٽالپر آھي انجي ڪري سنڌ حڪومت سميت انھن سڀني تي اھو فرض آھي تـ اھي ڀروقت سنڌ کي سندس حق موجب انجي حصي جو پاڻي ڏياري سنڌ جي عوام جو دليون کٽي وٺن سنڌ حڪومت کي پوري سنڌ ۾ پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاء سخت قدم کڻي تمام واھن ۽ شاخن تي رينجرز مقرر ڪرڻ گھرجي ۽ جن علائقن ۾ سارين جي پوکي تي پابندي لڳل آھي انھن علائقن ۾ پڻ رينجرز مقرر ڪري اٿي وونئڻ ڪمند جي پوکائي ڪرائي وڃي رينجر کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن جيئن اھي بنا فرق جي پاڻي چورن خلاف ڪاروائي ڪري سگھن
ھن وقت فوري ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آھي جيڪڏنھن پ پ پ پاران ھن سال سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم نـ ڪيو ويو تـ پوء شايد کين جون مھيني ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ کين ڪافي نقصان پھچي سگھي ٿو پ پ پ مخالف اميدوار سندن لاء پاڻي جي مسئلي تي مشڪلات پيدا ڪري سگھن ٿا ڇو تـ سنڌ جي ھر ماڻھون جي گذر سفر جو واحد رستو ساريون آھن جيڪڏنھن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي بلدياتي اليڪشن کان اڳ ۾ ختم نـ ڪيو ويو تـ پوء عوام وٽ وڃڻ پ پ پ اميدوارن پاران وڃڻ مشڪل بڻجي ويندو ھاري آبادگار شھري ڳوٺاڻا اھو سوال سندن کان ضرور ڪندا تـ گذريل سال اوھان پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻا ھنيا پوء اڄ جڏنھن پاڻي جو وفاقي وزير پ پ پ جو آھي پوء اوھان جو وزير سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڇو نٿو ڏي انجي ڪري سنڌ حڪومت فوري طور تي وزيراعظم پاڪستان جي آڏو سخت احتجاج ڪري کيس شڪايت ڪري تـ سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي پابندي واجود سنڏو درياء مان پنجاب ۾ پابندي مڙھيل ڪئنال کوليا ويا آھن سرعام سنڌ جو پاڻي پنجاب حڪومت چوري ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رھيا ارسا پڻ سندن سان ٻٽ بڻيل آھي ان بعد وزيراعظم کي فوري قدم کڻڻ جي درخواست ڪري سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي سيد خورشيد احمد شاھ ۽ يوسف ٽالپر صاحب کي پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪڏنھن پاڻي کوٽ آھي تـ ان کي کوٽ کي برابري جي بنياد تي ورھايو وڃي کوٽ پوري پاڪستان لاء ھجڻ گھرجي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء صرف سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ سراسر ظلم آھي ان ظلم خلاف پ پ پ قيادت کي سخت سخت قدم کڻي وفاقي حڪومت کان سنڌ جي حصي جو پاڻي وٺڻ گھرجي عوام جون نظرون ھن وقت پ پ پ ۾ کتل آھن ڇو تـ سڀ ڄاڻين ٿا تـ ھن وقت وفاقي حڪومت پڻ پ پ پ ۽ انجي اتحادين جي آھي ھاڻي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء پ پ پ قيادت کي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي
