يونيورسٽي آف نوشھروفيروز جو قيام عمل ۾ آڻيو!!!

اعجاز ممنائي
آڪٽوبر 1989ع ۾ نوشهرو فيروز کي ضلعي جي حيثيت ملي. هيءُ خطو عالمن، اديبن، درسگاهن ۽ خانقاهن وغيره سان سرشار رهيو آهي. اوائلي دور کان ھي پرڳڻو علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز رهيو آهي. تاريخي لحاظ کان هي علائقو سنڌي ٻوليءَ جو وچولو ڪوٺيو ويو آهي؛ هتان جي ٻولي معياري ليکي وڃي ٿي.
موجوده وقت ۾ محرابپور، ڪنڊيارو ، ڀريا، نوشهرو فيروز ۽ مورو تعلقن کي ’ساهتي‘ پرڳڻي ۾ ليکيو وڃي ٿو. 1912ع ۾ نوابشاهه نئون ضلعو ٿيو، ان کان اڳ هن ضلعي جي سموري ايراضي ڪنڊيارو کان وٺي ٽنڊي آدم تائين، حيدرآباد ضلعي سان شامل هئي، موجوده نوشهرو فيروز جون حدون به ان ۾ شامل هيون۔ ساهتي پرڳڻي جي تاريخ پڻ قديم آهي. هيءُ پرڳڻو اوائلي دؤر کان وٺي علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز هو. ساهتي پرڳڻي جو تاريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به مورخ تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار هو.
ساهتيءَ وارو علائقو سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ سرسبز ۽ شاداب رهندو آيو آهي. هتي جي ماڻهن جون رسمون ۽ رواج، ڳالهائڻ جو لهجو، معيارِ زندگي، علم و ادب، فيض و فڪر سڀ مخصوص نوعيت وارا آهن. سنڌيءَ جو ساهت پڻ هتان پروان چڙهيو. عربن جي قبضي کانپوءِ هتي انيڪ درسگاهون ۽ خانقاهون قائم ٿيون.
وچ واري دور ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي کي سنڌ جي مرڪزي خطي واري حيثيت حاصل رهي. انگريزن جي زماني ۾ جيئن ئي نصابي طور لکت جي ابتدا ٿي ۽ نئون رسم الخط عمل هيٺ آيو ته ان وقت حيدرآباد ويجهو وچولي لهجي ۽ ساهتي لهجي کي سامهون رکي هڪ معياري لهجو مقرر ڪيو ويو، جيڪو هينئر به نصابي ڪتابن ۽ ادبي زبان لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. هتان جي لهجي کي ’ادبي لهجو‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي باقي ٻين سڀني علائقائي لهجن واريون صوتي خوبيون موجود آهن.
علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون: ساهتي پرڳڻي بابت، مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي اسريل سنڌ جي ساهت (ادب)، علم ۽ زندگيءَ جي ٻين پهلوئن سنڌي ماڻهن جي سدائين نمائندگي پئي ڪئي آهي۔ ساهتي پرڳڻي کي مجموعي طور سنڌ جي دانش علم، ادب توڙي سماجي قدرن جي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل آهي. ان جي باوجود سڄي ضلعي اندر اڄ ڏينهن تائين هائير ايڊيوڪيشن لاء ڪا يونيورسٽي نه ملي سگهي آھي جيڪا نهايت ڏکوئيندڙ ڳالهه آھي ته علمي ميدان ۾ سرسبز ضلعو ، وڏن وڏن عهدن تي پهتل هتان جا ماڻھو ان طرف ڌيان نه ڏئي سگهيا آھن۔ انڪري حڪومت سان گڏ عملي ميدان ۾ سرگرم تعليم يافته شخصيتن کي ادب جاهٿ ٻڌي پنهنجي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاء اپيل ٿي ڪجي ته هائير ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ ڪئمپسز کي ضم ڪري يونيورسٽي آف نوشهروفيروز جي نالي سان هڪ عام/ جامع يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي. ضلعي نوشهرو فيروز، جنهن کي ساهتي پرڳڻو به چيو وڃي ٿو، تاريخي اهميت رکي ٿو، هتي هڪ قديم تعليمي مرڪز مدرسه هاء اسڪول موجود آهي. جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي نامور اديب، شاعر، تعليمي ماهر علم جي زيور سان سينگارجي چڪا آھن. ضلعي نوشهروفيروز جي ڪل آبادي 1,612,047 آهي، جنهن ۾ 831,392 مرد ۽ 780,446 عورتون آهن. انهن مان 582,342 ماڻهن جي عمر 10 سال يا ان کان مٿي آهي، پر صرف 86,574 (50,590 مرد ۽ 17,975 عورتون) انٽرميڊيئيٽ جي تعليم پاس ڪن ٿا، ان کان علاوه، 7,689 گريجوئيٽ جو تعداد صرف 33,705 آھي (26,013 مرد ۽ 7689 عورتون آهن جيڪي پرائيويٽ ڪاليجن مان ڊگريون حاصل ڪن ٿيون)ان مان ظاهر آھي ته آباديء جو هڪ اهم حصو خاص طور تي عورتون يونيورسٽي ائين جي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آھن. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشهرو فيروز گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي ۾ 2013ع ۾ قائم ڪئي وئي، هي ڪيمپس بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انگلش لٽريچر جا چار سالا ڊگري پروگرام ڪرائي رهي آھي پر ان ۾ ڪلاس رومز، آڊيٽوريم جي جاءِ نه هجڻ، ٽرانسپورٽيشن جي سهولتن ۽ چئلينجز جو فقدان آهي. فيڪلٽي اسٽاف ۽ شاگردن لاء رهائشي سهولتن جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ضلعي ڪائونسل ۽ ڊي سي آفيس جي ڀرسان موجود 10 ايڪڙ زمين مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي نالي تي رجسٽر ٿيل آهي. جڏهن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي بينظير آباد ڪيمپس پڻ 2013 ۾ نوشهروفيروز جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي احاطي تي قائم ڪئي وئي، هي ڪيمپس انفارميشن ٽيڪنالاجي بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ انگريزي ادب ۾ چار سالن جا ڊگري پروگرام پيش ڪري ٿي. سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس وانگر، ان ۾ ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جهڙين ضروري سهولتن جو فقدان آهي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور لا ڪاليج 2003ع ۾ نوشهروفيروز گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي احاطي تي قائم ڪيو ويو، ڪاليج 5 سالن جو ايل ايل بي ڊگري پروگرام پيش ڪري ٿو. بهرحال، اهو به فيڪلٽي جي باقاعده نقل و حمل، رهائش ۽ ٻين ضروري سهولتن جي کوٽ ۽ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آھي. اھو چڱي طرح سمجھيو ويو آھي ته ھڪڙو عام /جامع يونيورسٽي ماڊل جيڪو انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ قانون سميت تمام شعبن ۾ تدريس ۽ تحقيقجي پيشڪش ڪري ٿو. هونء به سائنس، آرٽس، تعليم، ڪاروبار ۽ انتظام، فلسفو، دينيات وغيره، جا مضمون تمام گهڻو فائديمند آهن ۽ وسيلن جي بھترين استعمال جي اجازت ڏين ٿا، اھڙيء طرح عالمي يونيورسٽي جي درجه بندي جي حيثيت کي وڌائڻ دوران مالي ۽ وقت جي اوور هيڊ کي گھٽائي ٿو. خاص طور تي روس ۽ چين، جهڙا ملڪ ان جي فائدن کي تسليم ڪن ٿا، عام / جامع يونيورسٽي ماڊل طرف واپس وڃي رهيا آھن۔ برطانيه، آمريڪا ڪئنيڊا، آسٽريليا، جرمني ۽ فرانس وانگر ترقي يافته ملڪن گهڻو وقت هن نموني کي اپنايو آهي. تازو مٿيون HEIS‏ جي سربراهن جي نمائندن سان هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو ۽ انهن ادارن کي هڪ ۾ ضم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ عوام جي وسيع مفادات خاطر يونيورسٽي جو نالو يونيورسٽي آف نوشهروفيروز تجويز ڪيو ويو. ان ڪري چونڊيل نمائندن کي عرض ڪريان ٿو ته يونيورسٽي آف نوشهروفيروز بل 2024 سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن نوشهروفيروز ضلعي جي عوام کي معياري اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهجي. هن بل ۾ نوشهروفيروز يونيورسٽي جي قيام ۽ ان کان اڳ قاعدن ۽ قانونن سان گڏ طب، انجنيئرنگ، قانون، قدرتي سائنس، فارميسي، نظريه، سماجي سائنس، ڪاروبار ۽ ڪامرس جهڙي فيڪلٽيز جو قيام شامل ٿيڻ گهرجي. اميد ته سنڌ سرڪار پيش ڪيل تجويزن تي عمل ڪري ٻنهي ڪئمپس کي گڏ ڪري يونيورسٽي آف نوشھروفيروز جو قيام عمل ۾ آڻي مڪمل يونيورسٽي جي عمارت ٺاهي نوشھروفيروز جي عوام جون دليون کٽيندا ته جيئن ايندڙ نسل کين سدائين سونهري اکرن ۾ ياد ڪندو رهندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو