طفيل مگسي
سڄي دنيا ۾ ملڪ جو وهنوار هلائڻ جي لاء ملازمت ڀرتي ڪيا ويندا آھن.جن کي سرڪاري ملازم.يا آفيسر شاهي سڏيو ويندو آھي\وڃي ٿو.جن جي فرضن ۾َ ملڪ جي وهنوار سان گڏ عوام.جي خدمت ڪرڻ پڻ لازمي فرض شامل هوندو آھي.ليڪن بدقسمتي سان اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سدائين کان ابتي گنگا وهندي رهي آھي.ڇاڪاڻ ته هتي آفيسرشاهي ملڪ جي ملازم ناهي بلڪ ملڪ جي جي سموري اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل آھي.اسان جي بيوروڪريسي اهو پي لغام گهوڙو آھي.جيڪو هر شيء کي پنهنجن سنبن سان چٿي رهيو آھي.انهن جي لاء قانون ڪا اهميت ۽ حيثيت نٿو رکي.ڇاڪاڻ ته ملڪ جي قانون عوام جي ڀيٽ ۾ انهن جي لاء الڳ قائدا ۽ ضابظا قائم ڪري رکيا آھن.هرسرڪاري اداري ۾ اها آفيسر شاهي پنهنجي قانون جي پاڻ مالڪ هوندي آھي.۽ ھرڪڌي ڪم جي ذميواري پنهنجي مٿان کڻڻ جي بجاء ٻيئي جي مٿان ٿڦي ڇڏي ٿي.هر سرڪاري آفيسر .بيوروڪريٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ملڪي بگاڙ ۾ برابر جو حصو آھي.ھڪ پاسي سڄي پاڪستان جي محنت ڪش عوام جي آمدني ته ٻيئي پاسي انهي آفيسرشاهي ۽ بيورڪريٽ جي آمدني کي ڏٺو وڃي ته اها ملڪ جي محنت ڪش عوام جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق رکي ٿي.ايترين سهوليتن جي باوجود اهي رشوٺ وٺڻ کي پنهنجو قانوني ۽ بنيادي حق سمجهن ٿا.ڪنهن به اداري ۾ بنا رشوت جي عوام جو ڪو به ڪم ٿيڻ مشڪل آھي.ستم جو عالم اهو آھي ته انهيء آفيسر شاهي ۽ بيوروڪريٽس جي رويي کان بيزار ٿي عوام جنهن عدليا وٽ انصاف جي لاء وڃي ٿو ته افسوس ته اتي به هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو الڳ رٽ لڳو پيو آھي.جنهن ملڪ ۾ انصاف ڪرڻ وارا ئي پنهنجو ضمير وڪرو ڪرڻ جي لاء ريٽ مقرر ڪيون پيا هجن.اتي عوام جو الله ئي نگهبان هوندو آھي.
مختلف سرڪاري ادارن ۾ ته ملازمت جي لاء ريٽ ئي مختلف آھن.جتي نوجوان رشوت ڏئي ڪري سرڪاري ملازمت حاصل ڪري ٿو.اهڙي فرد کان ايمانداري جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ملازمت رشوت ڏئي ڪري ورتي آھي.اهو بنا رشوت جي ملازمت کي ڪيئن هلائي سگهندو.؟ملڪ جي عوام جا اهو ٻڌي ٻڌي ڪري پچي پيا آھن ته قومي خزانو خالي آھي(لڳي ٿو ته اها انود ڪاسائي جي کڏ اهي ته 75 سالن تائين ڀرجي ناهي سگهي)ملڪ ڏيوالي ڏانهن صرف عوام جي لاء وڃي رهيو آھي( باقي بيوروڪريسي ته ملڪ جي ڏيوالي ڏانهن وڃڻ جي باوجود ساڳئين عيائشين ۽ سهوليتن ماڻي رهي آھي)مگر ان جي حل جي لاء ڪا سنجيده ڪوشش نٿي ڪئي وڃي.ڇاڪاڻ ته ڪوشش ڪرڻ وارا پاڻ ئي ساڳئي وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئي رهيا آھن.اهي ته فقط ئي فقط عوام.ٺلها آسرا ڏين ٿا ته اسان عالمي ادارن کان قرض وٺي هن ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين(دنيا سڄي کان قرض ورتا ويا.ليڪن صرف ملڪ ۽ عوام جي تقدير نه بدلي پر آفيسر شاهي ۽ بيوروڪريسي جي اڳ کان به ٻيڻي ٽيڻي تقدير ضرور بدلجي وئي) .
هر ايندڙ نام.نهاد حڪومت اهائي آٿت ڏيندي آئي آھي.ته هي اسان جي آئي ايم ايف کان آخري پن آھي.مگر ڪڏھن به ائين ناهي ٿيو.ملڪ تي ٻاھرين قرضن جو ٻوجھ وڌي رهيو آھي.عام.ماڻھو جي لاء وقت جو گذارو ڪرڻ ممڪن ئي ناهي رهيو.غيرملڪي قرضن جي ادائيگي جي لاء عوام تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس جي برساٿ جاري آھي.جنهن سان هن جي چيلھ چٻي ٿي پئي آھي.روزاني جي وڌندڙ مهانگائي هن غريب عوام.کان ٻن وقتن جي ماني به ڦري ڇڏي آھي.اهڙين ڏکئين حالتن ۾ به آفيسر شاهي جي سهوليتن ۾ تر جيتري به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي.هيڪڏھن ڪا به حڪومت واقعي پنهنجي ملڪ سان(لڳي ته نٿو) سچي آھي ته ان کي فورن آفيسرشاهي جون سهوليتون ختم ڪرڻيون پونديون.جيڪڏھن هڪ عام پاڪستاني محنت ڪشمزدوري ڪري پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهي ٿو ته اهي به پنهنجي ماهوار پگهار تي وقت جو گذارو ڪرڻ سکن.انهن جي آفيسن جو ايئرڪنڊيشنون هر وقت هلن ٿيون.ڇاڪاڻ ته کين خبر آھي ته بل قوم ئي ڀريندي.سرڪاري گاڏيون انهن جي ذاتي استعمال سان گڏ انهن جي خاندان جي استعمال هيٺ پڻ رهن ٿيون.انهن جي گهر جي ڀاڄي به سرڪاري گاڏين ۾ اچي ٿي.ڇاڪاڻ ته عوام جي رت و پگهر کان انهن جي گاڏين ۾ تيل پوي ٿو.
انهن سمورين قربانين جي باوجود به عوام انهن جي هٿان ذليل ٿيئي ٿو.اهي اهڙا نادان ماڻھو آھن.جيڪي عوام جي ٽيڪس کان عيائشيون ڪن ٿا ۽ وري ساڳئي عوام کي نيچ سمجهن ٿا.سندن جي اهڙي روش کان ائين لڳندو آھي ته هي ملڪ عوام جو ناهي بلڪ آفيسرشاهي ۽ بيوروڪرسي ٻنهي جو آھي.جيڪي ٻنهي هٿن سان هن ملڪ کي بيدردي سان ڦري رهيا آھن؛؛؛
