پيرس (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان ۽ سعودي عرب سان 1990 جي ڏهاڪي ۾ هٿيارن جي معاهدن تي ڪِڪِ بيڪس جو نظام ترتيب ڏيڻ جي الزام ۾ اڳوڻي فرانسيسي حڪومت جي 03 اهم عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري ”اي ايف پي“ موجب اهو ڪيس ان نام نهاد ڪراچيءَ سان جڙيل معاملي جي کوجنا خاطر ٿيندڙ وسيع جاچ جي بنياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا جاچ فرانس جي دفاعي انجنيئرن کي کڻي ويندڙ بس کي 2002 ۾ بم ڌماڪي سان اڏارڻ واري واقعي بابت ڪئي وئي. ان ڌماڪي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا. ابتدائي طور تي حملي جو شڪ القاعده تي هيو پر بعد ۾ جاچ ڪندڙن جو ڌيان هٿيارن جي معاهدن ڏانهن ويو ۽ انهيءَ شڪ کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو ته ڌماڪو واعدو ڪيل رشوت جي رقم نه ڏيڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ به ڪيو ويو هوندو!. انهيءَ معاملي تي پيرس جي فوجداري عدالت ۾ اسلحي وڪڻڻ وارن معاهدن مان حاصل ٿيل رقم جو ڪجهه حصو غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ جي شڪ ۾ 06 ماڻهن تي ڪيس هلايو پيو وڃي. انهن ملزمن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ايڊورڊ بيلاڊور جي حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ 03 سينيئر عملدار به شامل آهن. اي ايف پيءَ واضح ڪيو آهي ته اڳوڻي فرانسيسي صدر جيڪ چيراڪ اسلحي وڪڻڻ وارن معاهدن تي رشوت ختم ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته ايڊورڊ بيلاڊور جي حڪومت جڏهن 1994 ۾ پي پي حڪومت ۾ پاڪستان کي آبدوزون ۽ سعودي عرب کي فريگيٽس وڪڻڻ جو معاهدو ڪيو ته ان وقت هٿيارن جي وڪري تي رشوت ڏيڻ معمول واري ڳالهه هئي.
