پاڪ چين لاڳاپا انتهائي مفنرد

نونگ رونگ
پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ پاڪ چين لاڳاپن کي انتهائي منفرد قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري سان چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت جي عڪاسي ٿئي ٿي جيڪو 20 هين سي پي سي نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ پهريون حڪومتي سربراهه هو، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي مجموعي سيڙپڪاري سان 47 منصوبا شروع يا مڪمل ڪيا ويا آهن، اڳئين مرحلي ۾ اسان پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ ۽ ان جي برآمدي چٽاڀيٽي کي وڌائڻ جي لاءِ صنعت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي بهتر بڻائينداسين، هلندڙ سال چين کي پاڪستان جو روانگي واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي خصوصي حوالي سان انگريزي روزاني ”دي نيوز“ ۾ پنهنجي هڪ تازي مضمون ۾ ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران چين پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي کانپوءِ نئين سر تعمير جي لاءِ 500 ملين يوان جي هنگامي امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان پاڪستان جي لاءِ چين جي مجموعي امداد 1.16 ارب يوان (36 ارب رپيا) تائين پهچي وئي جيڪا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. چين ٻوڏ سبب تباهي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪم جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ ماهرن جون ٽيمون پڻ موڪليون. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي ۽ ان دوران وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو پهريون سرڪاري دور هو، چين پاڪستان لاڳاپن جي لاءِ اهي ٻه وڏا ايونٽس هڪ ٻئي پٺيان آيا جن جي اهميت ڏورس آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين مسلسل ترقي جي ذريعي پاڪستان ۽ ٻي دنيا کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پنهنجي پاليسي جاري رکندو. چين جي سفير چيو ته 20 هين سي پي سي نيشنل ڪانگريس هڪ اهڙي نازڪ موقعي تي منعقد ٿي جڏهن چين هر لحاظ کان هڪ جديد سوشلسٽ ملڪ جي تعمير ۽ ٻئي سئو سالا هدف طرف اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين سينٽرل ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري شي جن پنگ متفقه طور تي ٻيهر چونڊجي ويو، اهو چين کي هر لحاظ کان هڪ جديد سوشلسٽ ملڪ طرف نئين سفر جي شروعات لاءِ سڀ کان وڏي بنيادي سياسي ضمانت فراهم ڪندو. نونگ رونگ چيو ته چين پنهنجي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسين جي استحڪام سان عالمي حالتن کي عدم استحڪام کان محفوظ ڪري رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جي اڳڀرائي سان عالمي معيشتن جي بحالي لاءِ هڪ مضبوط ۽ پائيدار محرڪ، ذميواراڻي رويي سان خطي ۽ دنيا جي پرامن ترقي جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته چين مسلسل ترقي جي ذريعي پاڪستان ۽ ٻي دنيا کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پنهنجي پاليسي جاري رکندو، وزيراعظم شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20 هين نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ پهريون حڪومتي سربراهه هو ۽ چين ان جو شاندار استقبال ڪيو. صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زان شو وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڌرين هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ۽ اي ڪامرس، ڊيجيٽل اڪانومي، زرعي مصنوعات جي برآمد، مالي تعاون، ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ، انفراسٽرڪچر، فلڊ ريليف، آفتن کانپوءِ نئين سر تعمير سميت گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، چوپائي مال جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، روزگار جي ذريعن، ثقافتي تعاون، خلا، جيو سائنسز سان گڏوگڏ لاء انفورسمينٽ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. چين جي سفير چيو ته صدر شي جن پنگ جي اها ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ٻي ملاقات هئي، هن وزيراعظم شهباز شريف کي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي فوري بعد چين جي دوري جي ذاتي طور تي دعوت ڏني، ان دوري سان چين پاڪستان لاڳاپن جي انفراديت ۽ چين جي مجموعي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي اهميت جي عڪاسي ٿئي ٿي، اها بي مثاليت اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ۽ سياسي گڏيل اعتماد جي اعليٰ ترين سطحن تي موجود آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ”مضبوط دوستي“ جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي بنيادي ٿنڀ طور ڏسي ٿو، جيئن ته صدر شي جن پنگ وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڊگهي مدي واري نقطه نظر سان ڏسي ٿو ۽ چي…

پهنجو تبصرو موڪليو