ٻولي.طاقت ۽ سياست

طفيل مگسي
عام طور تي روزاني واري زندگي ۾ اڪثر ڪري اهڙن سماجي علمن جا لفظ\ تصور استعمال ڪيا ويندا آھن\ وڃن ٿا.جيڪي ظاھر منجه نهايت ساڌڙا هوندا آھن.مگر حقيقت ۾ انهن جي رائج ٿيڻ جي پٺيان واري تاريخ جي سماجي.سياسي ۽ معاشي حالتن ۽ طاقت جي پروڙ ئي ناهي هوندي.سماجي علمن جا ڳڏا وڏا لفظ \ تصور ڪڏھن( Natural ) يا غيرجانبدار ناهن هوندا.ڇاڪاڻ ته انهن جا مفهوم مختلف گروپن \ ملڪن جي حساب کان مختلف هوندا آھن.اهڙوئي هڪ لفظ يا تصور يعني تهذيب(     Civilization) پڻ آھي.جيڪو چوڻ ۾ ته ساڌڙو آھي.ليڪن اهو هڪ اهڙو تصور آھي ته جنهن تاريخ  ۾ ڪمزور گروپن ۽ ملڪن تي بي انتها انسانيت کان ڪريل ظلم وستم برپا ڪيا.تهذيب جيڪا اڻويهين صديء ۾   ٿي ۽ بدقسمتي سان انهيء طاقتور   گهڙيو ۽ استعمال ڪيو يعني(  European colonialism ).بيشڪ ٺيڪ انهيء وقت ڊارون جي ارتقا وارو نظريو پڻ نروار ٿيو هو.جنهن کي يورپ پنهنجي استعماريت يعني(  colonialism ) کي سگه ڏيڻ طور تمام.گهڻو استعمال ڪيو ۽ نام نهاد يورپ تهذيب کي اهڙي جديديت ۾ جوڙيو ته جيڪا ارتقائي منزلون طئي ڪندي اڳتي وڌندي هجي.هنن هندستان ۽ افريقا کي(  colonize )ڪري پنهنجي استعماريت جو سبب اهو پيش ڪيو ته اهي انهن پٺتي پيل ۽ جاهل ماڻھن کي تهذيب کان واقفيت ڏيڻ وارو فرض پورو ڪرڻ آيا آھن.۽ ان استعماريت ۾ مسيحي پادرين به پنهنجن آقائن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ماڻھن ۾ مسيحيت جي پرڇار ڪئي.
استعماريت ۾ ڇا ٿيو ته ڪيئن نه انڊيا ۽ افريقا کي ڦريو ويو.جيڪو دور هن وقت تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آھي.انڊيا جنهن کي سون جي جهرڪي سڏيو ويندو هو ۽ هن جي بدن جو هڪ هڪ پار پٽيو ويو ۽ کنڀ کنڀ ڪٽيو ويو.۽ افريقا ۾ سون ۽ هيرن جي ڦرلٽ سان گڏوگڏ غلامن جو واپار پڻ ڪيو ويو.جنهن ڳاله جو اقرار هينئر پاڻ اوله جا دانشور پڻ ڪن ٿا ته يورپ جي امير بنجڻ ۾ انڊيا ۽ افريقا جي عوام جو رت و پگهر شامل آھي.جيئن ته ( Leo huberman ) پنهنجي ڪتاب( Wheel of fortune) ۾ اعتراف ڪيو آھي.
يورپي استعمار وٽ ته تهذيب جي معني ظاھريت ۾ ته نهايٿ ئي مثبت هئي.ليڪن جيڪڏھن هندستان  ۽ افريقا جي ماڻھن يا( colonized countries  ) کان پڇو ته تهذيب جي معني صرف ڦرلٽ آھي.يعني گورن تهذيب جي نالي تي مقامي ماڻھن ۽ انهن جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي.جنهن کي هڪ مقامي پادري جي حوالي سان تمام.سٺن لفظن ۾ هينئن بيان ڪيو آھي.“جڏھن اهي آيا ته انهن وٽ بائيبل هو ۽ اسان وٽ زمين.مگر جڏھن وڃڻ لڳا ته انهن وٽ نه زمين هئي ۽ اسان وٽ بائيبل“ان ڪري سماجي علمن جا ماهر ائين چون ٿا ته تهذيب جي جڳه ڪلچر يا تمدن جو لفظ استعمال ڪيو وڃي.ڇاڪاڻ ته جڏھن تهذيب جو لفظ ڳالهايو وڃي ٿو ته ان منجهان ( Superiòrity) يا برتري جي بدبوء اچي ٿي يعني اسان کي وري اهو مڃڻو پوندو ته ڪا تهذيب يا بدتهذيبي به هوندي آھي.جيڪڏھن ڪلچر جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ته ان ۾ برتري يا  گهٽ جو ڪو شڪ نٿو ٿيئي.ڇوته ڪلچر(  unique) منفرد آھي.مگر ننڍو وڏو يا برو ڀلو ناهي.بس مختلف هوندو آھي. ۽ اھائي سندس خوبصورتي هوندي آھي.
انهيء ريت ترقي يا ( Development ) جو تصور .جنهن جي پٺيان به اولهائين استعمار يا استحصال جي ڊگهي تاريخ آھي.ويهين صدي خاص ڪري ٻي عالمي جنگ کانپوء جڏھن دنيا ٻن طاقتن \ بلاڪس  يعني ڪيپيٽلسٽ ۽ ڪميونسٽ ۾ ورهائجي وئي ته ڪيپيٽلسٽ مغرب ٽين دنيا ۾ سوشلزم \ ڪميونزم کي روڪڻ جي لاء( Development theory ) کي اڳتي وڌايو۽ دولپمينٽ جي نالي تي هڪ تير ٻه شڪار ڪرڻ لڳي.هڪ ته ٽين دنيا جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ ۽ ٻيو قرض ۽ امداد ڏئي ڪري ٽين دنيا جي ملڪن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڪري سوشلزم جو رستو روڪڻ جي جوشش ڪئي.انهيء سرد جنگ جي عرصي ۾ مغرب يا ڪيپيٽلسٽ ملڪن ٽين دنيا ۾ پنهنجا فلاحي ادارا( NGOs) به کولي ڇڏيا .جيڪي قرض ۽ امداد ڏيڻ سان گڏوگڏ جاسوسي جا فرض به ادا ڪندا هئا ۽ اڄ تائين ڪندا اچن ٿا ۽ ميزبان ملڪ ۾ رهي ڪري سياسي جوڙ ٽوڙ جي راند به کيڏندا رهيا.(  Development  ) کي غريب ملڪن جي مسئلن کي هڪ زهرجي طور تي پيش ڪيو ويو ۽ ترقي جا ساوا باغ ڏيکاريا ويا.مگر ٽين دنيا جون حالتون نه بدلائي سگهيا.ڇاڪاڻ ته دولپمينٽ جو مقصد غريب ملڪن جي ترقي نه هئي بلڪ سياسي ۽   (stragetic)هو.ٽين دنيا کي ٻن بلاڪس جي  طاقتور سياست ۾ ڌڪيو ويو يا ائين چئجي ته ڊولپمينٽ کي سوشلزم جي روڪ جي لاء ھڪ هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو ويو.
گذريل ڪجه عرصي لان ڊولپمينٽ جي خطرناڪ اثرن بابت گهڻو ڪجه لکيو ويو آھي ۽ دولپمينٽ کي به ( Neo colonialism ) جي طور تي ڏٺو ويو آھي ۽ ا ها ڀرپور تنقيد ارتروايسڪوبار پنهنجي مشھور ڪتاب ( Encountring development ) ۾ ڪئي آھي.
ايسڪوبار مثل فوڪو جي ڊسڪورسپيراڊائم جي تحت ڊولپمينٽ کي ڏٺو آھي.جنهن جي تحت طاقتور ملڪن ڊولپمينٽ جو نظريو گهڙي ڪري ٽين دنيا ۾ پنهنجا پير ڄمايا ۽ انهن جي وسيلن کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ ان قسم جو سلسلو هن وقت به جيئن جو تيئن جاري آھي ..

پهنجو تبصرو موڪليو