پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛

طفيل مگسي
هن ڳاله تي سمورا پاڪستاني متفق ٿي سگهن ٿا ته بيشڪ پاڪستان جو تعليمي نظام ڏيوالي جو شڪار آھي.حالانڪ اها صورتحال ته شروع کان ئي جيئن جو تيئن رهي آھي.مگر هن وقت واريون حالتون نهايت ئي خطرناڪ ڏيک ڏين ٿيون.هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ڇا اهو ممڪن آھي ته پاڪستان ۾ ھڪ تعليمي انقلاب آڻي سگهبو؟ يعني اهڙو انقلاب جنهن ۾ ھرهڪ ٻار کي اهڙي تعليمي زيور سان سينگاريو وڃي جيڪو هن وقت مٿين طبقن سان لاڳاپيل ٻارڙن کي حاصل آھي.؛؛ ڇا ان قسم جو انقلاب ٻن ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ آڻڻ ممڪن ٿيندو ؟مون کي ته ائين لڳي ٿو ته تعليمي دنيا ۾َ اسان ايترا ته پوئتي رهجي ويا آھيون ته وڌيڪ وقت وڃائڻ جي ضرورت ناهي. ڇا اهو ممڪن آھي ته تعليمي انقلاب انهن مالي حالتن ۾ آڻڻ ممڪن آھي.جيڪي هن وقت ملڪ کي چئني پاسن کان وڻ ويڙھي جيان گهيريون پيون آھن؟ظاهر ۾ ته اهو ممڪن ڏيک نه پيو ڏيئي.ليڪن هن مضمون جي وسيلي اهو چٽو ڪرڻو آھي ته ائين يقيني طور تي ممڪن آھي مگر شرط ته ملڪ ۽ معاشرو هن جي لاء ٿيار هجن. جيئن ته مون اڳ ۾ به بيان ڪيو هو ته اسلامي دنيا ۾ تعليمي مسئلن جون پاڙون نهايت ئي ڳوڙھيون آھن ۽ انهن جو حل تلاش ڪرڻ جي لاء تعليمي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ انهن مسئلن جو حل تلاش ڪرڻو پوندو.جن جي بدولت.اسلامي دنيا گذريل ڪيترين ئي صدين کان علمي ميدان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ ناڪام رهي آھي.جنهن جو تفصيل سان بعد ۾ ذڪر ڪيو ويندو. هتي منهنجو زور انهن حالتن تي هوندو.جيڪي ملڪي وسيلن جي بنياد تي ممڪن آھي ۽ جن کان اسان جي ۽ ترقي يافته ملڪن جي وچ ۾ فرق جي چٽي تبديلي ڪري سگهجي.انهن جو محور انفارميشن ٽيڪنالوجي جو انقلاب آھي.جيڪو اسان جي زندگي ۾ پيدا ٿيڻ وارو سڀ کان اهم واقعو آھي يعني اهو انقلاب اسان جي اکين جي سامهون ڏسندي ڏسندي چٽيو ٿيو. انٽرنيٽ سان منهنجو پهريون تعارف 1992ع ۾َمنهنجي هڪ ساٿي طبيعات دان جي معرفت سان ٿيو.جيڪو پولينڊ جو رهواسي هو ۽ جنهن سان امريڪا ۾ ملاقات ٿي(هڪ ماهر جو چوڻ).هن مون کي پهريون ڀيرو ڏيکاريو ته اهڙي ريت هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هڪ مڪمل تحقيقي مطالعو بجلي جيان اک ڇنهڀ کان اڳ امريڪا کان پولينڊ پهچي ويو ۽ ان پل ملڻ واري دلچسپي مون کي هينئر تائين ياد آھي. . ان جي ٻن ٽن سالن کانپوء اسان ڏٺو ته ڪمپيوٽر معلومات جي ميسري.تيز ترين راڀطا ڪرڻ .معلومات جي مٽاسٽا ڪرڻ ۽ علم ۡحاصل ڪرڻ جو سڀ کان خاص وسيلو بنجڻ لڳو.ڪمپيوٽر علم جي حاصلات ۾ ھڪ قسم جي جهموريت به قائم ڪري ڇڏي.هينئر ڪو به انسان ڪٿي به وڃي ڪري انٽرنيٽ کان اها سموري معلومات حاصل ڪري پيئي سگهيو هو.جيڪا دنيا ۾ لنهن ٻيئي کي ميسر هئي.اهو هڪ اتساه ڏيندڙ احساس هو.نيٺ ڪٿي ته جهموريت اصل معني ۾ نظر آئي. ٽين دنيا جو هڪ پوئتي پيل ٻھراڙي وارو.جنهن جي انٽرنيٽ تائين پهچ هجي.هو انٽرنيٽ جي وسيلي اٽڪل اهائي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.جيڪا ڪنهن ترقي يافته ملڪ جو رهواسي هڪ اعلي يونيورسٽي ۾ ويهي ڪري حاصل ڪري سگهي ٿو.اها هڪ انساني خواب جي تعبير به هئي ۽ ھڪ سائنسي معاشري جي قيام جي اميد به.هينئر پاڪستان جهڙي ٽين دنيا جي رهواسي جي هر قسم جي معلومات جي پهچ جي وسيلي جي حوالي کان شڪايتن جي سبب جو خاتمو ٿي ويو. هينئر انٽرنيٽ زندگي جي گهٽ وڌ سمورن شعبن ۾ پنهنجي افاديت ثابت ڪرڻ لڳي آھي.هو ڪاروباري شخص سان گڏ سڌوسنئون ڪاروبار ڪري سگهي ٿو.ساڳئيء ريت پاڪستان ۾ ويٺل هڪ شاگرد جي لاء اهي مواقعا پيدا ٿي ويا آھن ته هو دنيا جي اعلي ترين درسگاهن ۾ ڏنل ليڪچرز نه صرف ڏسي سگهي ٿو بلڪ آن لائين ڪورسز کان فائدو به وٺي سگهي ٿو.نه فقط اهو بلڪ هينئر اسان پنهنجي سوچ ۽ خيال دنيا جي هر حصي ۾ وڌيڪ سولائي سان گڏ موڪلي سگهون ٿا. ان حيرت انگيز دريافت کان اهڙا امڪان پيدا ٿي ويا ۽ اميد ڪئي پئي وئي ته پهرين دنيا جي جديد معاشرن ۽ ٽين دنيا جي پوئتي پيل معاشرن جي وچ ۾ علمي وٿي تمام گهٽ وقت ۾ پرجي ويندي ۽ اها اميد به پيدا ٿي ته انسانن جي وچ ۾ رابطا تيز ۽ سولا ٿيڻ سان مختلف ملڪن.مذھبن ۽ تهذيبن سان تعلق رکڻ وارن فردن جي وچ ۾ هڪ لاڳاپو ممڪن ٿيندو.جنهن سان گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جو ماحول قائم ٿيندو ۽ سمورا مسئلا پرامن ڳاله ٻوله جي وسيلي طئي ٿيندا.بين الاقوامي سرحدن جي حيثيت هڪ نشاني طور تي هوندي ۽ اهي لڪيرون اسان جي محبت ۽ ھڪ ٻئي کي سمجهڻ جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻبيون. ليڪن نهايت افسوس جي ڳاله اها آھي ته ائين نه ٿي سگهيو بلڪ حالتون بدتر کان بدتر ٿي ويون.علمي گهٽ ٿيڻ جي بجاء وڌندي وئي.هڪ نسل گذري وڃڻ جي باوجود تعليم جو نظام اونڌي منهن ڪري چڪو آھي.مذھبي ۽ فرقيوراڻو تعصب پنهنجي اوج تي آھي.معاشي اڻبرابري وارو ريشو وڌي رهيو آھي ۽ اسان جو تعليمي نظام اهم مواقعا وڃائي ڇڏڻ جي سبب ناڪامين جي هڪ داستان کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي رهيو.معلومات جا وسيلا محدود .عام ۽ تيز ٿيڻ جي باوجود تعليمي جو وڌي وڃڻ هڪ حيران ڪندڙ ڳاله آھي.جنهن تي الڳ تحقيق ۽ تجزيي جي ضرورت آھي.جيڪو اڄ جو سڀ کان ضروري ۽ اهم.سوال آھي.جنهن جي اهميت کان ڪافي ماڻھو واقف ناهن. هن مضمون ۾ آء ڪجه اهڙين رٿن جي ڳاله ڪندس جنهن تي عمل ڪرڻ سان پاڪستاني نوجوان محدود وسيلن سان گڏ بهترين تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.مگر ان کان اڳ ته آ۽ اهي رٿون پيش ڪيان.مناسب ٿيندو ته پهرين پاڪستان ۾ تعليمي نظام تي روشني وڌي وڃي. سڀ کان پهريون مسئلو پاڪستان ۾ تعليمي سهوليتن جو فقدان آھي.اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ايتري کوٽ آھي ته اسڪول ۽ شاگردن جو انگ نهايت ئي گهٽ آھي.ان ڪري سڀ کان ضروري ۽ اهم ڪم ته اهو آھي ته پهرين ته وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا وڃن.جتي گهٽ ۾ گهٽ پهرين جماعت کان ميٽرڪ تائين تعليم.مفت ۽ لازمي هجي.ليڪن ان جي لاء تمام گهڻا وسيلا گهربل آھن.جن جو حڪومت پورائو نٿي ڪري سگهي.ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجن عياشن تي خرچ ڪري يا تعليم تي خرچ ڪري؛؛؛ٻيو مسئلو استادن جي معيار جو آھي.عمارتن ٺھڻ جي باوجود جيڪڏھن استاد قابل ناهن ته پوء به تعليم.جو.معيار بلند نٿو ڪري سگهجي.هتي هڪ وڏي فيصلي جي ضرورت آھي.پهرين جماعت کان وٺي گريجوئيشن تائين شاگردن کي پڙھائڻ جي لاء تعليم يافته.هنرمند ۽ قابل استادن جي اهم ضرورت آھي. ٽيون مسئلو تعليمي نصاب جو آھي يعني اسان کي سمورين جماعتن جي لاء سمورا مضمون پڙھائڻ جي لاء اعلي درجي جو نصاب گهرجي.هن وقت نصابي ڪتاب هر صوبي جي مختلف ٽيڪسٽ بورڊز جي نگراني ۾َ لکيا وڃن پيا.اعلي معيار جا ناهن. مثال جي طور تي اهي ڪتاب“او-ليول“۽ “اي-ليول“۾ پڙھائيندڙ ڪتابن جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي گهٽيا آھن.اهو هڪ ٻيو سبب آھي.جنهن کان هڪ عام.ماڻھو جي گورنمينٽ اسڪول ۾ پڙھڻ واري ۽ اميرن جي مهانگن اسڪولن ۾ پڙھڻ وارن ٻارڙن ۾َ زمين و آسمان جو فرق آھي.۽ ان کان هڪ معاشرتي فرق به پيدا ٿي چڪو آھي. ايندڙ سوال ته اسان جي تعليمي پاليسي جا مقصد ڇا هجن؟سڀ کان اهم ڳاله ته اها آھي ٿه تعليم کي هر فرد جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي.هن وقت پاڪستان ۾ اڻپڙھلين جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽ آھي.ضرورت هن ڳاله جي آھي ته هر ٻار کي اعلي ڪوالٽي جي تعليم جا برابري وارا مواقعا ميسر ڪيا وڃن.ڪنهن به سياسي مفادن کان مٿاهون ٿي ڪري هڪ قومي مقصد جو اعلان ڪيو وڃي ته ستت ئي ستت ٻن ٽن سالن ۾ اهو ثارگيٽ حاصل ڪيو وڃي. اسان جي تعليمي پاليسي جي منزل اهائي هئڻ کپي ته اهڙا ذھن پيدا ڪيون جيڪي شعور ۽ آزاديء سان سوچڻ جي صلاحيت رکندا هجن.اسان جو اچڻ وارو نسل اهڙن شاگردن تي مشتمل هجي جيڪو جديد علم سان سرشار هجي.تخليقي صلاحيتن سان منور.فيصلي ڪندڙ ۽ ليڊرشپ جي صلاحيتن کان ٽمٽار ۽ ڪنهن به خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن جي شاگردن جي برابر هجي. هاڻي ايترن وڏن وڏن مقصدن تي ڪم جي شروعات ڪٿان کان ڪئي وڃي؟انفارميشن ٽيڪنالوجي جي انقلاب کان ڪيئن فائفو وٺي سگهجي؟هي ڪجه رٿون آھن.جن هن تي ٻيا ماڻهو به سوچيندا هوندا. اسان جي تعليمي پاليسي جو بنيادي نقطو اهو هئڻ گهرجي ٿه اسان ڦيٿن کي ٻيهر ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون.مثال جي طور تي وچولي درجي جا ڪتاب بار بار لکڻ جي بجاء شاگردن کي زبردستي پڙھايا وڃن ٿا.مثلا اميرن جي لاء مقرر تعليمي ادارا جتي“او-ليول“۽ “اي-ليول“جو نصاب نافذ آھي انهن بهترين ڪتابنچونڊي رکيا آھن.جن جو معيار بين الاقوامي آھي.هڪ ڳوٺ ۾ ويٺل هاريء جو پٽ ان تعليمي معيار کان محروم ڇو رهي.جيڪو پاليسي ساز جي ٻار کي حاصل آھي.بهترين ڳاله ته اها آھي ته انهن ڪتابن جا اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ ترجما ڪيا وڃن .جيڪي هر شاگرد جي پهچ ۾ ھجن. هاڻي رهيو استادن جو مسئلو .هتي انفارميشن ٽيڪنالوجي کان فائدو وٺي سگهجي ٿو.سڀ کان پهرين ته اهڙن استادن جي ٽيم کي تيار ڪيو وڃي جيڪي هر سطح تي ۽ پنهنجن پنهنجن مضمپنن ۾ ايڪسپرٽ ھجن.مثال جي طور تي پنجين جماعت کي رياضي.ڇهين جمسعت کي ٿاريخ.انٽرميڊيٽ کي فزڪس .گريجوئيشن کي ڪيمسٽري ۽ ماسٽرز جي شاگردن کي معاشيات .بجاء ان جي ته هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هر مضمون جي پڙھائڻ جي لاء الڳ الڳ استاد هجن.انهن استادن جا ليڪچرز (سبق)سموري ملڪ ۾ “انٽرنيٽ جي زوم ٽيڪنالوجي“جي وسيلي ڏيکاريا ۽ ميسر ڪيا وڃن. ٻيو سهو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي کي ادتعمال ڪندي ٻين انقلابي دطح جي تسليم ٿيل استادن جي هر سطح تي هر مضمون تي مشتمل آڊيو وڊيو ليڪچرز تيار ڪيا وڃن .ان جي دنيا جي بهترين انتظام ڪندڙن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.اهي سبق ليڪچرز خاص ويب سائيٽ تي دستياب ڪيا وڃن.سٺن اسڪولن ۾ شايد اهو طريقي ڪار شايد ڪارگر ٿيئي.ڇاڪاڻ تهاتي ته اڳ ۾ ئي بهترين استاد موجود آھن.اهي رٿون پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ خرچن سان گڏ ھڪ اهڙي انقلاب جو سبب بڻجي سگهن ٿا.جنهن جي وسيلي ڏوراهن علائقن ۾ موجود انهن اسڪولن ۾ سٺي تعليم.جو بندوبست ٿي سگهي ٿو.جتي عام طور تي اهو ممڪن ناهي.انهن اسڪولن ۾ ھينئر استاد جو اهو ڪم هوندو ته زوم ٽيڪنالوجي جي وسيلي يا انٽرنيٽ جي وسيلي ليڪچرز جي وقت شاگردن جو ڌيان ليڪچرز ڏانهن ڇڪايو وڃي. اها ته هڪ شروعاتي سوچ آھي ۽ صرف پيش ڪيا ويا آھن.اهم.ڳاله اها آھي ته اهي سموريون رٿون عمل جي قابل آھن.ضرورت هن ڳاله جي آھي ته ملڪي سطح تي انهن سوچين کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاء منصوبي سازي ڪئي وڃي. سڀ کان وڏو چيلينج اهو ٿيندو ته اهڙي منصوبي کي تعليمي پاليسي جو حصو ڪيئن بڻايو وڃي؟اهڙين غير روايتي ڳالهين جي مختلف ڌرين کان تنقيد هڪ فطري شيء آھي.جنهن ۾ ڪيترن ئي ٻين مسئلن جو نٿو ڪري سگهجي.مٽلا امتحانن جو نظام.ڪيئن هجي ان تي سوچ ويچار جي ضرورت آھي.
مگر اهم.ڳاله اها آھي ته انهن رٿن تي عمل ڪندي گهٽ خرچ سان گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سينگاري سگهجي ٿو.؛؛؛ پيدا ٿيئي ته ڇا اهو ممڪن آھي ته پاڪستان ۾ ھڪ تعليمي انقلاب آڻي سگهبو؟ يعني اهڙو انقلاب جنهن ۾ ھرهڪ ٻار کي اهڙي تعليمي زيور سان سينگاريو وڃي جيڪو هن وقت مٿين طبقن سان لاڳاپيل ٻارڙن کي حاصل آھي ڇا ان قسم جو انقلاب ٻن ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ آڻڻ ممڪن ٿيندو ؟مون کي ته ائين لڳي ٿو ته تعليمي دنيا ۾َ اسان ايترا ته پوئتي رهجي ويا آھيون ته وڌيڪ وقت وڃائڻ جي ضرورت ناهي. ڇا اهو ممڪن آھي ته تعليمي انقلاب انهن مالي حالتن ۾ آڻڻ ممڪن آھي.جيڪي هن وقت ملڪ کي چئني پاسن کان وڻ ويڙھي جيان گهيريون پيون آھن؟ظاهر ۾ ته اهو ممڪن ڏيک نه پيو ڏيئي.ليڪن هن مضمون جي وسيلي اهو چٽو ڪرڻو آھي ته ائين يقيني طور تي ممڪن آھي مگر شرط ته ملڪ ۽ معاشرو هن جي لاء ٿيار هجن. جيئن ته مون اڳ ۾ به بيان ڪيو هو ته اسلامي دنيا ۾ تعليمي مسئلن جون پاڙون نهايت ئي ڳوڙھيون آھن ۽ انهن جو حل تلاش ڪرڻ جي لاء تعليمي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ انهن مسئلن جو حل تلاش ڪرڻو پوندو.جن جي بدولت.اسلامي دنيا گذريل ڪيترين ئي صدين کان علمي ميدان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ ناڪام رهي آھي.جنهن جو تفصيل سان بعد ۾ ذڪر ڪيو ويندو. هتي منهنجو زور انهن اقدامن تي هوندو.جيڪي ملڪي وسيلن جي بنياد تي ممڪن آھن ۽ جن کان اسان جي ۽ ترقي يافته ملڪن جي وچ ۾ فرق واري چٽي تبديلي اچي سگهجي.انهن جو حقيقي محور انفارميشن ٽيڪنالوجي جو انقلاب آھي.جيڪو اسان جي زندگي ۾ چٽي ٿيڻ وارو سڀ کان اهم واقعو آھي يعني اهو انقلاب اسان جي اکين جي سامهون ڏسندي ڏسندي چٽيو ٿيو. انٽرنيٽ سان منهنجو پهريون تعارف 1992ع ۾َمنهنجي هڪ ساٿي طبيعات دان جي معرفت سان ٿيو.جيڪو پولينڊ جو رهواسي هو ۽ جنهن سان امريڪا ۾ ملاقات ٿي(هڪ ماهر جو چوڻ).هن مون کي پهريون ڀيرو ڏيکاريو ته اهڙي ريت هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هڪ مڪمل تحقيقي مطالعو بجلي جيان اک ڇنهڀ کان اڳ امريڪا کان پولينڊ پهچي ويو ۽ ان پل ملڻ واري دلچسپي مون کي هينئر تائين ياد آھي. .
ان جي ٻن ٽن سالن کانپوء اسان ڏٺو ته ڪمپيوٽر معلومات جي ميسري.تيز ترين راڀطا ڪرڻ .معلومات جي مٽاسٽا ڪرڻ ۽ علم ۡحاصل ڪرڻ جو سڀ کان خاص وسيلو بنجڻ لڳو.ڪمپيوٽر علم جي حاصلات ۾ ھڪ قسم جي جهموريت به قائم ڪري ڇڏي.هينئر ڪو به انسان ڪٿي به وڃي ڪري انٽرنيٽ کان اها سموري معلومات حاصل ڪري پيئي سگهيو هو.جيڪا دنيا ۾ لنهن ٻيئي کي ميسر هئي.اهو هڪ استاه ڏيندڙ احساس هو.نيٺ ڪٿي ته جهموريت اصل معني ۾ نظر آئي. ٽين دنيا جو هڪ پوئتي پيل ٻھراڙي وارو.جنهن جي انٽرنيٽ تائين پهچ هجي.هو انٽرنيٽ جي وسيلي اٽڪل اهائي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.جيڪا ڪنهن ترقي رافته ملڪ جو رهواسي هڪ اعلي يونيورسٽي ۾ ويهي ڪري حاصل ڪري سگهي ٿو.اها هڪ انساني خواب جي تعبير به هئي ۽ ھڪ سائنسي معاشري جي قيام جي اميد به.هينئر پاڪستان جهڙي ٽين دنيا جي رهواسي جي هر قسم جي معلومات جي پهچ جي وسيلي جي حوالي کان شڪايتن جي سبب جو خاتمو ٿي ويو. هينئر انٽرنيٽ زندگي جي گهٽ وڌ سمورن شعبن ۾ پنهنجي افاديت ثابت ڪرڻ لڳي آھي.هو ڪاروباري شخص سان گڏ سڌوسنئون ڪاروبار ڪري سگهي ٿو.ساڳئيء ريت پاڪستان ۾ ويٺل هڪ شاگرد جي لاء اهي مواقعا پيدا ٿي ويا آھن ته هو دنيا جي اعلي ترين درسگاهن ۾ ڏنل ليڪچرز نه صرف ڏسي سگهي ٿو بلڪ آن لائين ڪورسز کان فائدو به وٺي سگهي ٿو.نه فقط اهو بلڪ هينئر اسان پنهنجي سوچ ۽ خيال دنيا جي هر حصي ۾ وڌيڪ سولائي سان گڏ موڪلي سگهون ٿا.
ان حيرت انگيز دريافت کان اهڙا امڪان پيدا ٿي ويا ۽ اميد ڪئي پئي وئي ته پهرين دنيا جي جديد معاشرن ۽ ٽين دنيا جي پوئتي پيل معاشرن جي وچ ۾ علمي وٿي تمام گهٽ وقت ۾ پرجي ويندي ۽ اها اميد به پيدا ٿي ته انسانن جي وچ ۾ رابطا تيز ۽ سولا ٿيڻ سان مختلف ملڪن.مذھبن ۽ تهذيبن سان تعلق رکڻ وارن فردن جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو ممڪن ٿيندو.جنهن سان گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جو ماحول قائم ٿيندو ۽ سمورا مسئلا پرامن ڳاله ٻوله جي وسيلي طئي ٿيندا.بين الاقوامي سرحدن جي حيثيت هڪ نشاني طور تي هوندي ۽ اهي لڪيرون اسان جي محبت ۽ ھڪ ٻئي کي سمجهڻ جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻبيون.
ليڪن نهايت افسوس جي ڳاله اها آھي ته ائين نه ٿي سگهيو بلڪ حالتون بدتر کان بدتر ٿي ويون.علمي گهٽ ٿيڻ جي بجاء وڌندي وئي.هڪ نسل گذري وڃڻ جي باوجود تعليم جو نظام اونڌي منهن ڪري چڪو آھي.مذھبي ۽ فرقيوراڻو تعصب پنهنجي اوج تي آھي.معاشي اڻبرابري وارو ريشو وڌي رهيو آھي ۽ اسان جو تعليمي نظام اهم مواقعا وڃائي ڇڏڻ جي سبب ناڪامين جي هڪ داستان کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي رهيو.معلومات جا وسيلا محدود .عام ۽ تيز ٿيڻ جي باوجود تعليمي معيار جو وڌي وڃڻ هڪ حيران ڪندڙ ڳاله آھي.جنهن تي الڳ تحقيق ۽ تجزيي جي ضرورت آھي.جيڪو اڄ جو سڀ کان ضروري ۽ اهم.سوال آھي.جنهن جي اهميت کان ڪافي ماڻھو واقف ناهن. هن مضمون ۾ آء ڪجه اهڙين رٿن جي ڳاله ڪندس جنهن تي عمل ڪرڻ سان پاڪستاني نوجوان محدود وسيلن سان گڏ بهترين تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.مگر ان کان اڳ ته آ۽ اهي رٿون پيش ڪيان.مناسب ٿيندو ته پهرين پاڪستان ۾ تعليمي نظام تي روشني وڌي وڃي. سڀ کان پهريون مسئلو پاڪستان ۾ تعليمي سهوليتن جو فقدان آھي.اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ايتري کوٽ آھي ته اسڪول ۽ شاگردن جو انگ نهايت ئي گهٽ آھي.ان ڪري سڀ کان ضروري ۽ اهم ڪم ته اهو آھي ته پهرين ته وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا وڃن.جتي گهٽ ۾ گهٽ پهرين جماعت کان ميٽرڪ تائين تعليم.مفت ۽ لازمي هجي.ليڪن ان جي لاء تمام گهڻا وسيلا گهربل آھن.جن جو حڪومت پورائو نٿي ڪري سگهي.ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجن عياشن تي خرچ ڪري يا تعليم تي خرچ ڪري؛؛؛ٻيو مسئلو استادن جي معيار جو آھي.عمارتن ٺھڻ جي باوجود جيڪڏھن استاد قابل ناهن ته پوء به تعليم.جو.معيار بلند نٿو ڪري سگهجي.هتي هڪ وڏي فيصلي جي ضرورت آھي.پهرين جماعت کان وٺي گريجوئيشن تائين شاگردن کي پڙھائڻ جي لاء تعليم يافته.هنرمند ۽ قابل استادن جي اهم ضرورت آھي. ٽيون مسئلو تعليمي نصاب جو آھي يعني اسان کي سمورين جماعتن جي لاء سمورا مضمون پڙھائڻ جي لاء اعلي درجي جو نصاب گهرجي.هن وقت نصابي ڪتاب هر صوبي جي مختلف ٽيڪسٽ بورڊز جي نگراني ۾َ لکيا وڃن پيا.اعلي معيار جا ناهن. مثال جي طور تي اهي ڪتاب“او-ليول“۽ “اي-ليول“۾ پڙھائيندڙ ڪتابن جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي گهٽيا آھن.اهو هڪ ٻيو سبب آھي.جنهن کان هڪ عام.ماڻھو جي گورنمينٽ اسڪول ۾ پڙھڻ واري ۽ اميرن جي مهانگن اسڪولن ۾ پڙھڻ وارن ٻارڙن ۾َ زمين و آسمان جو فرق آھي.۽ ان کان هڪ معاشرتي فرق به پيدا ٿي چڪو آھي. ايندڙ سوال ته اسان جي تعليمي پاليسي جا مقصد ڇا هجن؟ سڀ کان اهم ڳاله ته اها آھي ٿه تعليم کي هر فرد جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي.هن وقت پاڪستان ۾ اڻپڙھلين جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽ آھي.ضرورت هن ڳاله جي آھي ته هر ٻار کي اعلي ڪوالٽي جي تعليم جا برابري وارا مواقعا ميسر ڪيا وڃن.ڪنهن به سياسي مفادن کان مٿاهون ٿي ڪري هڪ قومي مقصد جو اعلان ڪيو وڃي ته ستت ئي ستت ٻن ٽن سالن ۾ اهو ثارگيٽ حاصل ڪيو وڃي. اسان جي تعليمي پاليسي جي منزل اهائي هئڻ کپي ته اهڙا ذھن پيدا ڪيون جيڪي شعور ۽ آزاديء سان سوچڻ جي صلاحيت رکندا هجن.اسان جو اچڻ وارو نسل اهڙن شاگردن تي مشتمل هجي جيڪو جديد علم سان سرشار هجي.تخليقي صلاحيتن سان منور.فيصلي ڪندڙ ۽ ليڊرشپ جي صلاحيتن کان ٽمٽار ۽ ڪنهن به خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن جي شاگردن جي برابر هجي. هاڻي ايترن وڏن وڏن مقصدن تي ڪم جي شروعات ڪٿان کان ڪئي وڃي؟انفارميشن ٽيڪنالوجي جي انقلاب کان ڪيئن فائدو وٺي سگهجي؟هي ڪجه رٿون آھن.جن هن کان ٻيا ماڻهو به سوچيندا هوندا. اسان جي تعليمي پاليسي جو بنيادي نقطو اهو هئڻ گهرجي ٿه اسان ڦيٿن کي ٻيهر ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون.مثال جي طور تي وچولي درجي جا ڪتاب بار بار لکڻ جي بجاء شاگردن کي بي ڍنگو ڪورس زبردستي پڙھايا وڃن ٿا.مثلا اميرن جي لاء مقرر تعليمي ادارا جتي“او-ليول“۽ “اي-ليول“جو نصاب نافذ آھي انهن بهترين ڪتاب چونڊي رکيا آھن.جن جو معيار بين الاقوامي آھي.هڪ ڳوٺ ۾ ويٺل هاريء جو پٽ ان تعليمي معيار کان محروم ڇو رهي.جيڪو پاليسي ساز جي ٻار کي حاصل آھي.بهترين ڳاله ته اها آھي ته انهن ڪتابن جا اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ ترجما ڪيا وڃن .جيڪي هر شاگرد جي پهچ ۾ ھجن. هاڻي رهيو استادن جو مسئلو .هتي انفارميشن ٽيڪنالوجي کان فائدو وٺي سگهجي ٿو.سڀ کان پهرين ته اهڙن استادن جي ٽيم کي تيار ڪيو وڃي جيڪي هر سطح تي ۽ پنهنجن پنهنجن مضمپنن ۾ ايڪسپرٽ ھجن.مثال جي طور تي پنجين جماعت کي رياضي.ڇهين جمسعت کي ٿاريخ.انٽرميڊيٽ کي فزڪس .گريجوئيشن کي ڪيمسٽري ۽ ماسٽرز جي شاگردن کي معاشيات .بجاء ان جي ته هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هر مضمون جي پڙھائڻ جي لاء الڳ الڳ استاد هجن.انهن استادن جا ليڪچرز (سبق)سموري ملڪ ۾ “انٽرنيٽ جي زوم ٽيڪنالوجي“جي وسيلي ڏيکاريا ۽ ميسر ڪيا وڃن. ٻيو سهو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي کي ادتعمال ڪندي ٻين انقلابي سطح جي تسليم ٿيل استادن جي هر سطح تي هر مضمون تي مشتمل آڊيو وڊيو ليڪچرز تيار ڪيا وڃن .ان جي لاء دنيا جي بهترين انتظام ڪندڙن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.اهي سبق ليڪچرز خاص ويب سائيٽ تي دستياب ڪيا وڃن.سٺن اسڪولن ۾ شايد اهو طريقي ڪار شايد ڪارگر ٿيئي.ڇاڪاڻ ته اتي ته اڳ ۾ ئي بهترين استاد موجود آھن.اهي رٿون پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ خرچن سان گڏ ھڪ اهڙي انقلاب جو سبب بڻجي سگهن ٿيون..جنهن جي وسيلي ڏوراهن علائقن ۾ موجود انهن اسڪولن ۾ سٺي تعليم.جو بندوبست ٿي سگهي ٿو.جتي عام طور تي اهو ممڪن ناهي.انهن اسڪولن ۾ ھينئر استاد جو اهو ڪم هوندو ته زوم ٽيڪنالوجي جي وسيلي يا انٽرنيٽ جي وسيلي ليڪچرز جي وقت شاگردن جو ڌيان ليڪچرز ڏانهن ڇڪايو وڃي. اها ته هڪ شروعاتي سوچ آھي ۽ صرف تجربي جد طورتي پيش ڪيپون ويون آھن.اهم.ڳاله اها آھي ته اهي سموريون رٿون عمل جي قابل آھن.ضرورت هن ڳاله جي آھي ته ملڪي سطح تي انهن سوچين کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاء منصوبي سازي ڪئي وڃي. سڀ کان وڏو چيلينج اهو ٿيندو ته اهڙي منصوبي کي تعليمي پاليسي جو حصو ڪيئن بڻايو وڃي؟اهڙين غير روايتي ڳالهين جي مختلف ڌرين کان تنقيد هڪ فطري شيء آھي.جنهن ۾ ڪيترن ئي ٻين مسئلن جو نبيرو نٿو ڪري سگهجي.مٽلا امتحانن جو نظام.ڪيئن هجي ان تي سوچ ويچار جي ضرورت آھي. مگر اهم.ڳاله اها آھي ته انهن رٿن تي عمل ڪندي گهٽ خرچ سان گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سينگاري سگهجي ٿو.؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو