پاڪستان شاهين ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويا

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شاهينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا اي کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڪولمبو ۾ پاڪستان شاهينز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ 322 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان عمير يوسف 88 ۽ ڪپتان محمد حارث 52 رنسن جي اننگز کيڏي، مبصر خان 42، طيب طاهر 26، محمد وسيم 24، صائم ايوب 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا. جواب ۾ سريلنڪا اي 45.4 اوورن ۾ 262 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان ارشد اقبال بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا. پاڪستان ميچ ۾ 60 رنسن تان ڪاميابي ماڻي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون آهن ۽ فاتح ٽيم پاڪستان سان فائنل کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو