ٽيلر سوئفٽ گريمي ايوارڊز کٽي هڪ ٻيو رڪارڊ قائم ڪري ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ گريمي ايوارڊ کٽڻ سان گڏ هڪ ٻيو اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گريمي ايوارڊز 2024ع ۾ ٽيلر سوئفٽ (مڊ نائيٽس) جي البم آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽي ورتو.رپورٽن مطابق گريمي ايوارڊز جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن فنڪار ان ڪيٽيگري ۾ چار ڀيرا ايوارڊ ماڻيو آهي.ايوارڊ وصول ڪندي 34 ورهين جي ٽيلر سوئفٽ چيو ته منهنجي لاءِ اهو ايوارڊ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن سان مون کي تمام گهڻو پيار آهي ۽ ان سان مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.ٽيلر سوئفٽ چيو ته هي ايوارڊ انهن لاءِ به خوشي جو باعث آهي جن مون کي ووٽ ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ جو البم (مڊ نائيٽس) آڪٽوبر 2022ع ۾ رليز ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو