لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف فنانشل آفيسر (سي ايف او) بدر منظور خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. 8 سال پي سي بي جو سي ايف او رهندڙ بدر منظورخان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ عهدي تان الڳ ٿي ويندو. بدر منظور خان جو چوڻ هو ته هو جولاءِ 2011 ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپيل رهيو ۽ اتي 5 مختلف چيئرمينن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪجهه اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپيل رهڻ دوران بورڊ جي ترقي ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر آهي. ٻئي طرف بدر منظور جو پي سي بي کان الڳ ٿيڻ تي چيئرمين پي سي بي احسان ماني چيو ته بدر منظور خان ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ مينيجمينٽ جو اهم حصو هيو بورڊ ۾ ان جي خدمتن تي سندن جو ٿورائتو آهيان. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان جڳهه کي ڀرڻ لاءِ ريڪروٽمينٽ جو عمل جلد شروع ڪري ڏيندي.
