ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مقبول موسيقار ۽ گلوڪار ذوالفقار جبار خان عرف زلفي کي آمريڪا جي معروف وينگارڊ آڊيو ليب جي جي فيملي ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. گلوڪار زلفي ان اعزاز کي حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني آهي جنهن آمريڪا جي يونگارڊ آڊيو ليب فيملي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي گلوڪار فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي وضاحت ڪندي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. زلفي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته مان ان ڳالهه جو اعلان ڪرڻ لاءِ بيحد خوش آهيان مون کي آمريڪا جي وينگارڊ آڊيو ليب جي فيملي ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪو مغرب ۾جديد ترين مائيڪرو فون ٺاهيندڙ ليب آهي جيڪو 65 سالن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ آهي. هن وڌيڪ لکيو ته ان جا ڪامياب مائيڪرو فون ۽ اسپيڪر سڄي دنيا جي اسٽوڊيوز ۾ آهن جنهن کي عالمي شهريت يافته فنڪارن استعمال ڪيو آهي جنهن ۾ انجنيئرز ۽ ٽيلر سميت سوئفٽ جهڙي پروڊيوسر سميت بربي هين ڪوڪ، روبرٽ پلانٽ ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. گلوڪار وڌيڪ لکيو ته ان فيملي جو حصو بڻجڻ اعزاز جي ڳالهه آهي جنهن ۾ نه صرف گريمي کٽيندڙ ميوزڪ پروڊيوسر پر سڄي دنيا جا انجنيئر ۽ پروڊيوسر به شامل آهن. واضح رهي ته گلوڪار زلفي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1994 ۾ ڪئي ۽ هاڻي ان کي پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جو بهترين فنڪار سڏيو وڃي ٿو. هن کي هندستان ۾ ايئرٽيل ريڊيو مرچي ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي. زلفي جو تازو پراجيڪٽ نيس ڪيفي بيسمنٽ آهي جنهن ۾ هو هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
عمران گرينڊ ڊائلاگ چاهي ٿو اچي اسين تيار آهيون، تارڙ
ايوانِ صدر ۾ سول اعزاز ورهائڻ جي تقريب
ڪراچي ۾ برسات، ننڍن جهازن جي اڏام تي پابندي
ڪميشن جو فيصلو درست آهي:مريم اورنگزيب
سپريم ڪورٽ بار جو چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سڀني کي ڪم ڪرڻو پوندو: صدر
حسان نيازي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد
پاڪستان جو قيام 20 صدي جو معجزو آهي: وزيراعظم
ستاره امتياز ايوارڊ ملڻ کانپوءِ بابر اعظم جو پهريون ٽوئيٽ
رمضان ۾ بئنڪن جو شيڊيول جاري
واٽس ايپ گروپن لاءِ 3 نوان فيچر متعارف
يومِ پاڪستان،مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب
خراب موسم سبب يوم پاڪستان جي پريڊ ملتوي
عمران خان پنهنجي قتل ڪرڻ جي سازش جا ثبوت ڏي: مير
عمران خان ۽ ساٿين تي داخل 127 ڪيسن جي لسٽ عدالت ۾ پيش
اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري آئين ٽوڙيو: عمران خان
عمران جو ايجنڊا فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪمزور ڪرڻ آهي: گورنر
اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ آرڊيننس پاس ڪيو آهي: مراد شاهه
ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ واڌ، 1 ڄڻو فوت
پنجاب ۽ ڪي پي بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو درست آهي: عرفان قادر